نثارابڙو
نائب منتظم
استاد بخاري جي شاعري

http://imageshack.us
ڏاڍا اوکــــــــا ويڙهــــا آهيــون، دريـــــا خـــان ۽ دودا آهيـــــون،
جوٽـــــي ڏينــدا جھيــــــڙا آهيـــــون، ڏاڍا اوکــا ويڙها آهيـــون.
هوشو جيئرو جــوش ڏئي ويـــو، هيمون آجو هوش ڏئي ويـــو،
دوَر نئيــــن جــــــــا دودا آهيــــون، ڏاڍا اوکـــا ويــڙهـا آهيـــون.
اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهنــدو، ڇهندي ٻرنــــــدو،
بجـــلـــــــي وارا جھٽــڪـــا آهيـــون، ڏاڍا اوکــا ويــڙها آهيـون.
سورهن آنا سچ ته آهيــون، شــاهه، سچل جو مَچَ ته آهيـون،
طــــوفانـــن ۾ ٻـــــرنــــدا آهيــــون، ڏاڍا اوکــا ويڙهـــا آهيـــون.
ماضـــي جـــــا مهمان نه آهيون، آئينـــدي جـــــا اعلان آهيون،
تـــازا تــــوانا تجــــلا آهيـــــون، ڏاڍا اوکـــــا ويـــــڙها آهيـــــون.
تحريــــڪـن جــــي طـــــوفانــــن ۾، آزاديءَ جـي ايــــوانــن ۾،
ڳــــاڙهـــا جھنــــڊا ڦڙڪيــــا آهيـــون، ڏاڍا اوکـــا ويڙها آهيون.
جرڪي جرڪي جئيندا آهيون، مُرڪي مُرڪي ملهندا آهيون،
جيئـــرا هيــاسيــــن، جيئـرا آهيــــون، ڏاڍا اوکــــا ويڙها آهيون.
دِلــــوارن لئه موتئــيءَ ٽــاري، دوڌارن لئـــه ڪــــات، ڪٽــاري،
بلـــڪِ بخــــاري، ڀالا آهيــــون، ڏاڍا اوکــــا ويــــڙهـــا آهيــــون.