سنڌيءَ جي مشهور لوڪ گيت جي سٽ آهي ته: ”سهڻا، تون نه وڃ لاڙ، پکو مان جهليندي سانءِ.“ ان سٽ مان سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سنڌين جي سڀاءَ جي خبر پوي ٿي. سنڌ جي جاگرافيائي حالت اها ته اتر ۾ سخت گرمي ٿيندي آهي ۽ لاڙ ۾ هوائون گهلنديون آهن. اتر جو ماڻهو ڪنهن ڪم سانگي لاڙ ٿو وڃي، پر سندس زال سمجهي ٿي ته هوائون کائڻ لاءِ ٿو وڃي، ۽ هوءَ کيس جهلي ٿي ته لاڙ نه وڃ، هتي مان توکي پکو جهليندس ۽ گرمي لڳڻ نه ڏينديس. ان سٽ مان اسان جي سڀاءُ جو پتو ائين ٿو پئي ته اسان لاءِ اتر مان لاڙ وڃڻ پرديس وڃڻ آهي...لاڙ ته پري جي ڳالهه آهي، اسان لاءِ ته ڳوٺ جي دنگ کان پرديس شروع ٿي ويندو آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌي هندو به ساڳي ڌرتي مان پيدا ٿيا، ساڳي آب و هوا ۽ ساڳي جاگرافيائي حالتن ۾ رهيا، ڪن سامي نسل جي ماڻهن کانسواءِ هندو ۽ مسلمانن جو اصل نسل به ساڳيو هو، پر هندو وڻجارا ماضيءَ ۾ لنڪا لٽي ايندا هئا ۽ ماضي قريب ۾ سنڌ ورڪي هندو ساري دنيا مان مال ڪمائي سنڌ ۾ اچي خرچ ڪندا هئا. روس ۾ جڏهن اشتراڪي انقلاب آيو ته شڪارپور جي هندو واپارين، زار جي دور جي روس ۾ جيڪي روپيا ڪمايا هئا، انهن جون ڳوڻيون اڇلائي ڇڏيون، جو انقلاب کانپوءِ انهن جي قيمت نه رهي هئي. سنڌي هندو ۽ مسلمانن جي سماجي سڀاءَ ۽ سماجي روين ۾ اهڙي فرق جو سبب اهو نه هو ته ٻنهي جو مذهب جدا هو، پر اهو هو ته ٻنهي جي سماجي سرشتن ۾ فرق هو. هندو واپار سان ۽ مسلمان زمينداريءَ سان لاڳاپيل هئا. سوشل سائنسدان زمينداري کي ڄميل ناڻي (Frozen capital) وارو سماج چوندا آهن. ان سماج ۾ جيئن ته ناڻي جي چرپر ڪا نه هوندي آهي، ان ڪري اهو سماج به متحرڪ نه هوندو آهي ۽ واپاري سماج ۾ ناڻي جي چرپر هوندي آهي، ان ڪري اهو سماج متحرڪ هوندو آهي. ان کانسواءِ سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ ٻيو فرق اهو هو ته هندو سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪندا هئا، ماڻهو ته ماڻهو پکي پکڻ کي به پاڻي ڏيندا هئا. جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جا هودا ٺهرايا هئائون جن کي ورهاڱي کانپوءِ اسان ڀڃي انهن جون سرون وڪڻي ڇڏيون. هنن جي ڀيٽ ۾ سنڌي مسلمان ورلي ڪو ماڻهن جي اجتماعي ڀلائيءَ جو ڪم ڪندا هئا، هاڻي به ڏسو ته اسان وٽ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون آهن، پر ڪا هڪ به فلاحي تنظيم ڪانهي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ انهن سياسي پارٽين جي منشور ۾ ئي نه آهي. ڪي پارٽيون سنڌ کي آجپو ڏيارڻ ٿيون گهرن، سنڌ آجپو ماڻيو ته اها فلاحي رياست هوندي ۽ ماڻهن جي فلاح، بک، بيڪاري ۽ سماجي جبر کان نجات، سنڌ جي آجپي ۾ آهي ۽ هو آجپي لاءِ جدوجهد ڪري سنڌ جي عوام جي فلاح لاءِ جدوجهد ٿيون ڪن. ٻيون انقلابي پارٽيون آهن، جيڪي اشتراڪي انقلاب لاءِ ڪم پيون ڪن. هنن لاءِ ڏکين بکين ماڻهن لاءِ فلاحي ڪم ڪرڻ معاشري جي ڊهندڙ جهرندڙ عمارت جي پشتين جي مرمت ڪري ان جي ڊهڻ واري عمل ۾ دير ڪرائڻ آهي، انهن مثالن مان لڳي ٿو ته ماڻهن لاءِ اجتماعي فلاحي ڪم ڪرڻ اسان جي سماجي شخصيت جي سرشت ۾ ئي نه آهي، ان جو تازو مثال سنڌ ۾ آيل ٻوڏ ۽ برساتن سان آيل تباهيءَ ۾ اسان جو رويو ۽ ردِعمل آهي. زباني ڪلامي ته اسان جو سنڌ ڌرتيءَ سان اهڙو پيار آهي، جهڙو مارئي کي ملير سان هو. اسان به پنهنجي ديس واسين کي وڏي پاٻوهه مان ماروئڙا، سانگيئڙا ۽ جهانگيئڙا چوندا آهيون، پر جڏهن انهن تي مصيبت پئي ته اسان انهن لاءِ ڇا ڪيو؟ انهن وزيرن، مشيرن ۽ حڪومتي پارٽيءَ جي عهديدارن ڇا ڪيو، جيڪي ذوالفقار مرزا وانگر بقول سندس ڪين منجهان زميندار ۽ شگر مل جا مالڪ ٿي ويٺا آهن. اڳ جيڪي راڄن جا رڳو چڱا مڙس ۽ پريا مڙس هئا ۽ هينئر سردار ۽ مير ٿي ويٺا آهن، انهن ڇا ڪيو؟ وڏي ڳالهه ته انفرادي طور مون ۽ اوهان ڇا ڪيو؟ ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻ وارن وزيرن جي ماڻهن ۾ ساک اها آهي، جو هڪ وفاقي وزير تي الزام لڳو ته هن پنهنجون ۽ مائٽن جون ٻنيون بچائڻ لاءِ بند ڀڃرائي غريبن جا جهڳا ٻوڙايا. وزير صاحب جي بقول انڪوائريءَ ۾ اهو الزام ڪوڙو ثابت ٿيو ته به ماڻهو ان کي سچ ٿا سمجهن. وري ان سوال ڏانهن ٿا اچون ته سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي اهڙي سماجي رويي جو سبب ڪهڙو آهي. سبب ٻنهي جو جدا جدا سماجي سرشتو آهي. انگريزن کان اڳ سنڌ ۾ واپاري طبقو ايترو طاقتور نه هو. انگريزن جي اچڻ سان واپاري طبقي ڪَرُ کنيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ طاقتور ٿي ويو. ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ انگريز سپاهين لاءِ سيڌي سامان جا دڪان کليا. مياڻيءَ ۽ افغانستان جي جنگ ۾ انهن سيڌي سامان جي خريداري ڪئي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه جي جديد طرز تي تعمير، جنهن جي ڪري سامونڊي واپار جا نوان وسيلا ميسر ٿيا، ٻن عالمي جنگن ۾ ڪراچيءَ جي بندرگاهه تان فوجن لاءِ راشن ۽ بمبئيءَ جي بندرگاهه تان هٿيار موڪليا ٿي ويا. ڪراچي جي بندرگاهه کي چوندا ئي راشن ڊيپو هئا. ان صورتحال مان سنڌ خاص ڪري ڪراچي جي واپارين تمام گهڻو ڪمايو. اهو رڳو اتفاق هو، جو هي واپاري هندو ۽ پارسي هئا. مسلمان جيئن ته زمينداريءَ سان لاڳاپيل هئا، ان ڪري اهي فائدو وٺي نه سگهيا. ان نئين نوع جي سرمائيدار طبقي سنڌ ۾ نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. تيئن عمارت سازي، رٿابنديءَ وارا مرحلا، مارڪيٽ، رستا، اسڪول، اسپتالون، ماڻهن جي فلاح جا ڪم. بيواهن جا آشرم، پوڙهن جا هاسٽل....ٿورو حيدرآباد جي وِديا ۽ هاڻوڪي سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس جي عمارت ڏانهن ڏسو، ڄڻ ڄمي ويل شاعري، ڪيڏي هشمت. ڪيڏو وقار، اها علم جي هشمت ۽ علم جو وقار آهي. شڪارپور ۽ حيدرآباد جي اڪيڊمي اسڪولن جي عمارت ڏسو، شڪارپور جي سنگ مرمر جي ٺهيل سول اسپتال جي عمارت تي ته نظر وجهو. زمينداراڻي ۽ سرمائيداراڻي سرشتي ۾ فرق اهو آهي ته زمينداراڻو سرشتو تاج محل ٺاهيندو آهي ۽ سرمائيداراڻو سرشتو سنگ مرمر جون اسپتالون، بئنڪن جون عمارتون ۽ ڪمرشل پلازا ٺاهيندو آهي، جتي ناڻي جي هير ڦير، جنهن سان سموري سماج ۾ تحرڪ پيدا ٿئي. شڪارپور ۾ جڏهن هڪ هندو واپاري سنگ مرمر جي اسپتال پئي ٺهرائي تڏهن سنڌ جي زميندارن، نوابن، سردارن، وڏن وڏن درگاهن جي گادي نشينن، جن مريدن کان روحاني ڏن ٿي اوڳاڙيو، انهن مان ڪنهن هڪ به هڪ رپيو به چندي ۾ نه ڏنو. ڪراچيءَ جي عبدالله هارون پرائيوٽ وارڊ جو هڪڙو ڪمرو ٺهرايو هو، اهو به ان ڪري جو هو واپاري سيٺ هو. نواب، سردار يا وڏيرو نه هو. زميندار ۽ جاگيردار سرشتي لاءِ چوندا آهن ته اهو سرشتو سخي ڏاتار پيدا ڪندو آهي. شاهه ڀٽائي به لسٻيلي جي سخي ڏاتار ڄامن جي سخاوت جي واکاڻ ڪئي آهي، پر هنن جي سخاوت عوام جي فلاح لاءِ نه هئي. چارڻن ۽ مڱڻهارن لاءِ هئي، جيڪي سندن نيڪي، سخاوت، خانداني وڏائي، سندن وڏن ۽ سندن قبيلن جي قبائلي جنگين ۾ ڪوڙا سچا قصا بيان ڪري ماڻهن ۾ کين هر دلعزيز بڻائيندا هئا. ڪو مڱڻهار کانئن ناراض ٿيندو هو ته راڄن ۾ کين بدنام ڪندو هو. سمنگ چارڻ سومرن کان ناراض ٿيو ته سمن سان اچي مليو ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سومرن کي بدنام ڪيائين. ٻيجل ڏياچ کان سر گهريو ته ڏياچ خوش ٿيو، جو ٻيجل کانئس اهڙي شيءِ گهري هئي، جيڪا هن وٽ هئي ۽ هو کيس ڏيئي ٿي سگهيو. هو جيڪڏهن کانئس ڪا اهڙي شيءِ ئي گهري ها، جيڪا هن وٽ نه هجي ها ۽ اها کيس ڏيئي نه سگهي ها ته هو کيس راڄن ۾ بدنام ڪري ها. سر جي مڱڻهار! مَ هوءِ، جنهن تو مٿي سِر سٽو ڪيو، جيڪو مون مول نه سپجي، تان جو سر گهريوءِ، ته جُڳا جُڳ ڏنوءِ، ڏنگو ڏاتارن کي! اسان جي سماج ۾ جيئن تنوع ڪونهي، ان ڪري ان سطح ۾ جيڪي به ڪردار پيدا ٿين، اهي هڪ ٻئي جو نقل آهن. پير، مير، وزير، انقلاب پرست، قومپرست، سياستدان، دانشور، سياسي ورڪر سڀ هڪ ٻئي جو نقل آهن، نئون ماڻهو تڏهن پيدا ٿيندو، جڏهن سماجي سرشتي ۾ تبديلي ايندي ۽ اها تبديلي ڪيئن ايندي، ان سوال جو جواب ڪو شاعر، اديب، سياستدان، دانشور، اين جي او جو سياسي ۽ سماجي تجزيئي نگار ۽ صحافي به ڏيئي نه سگهندو، پر ڪو سوشل سائنسدان ڏيئي سگهندو ۽ اهو اسان وٽ آهي ڪو نه! :yahoo:هميشه دعائن ۾ ياد رکندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت:yahoo: