رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ آدرش علي طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2012۔

  1. آدرش علي

    آدرش علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    jobless
    ماڳ:
    karachi
    سنڌ واسين کي گھرجي تہ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجي وڃن ڇو تہ اھو ئي ھڪ واحد ذريعو آھي جنھن جي تحت اسان سنڌي پنجابي مھاجر مستقل مفادن مان پنھنجي جان ڇڏائي سگھنداسين نہ تہ سدائين ائين ئي پيا موچڙن ۾ ھوندا سين۔ منھنجي ھر سنڌ واسي کي اھا گذارش آھي تہ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ڪتاب سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ جو ضرور مطالعو ڪن۔
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    ڀاو آدرش علي، لک لائق جو توهان اسان سان اها آدرش واري ڳاله ونڊ ڪئي،، پر منهنجا ڀا توهان ڇا ٿا سمجهو ته هن موجوده دور ۾ رهبر سنڌ جي ان قومي مفاد واري نظريي کي سنڌي قوم ڱي ڪيتري ضرورت آهي، ۽ ٻيو ته ڪهڙي ريت سائين جو نظريو ان اٻوجهه ماڻهن تائين پهچائجي، اسان کي ڪهڙا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، اسان کي ڪهڙي رهبري جي ضرورت آهي، اسان ڪنهنجي اڳواڻي ۾ اهو ڪم اڳتي پهچائي سگهون۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    سڀ قومپرست ڌريون جيڪي سنڌ جي ڳالهه ڪن ٿيون انهن مان اڪثريت سائين جي ايم سيد سان گڏ رهي آهي ۽ گهڻن جو روحاني رهبر ۽ مقصد ساڳيو آهي۔ پر اسان جي بدقسمتي جون واٽون ويهه ٿي پيون آهن ۽ گڏجي نه ٿا سگهون۔ اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي آجپي واري تحريڪ ناڪام ٿي آهي۔

    جڏهن اڳواڻ پاڻ ۾ نٿا گڏجي سگهن ته پوء هو عوام کي ڪيئن قائل ڪري سگهندا۔ مون سائينء جا تقريبن سمورا ڪتاب پڙهيا آهن ۽ سندس گهڻين ڳالهين کان متاثر آهيان پر ڳالهه وري به اڳواڻي ڪندڙن تي اچي ٿي ته ڪيئن ٿا هو قوم کي صحيح دڳ تي آڻين۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    سائين وساڻ صاحب، اسان ڇو ايترا بيوس ، لاچار، ۽ مجبور ٿي پيا آهيون۔ جڏهن ته اسان وٽ نّظرياتي ۽ علمي خزانو پڻ موجود آهي،۽ اسان دنيا جي سمورين تهذيب يافته قومن جيان پنهنجو قيمتي علمي،ادبي، توڙي ثقافتي اثاثو رکندڙ قوم پڻ آهيون پو به اسان جي ڪهڙي بدقسمتي آهي جو اسان پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي سڌي ۽ سهڻي ريت ترجماني نٿا ڪري سگهون۔ ۽ هن وقت به اسان ڪنهن اهڙي رهبر جا منتظر آهيون جيڪو اسان کي دڳ وٺرائي، جڏهن ته، رهبر سنڌ ۽ لطيف سرڪار جهڙن رهبرن جو فلسفو اسان جي هٿن ۾ پڻ آهي۔ اسان وٽ دڳ جي نشاندهي ته اهي ئي ڪري ويا آهن، منزل کي ماڻڻ جو ڏانوَ به ڏئي ويا آهن پو به اسان ايترا اڻڄاڻ ۽ لا علم ڇو آهيون؟
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    منهنجا ڀاء ڳالهه اڻٍڄاڻائيء جي ناهي پر ڳالهه آهي اتحاد جي ۔۔۔۔۔۔۔۔

    جڏهن اتحاد نه هوندو ۽ قوم ڇڙ وڇڙ هوندي ته پوء لطيف جا سڀ بيت بي اثر ٿي ويندا، ڳالهه عمل جي آهي۔ سنڌي قوم جي اها بدقسمتي چئو يا روايت پر هوء هاڻي ننڍن ننڍن گروهن، قبيلائي گروهن، ذاتين ، مذهبي فرقن، سياسي گروهن ۾ ورهايل آهي۔ تنهنڪري سياسي گروهن جي اڳواڻي ڪندڙ دوستن کي ئي هڪ هنڌ ويهي سوچڻو پوندو يا اسان کي ڪي نوان اڳواڻ چونڊڻا پوندا جيڪي اسان جي حقيقي نمائندگي ڪن۔

    رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي هوندي ئي سندس تنظيم ٻن گروهن ۾ ورهائجي وئي هئي، اهي ڳالهيون مڃڻيون به پونديون ته انهن جو حل به ڳولڻو پوندو۔ باقي اکيون بند ڪري سمهي پئجي ۽ چئجي ته لطيف جو فلسفو موجود آهي ته پوء ته اسان جي حالت اڃان وڌيڪ خراب ٿيندي۔ اسان کي مايوس ناهي ٿيڻو پر عدم تسدد جي واٽ تي هلندي ماڻهن ۾ وڃي، انهن جي ڏک سور جو ساٿي بنجي انهن کي قائل ڪرڻو آهي۔
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    پر منهنجا ڀا گرهن ۾ تبديل ٿيڻ فطري عمل آهي، پر جيڪڏهن سڀني جو مقصد ۽ منزل ساڳيو ٿي پوي ته پو ڪير به اتحاد کي ٽوڙي نه ٿو سگهي، پر جتي ذاتي مفاد سامهون اچي ٿا پون ته اتي سوچ ڪمزور ٿيو پوي، ذاتي مفاد تي پو قومي يڪجهتي ۾ به ڏار پيدا ٿيو پون، جيسيتائين اسان کي پنهنجا ذاتي مفاد ڇڏڻا نه پوندا، تيسيتائين اتحاد به ڪنهن صورت ۾ قائم نه ٿو رهجي سگهجي،، پر مان سمجهان ٿو اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا هوندا جيڪي قومي مفاد کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏين ٿا۔۔ پر افسوس جو اهي ويچارا سر راهه ماريا وڃن ٿا جيڪي قومن لا پنهنجو ابو ۽ اجهو ڇڏي قوم جي تقدير بدلائڻ لا هر پهر اوجاڳن ۾ گذارن ٿا ته جئين قوم جي حالت بدلجي سگهي۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    ادا عباسي صاحب انهن آنڱرين تي ڳڻڻ جهڙن سچن ليڊرن جي به وضاحت ڪريو، ۽ انهن غدارن ذاتي مفاد پرستن جي به نشاندهي ڪريو تاڪه قوم سڄاڳي ٿي پوي ۽ پنهنجن سچن ليڊرن ۽ مفاد پرست غدارن ۾ فرق ڪري سگهي۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    سائين محترم جي ايم سيد، پاڪستان جي خلاف ڪو ائين ئي نه ٿيو هيو،”جنهن جي ڄم مان ماڻهون واقف هوندو آهي انهنجي ڏندن ڳڻڻ جي ضرورت ناهي پوندي“

    محترم جي ايم سيد پاڪستان جي ٺهڻ مان واقف هيو، جنهنکي ٺاهيو ته مسلمان قومن جي اتحاد ۽ ترقيءَ جي نالي تي ويو هو پر پوءِ انکي انگريزن جي غلام فوج جي هٿ ۾ ڏئي پنجاب جي بالادستي قائم ڪئي وئي ۽ مهاجرن کي هندستان مان گهرائي ان سان گڏ اردو ٻولي آندي وئي ۽ لکين ماڻهون مارايا ويا ۔۔۔ قومن جو انڪار ڪيو ويو ۽ ڪڏهن ون يونٽ ته ڪڏهن مارشل لا ته ڪڏهن ڪنهن سولين ڊڪٽيٽر هٿا پنهنجا من پسند فيصلا ڪرائيندا رهيا آهن۔ ۽ قومي استحصال جو ڄڻ ته ٺيڪو کنيو ويو هجي۔

    بنگال جو قتلام هجي يا ڪشمير جي ويڙه هجي يا هندستان سان جنگيون، روس خلاف جهاد جو سڏ هجي يا انهن ئي جهادين خلاف وري جهاد جو نظريو، اهي سمورا پين اسلامزم جي جهنڊي هيٺان سامراجي عمل آهن ۔۔۔

    ان سبب ڪري سنڌ ۽ لطيف سرڪار جي فڪر جي پوئلڳ جي ايم سائين ان مستقل مفاد ۽ قومن جي دشمن پاڪستان جي مخالفت شروع ڪئي ۽ آخر ۾ انکان بيزاريءَ جو نظريو ڏئي سنڌوديش آزاد ڪرائڻ جي صلاح ڏني ۔۔۔

    هن وقت پاڪستان جي ٺهڻ کي 7 ڏهاڪا گذرڻ وارا آهن پر پنهنجي سيني تي هٿ رکي ڪا هڪڙي ڀلائي، ڪو هڪڙو اهڙو ڪم جيڪو مسلمان قومن جي ڀلائيءَ يا انهن جي ترقيءَ لاءِ ڪيو ويو هجي ۔۔۔۔؟ جي سچ جو ساٿ ڏيندي ۽ اکين تان پٽي لاهي ڏسندا ۽ ايمانداريءَ سان جواب ڏيندا ته ڪا به چڱائي نظر نه ايندي ۔۔۔۔ باقي جيڪي پين اسلامزم يا اهي ماڻهون جيڪي هميشه يزيدي فوج جا ساٿي رهيا آهن انهنکي ته بنگالين جي 30 لک مسلمانن جي مارڻ ۾ به جنت نظر ايندي آهي ۔۔۔

    پر اسين لطيف جي فڪر کي سچو اسلام مڃڻ وارا ان قتلام کي دنيا جو ڀيانڪ ترين واقعو قرار ڏيندي پاڪستان ۽ انجي فوج کان نفرت جو اظهار ڪريون ٿا ۔۔۔۔

    هن وقت سنڌ ملڪ جيڪو سون جي ڪڪڙ ٿي سامراج جو هٿيار ٿي استعمال ٿي رهي آهي، انکي ڀاڱا ڪرڻ يا انکي آزاد نه ڪرڻ لاءِ نت نوان حربا استعمال ٿي رهيا آهن، ملان کي استعمال ڪري، قومن، قبيلن کي ويڙهائي راڄ ڪرڻ وارو ڪم جاري ۽ ساري آهي، ماتحت قومن جي سڄاڻ ۽ ڏاهن اڳواڻن کي قتل ڪرائڻ به سندن جي راند آهي۔

    ۔۔۔ شاهنواز ڀٽي کي ٻاهرين ملڪ ۾ زهر ڏئي مارايو وڃي ٿو پر سامراجي گڏي الطاف کي پاليو پيو وڃي ۔۔۔۔ ڀٽي خاندان سميت جيئي سنڌ جي اڳواڻن کي ته مارايو ٿو وڃي ۽ سختيون سهايون ٿيون وڃن پر پنجاب ۽ پين اسلامزم جي ملن کي پاليو پيو وڃي ۔۔۔۔

    الله ڏاهي مَ ٿيان ۔۔۔ اسين پاڪستان جي سامراجي شڪل کان نفرت جو اظهار ڪندي، سنڌو ديش جي آزاديءَ کي پنهنجو نصب العين سمجهون ٿا، سنڌيو اچو ته گڏجي هڪ مٺ ٿيون ۔۔۔ هر نظرئي جي ماڻهونءَ کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪجي ٿي ته هو سنڌي قوم کي بچائن ۽ اڳتي وڌي پاڻ مان سچا اڳواڻ ۽ مجاهد پئدا ڪري قوم ۽ ملڪ کي بچائن۔ نه ته لطيف جي زبان ۾ ؛

    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تينن کــي هوءِ، وطــــن جن وساريو۔
     
  9. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    بلڪل ادا جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ ئي مسئلي جو حل آ
     
  10. آدرش علي

    آدرش علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    jobless
    ماڳ:
    karachi
    جواب: رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلھاڙجو!!!

    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاھيون ڏک ڏسن ​
    ھن شعر جي ابتڙ اسان کي ڏاھيون ٿيڻو پوندو، سقراط جيان مسڪرائيندي زھر جو پيالو پيئڻو پوندو جي اسان کي پنھنجي سنڌ جيجل ماتا کي آزاد ڏسڻو آھي تہ باقي ھتي انٽرنيٽ تي ويھي اسين ڳالھيون تہ بھترين ڪري سگھون ٿا پر عملي ڪم ڪرڻ ۾ ڪڏھن بہ اڳڀرائي ڪونہ ڪئي آھي پر پنھنجن ليڊرن کي تنقيد جو نشانو ضرور بڻائيندا آھيون ڇو جو ڄڻ تہ تنقيد ڪرڻ اسان جو قومي ڪم ٿي ويو ھجي۔ تازو ابو جھاد سنڌ شھيد محترم بشير خان جو مثال وٺو جڏھن حيات ھيو تہ اسان ڪڏھن ان جي سڏ ۾ سڏ ڏنو۔۔۔۔۔نہ۔۔۔۔ ڇو جو اسين مردہ پرست قوم آھيون ۽ سنڌي قوم اھو ثابت ڪيو آھي۔

    جيستائين جئين منظور عباسي صاحب چيو ته ڪهڙي ريت سائين جو نظريو ان اٻوجهه ماڻهن تائين پهچائجي، اسان کي ڪهڙا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا۔۔۔۔۔ تہ منھنجا ڀاءُ سائين جو نظريو گھٽي گھٽي، وستي وستي، واھڻ واھڻ، ڳوٺن کان شھرن تائين ابو جھاد سنڌ شھيد محترم بشير خان پھچائي چڪو آھي جنھن جو تازو مثال 23 فريڊم مارچ جي صورت ۾ توھان ڏسي سگھو ٿا جنھن دشمنن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون۔ ان جو حل تمام سولو آھي تہ اسان پنھنجي وس آھر قومي فرض ادا ڪيون۔ واٽون ويهه ھجن يا پنجاھ پر اسان ليڊرن کي قومي مسئلي تي ھڪ ڏٺو آھي جنھن جا گھڻا مثال تاريخ ۾ ملي سگھن ٿا جھڙوڪ ون يونٽ ھجي، ڪالاباغ ڊيم ھجي يا سنڌ ۾ ڪمشنري نظام۔۔۔۔۔اسانجي قوم پرستن تي تہ تنقيد ڪرڻ آسان آھي پر سنڌ جي وفاق پرست سياست ڪندڙ واحد پارٽي جي ڪرتوتن تي سنڌي عوام اکين تي پٽي ٻڌيون ويٺو آھي۔۔۔ان واحد پارٽي جي ڪرتوتن تي محترم ابراهيم منشي جي شاعري جو ڪجھ سٽون ٿيون ياد اچن تہ

    مون پڪ سُڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ،ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾،

    ھميشہ سنڌ جي سيني تي ڪڏھن ون يونٽ جي نالي تي ته ڪڏهن مارشل لا جي نالي تي، ته ڪڏهن ڪنهن سولين ڊڪٽيٽر هٿان وار ڪندا رھيا پر تاريخ شاھد آھي تہ ھميشہ سنڌي قوم جرئت سان انھن سامراجي ھٿن کي وڍيو آھي ڪڏھن ھيمون جي صورت ۾ تہ ڪڏھن ھوشو جي شڪل ۾۔۔۔

    سو سنڌي عوام کي پھريان تہ پنھنجا دشمن سڃاڻڻا پوندا۔

    سائين رسول بخش دائودپوٽو جن بلڪل صحيح چيو آھي تہ جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ ئي مسئلي جو حل آھي۔

    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين،
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو