علامه آءِ آءِ قاضي : ڏاهو فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان رضوان گُل سنڌ ۾ جن شخصيتن پنهنجي عِلمي قابليت ۽ ڏاهپ ذريعي عملي طور يادگار ۽ تاريخ ساز خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. علامه آءِ آءِ قـاضـي جـو اصـل نـالـو امـداد عـلـي امـام علي قاضي هو. سندس جنم 9 اپريل 1889 تي حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم پڻ ورتائين، جنهن بعد انگريزي تعليم پرائي بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو، جتي سندس مطالعي جو ڪينواس تمام گھڻو وسيع ٿي ويو. ڪيترن ئي استادن کان علم جي خزاني مان قيمتي جوهر حاصل ڪيائين. ڪتابن سان سندس گِهري وابستگي رهي. مشرقي ۽ مغربي تاريخ، فلسفي، جاگرافي، ادب ۽ ٻين انيڪ موضوعن وارا ڪتاب سندس مطالعي هيٺ آيا، جنهنڪري پاڻ فقط قانون جي تعليم تائين ئي محدود نه رهيو، پر دنيا جهانَ جي مختلف علمن بابت جامع ڄاڻ پڻ حاصل ڪيائين. لنڊن کان جرمنيءَ به ويو، جتان ڪيترن ئي ڪتب خانن مان ناياب ڪتابن جو مطالعو ڪري، انهن مان ڀرپور فائدو ورتائين ۽ اتان ئي شادي پڻ ڪيائين، جنهن بعد سن 1911ع ۾ وطن واپس آيو. حيدرآباد، جيڪا علامه آءِ آءِ قاضي جي جنم ڀومي آهي، اُتي ئي ضلعي حيدرآباد جي مئجسٽريٽ طور مقرر ٿيو. بعد ۾ رياست خيرپور ۾ سيشن جج ۽ هوم منسٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. دنيا جي ڪيترن ئي ڪتب خانن سان سندس خط و ڪتابت رهندي هئي، جنهن ڪري مختلف علمي ادبي ڪتاب وٽس ايندا رهندا هئا. لنڊن جي ڪيترن ئي علمي ادبي تنظيمن ۽ لائبريريُن کيس اعزازي ميمبر بڻايو هو. ٻي ٽئين سال يورپ وڃي ڪتاب وٺي اچڻ سندس محبوب مشغلو هو. جيتوڻيڪ نوڪريءَ جي حوالي سان پاڻ تمام گھڻو مصروف رهندو هو، پر مطالعي جو شوق کيس وقت ڪڍڻ لاءِ مجبور ڪندو هو ۽ اهو ئي شوق کيس حياتي جي آخري ڏينهن تائين به رهيو. فلسفي، اسلام ۽ ادب تي ڪيترائي ليڪچر ۽ تقريرون ڪيائين، جنهنڪري سندس مڃتا عام ماڻهن ۾ پڻ ٿي. علامه هڪ خوددار ۽ بااصول انسان هو جنهنڪري سرڪاري ملازمت کي مستقل طور اختيار ڪري نه سگھيو، ڇا لاءِ ته سندس مزاج ۽ نوڪري هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف هئا. پاڻ سڀئي سرڪاري آسائشون ۽ آرام ٿُـڏي پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گذارڻ کي اوَليت ڏنائين. نوڪري ڇڏي مڪمل طور پنهنجي فڪري آدرشن مطابق ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اسلامي فڪر ۽ تعليمات جي حوالي سان به خاصو ڪم ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ بعد علامه آءِ آءِ قاضي مستقل طور لنڊن ۾ رهائش پذير ٿيو، پر بعد ۾ سندس تمام ويجھن دوستن کيس پاڪستان اچڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو، جنهن جي نتيجي ۾ هو چئن سالن بعد وطن واپس وريو ۽ هتي اچي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نئون ڪيمپس ٺاهي پنهنجي زندگيءَ جا پورا ڏھ سال هن عظيم درسگاھ جي هر هڪ شعبي کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ صرف ڪيائين. ائين سندس اهو خواب جيڪو هن ڪافي ورھ اڳ ڏٺو هو تنهن جي سنڌ يونيورسٽي جي ڄامشورو واري ڪئمپس جي صورت ۾ تڪميل ٿي جتي نه فقط سنڌ، پاڪستان پر پوري دنيا جا شاگرد اچي پنهنجي علم جي اُڃ اُجھائين ٿا. علامه جي اهڙي علم دوستيءَ واري جذبي تي برک شاعر شيخ عبدالحليم جوش پنهنجون هي سٽون ڏانهس منسوب ڪيون: علم جو آفتاب هو ، حلم جو ماهتاب هـو، فرد نه پر هو انجمن، باب نه پـر ڪتاب هـو، وڃڻو هو نيٺ ويو ، دلين تي نَقش ويو ڇڏي، ڪيڏي نه حُب ساڻ هو جامعه سنڌ ويو اڏي. سن 1959 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر واري عهدي تان مستعفي ٿي، وري به ساڳيو ئي علم و ادب جي خدمت وارو ڪم شروع ڪيائين، تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکڻ کان علاوه شاھ صاحب جي ڪلام کي شايع ڪرايائين ۽ پنهنجي اهليه ايلسه قاضيءَ سان گڏجي شاھ سائين جي ڪلام جو انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو پڻ تمام گھڻي اهميت وارو ۽ محنت طلب ڪم هو. علامه قاضي جي وڌ کان وڌ ڪوشش هئي ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪجن يا انهن کي اڳتي آڻجي جيڪي اڳتي هلي قوم جون واڳون سنڀالن. اهڙين خوبين رکندڙ هڪ شخص علامه جي صحبت ۾ رهيو، سکيو ۽ پڙهيو جنهن جي علم ۽ قابليت مان پڻ سنڌ جي ماڻهن کي گھڻو سکڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو فراهم ٿيو. اهو ڏاهو اي. ڪي. بروهي هو جنهن جي علمي لياقت ۽ خدمتن جو به هر ماڻهو معترف آهي. علامه آءِ آءِ قاضي جڏهن انگلينڊ ۾ هو تڏهن جارج برناڊشا جي ناول ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ جي جواب ۾ ”ڪاري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ لکيو هو. علامه صاحب سنڌ جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو پڻ ترتيب ڏنو ۽ ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي فڪر ۽ فلسفي بابت ڪيترائي مقالا پڻ تحرير ڪيائين. جڏهن ته متفرقه موضوعن تي پڻ پُرمغز قسم جا مضمون لکي ڪتاب ”ڪَئيوئل پيپس اَيٽ سوفيه“ (Causal Peeps at Sophia) ڇپرايو جنهن ۾، شخصيتن، ادب، ٻولي، تاريخ، تعليم، مذهب ۽ شاعريءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل آهن. علامه صاحب جو انتقال، جنهن کي ڪن خودڪُشي ته ڪن حادثاتي موت سڏيو آهي، نه رڳو سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سماج لاءِ ڪاپاري ڌڪ هيو پر سندس موت سان سڄيءَ دنيا جي ساڃاهوندن جا اندر اداس ٿي پيا. قَطعي جي خوبصورت شاعر اميد خيرپوريءَ علامه آءِ آءِ قاضي جي وڇوڙي تي پنهنجن لفظن کي لڙڪ بڻائي هن طرح لکيو: جڏهن هڪ موت عالِمَ جو عالَمَ جي لئه آهي، تڏهن آ درد هـر همـدرد جـي دل ۾ جڳھ جوڙي، مرڻ جن کي کپي سي موت کان لڪندا رهيا آهن جيئڻ وارا الائي ڇو وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙي. علامه آءِ آءِ قاضي جو جيءُ پنهنجي شريڪِ حيات جي وڇوڙي بعد جُھري پيو، جو ٻنهي زال مڙسن جي محبت مثالي هئي. گھر واريءَ جي وصال بعد پاڻ بلڪل تنها ٿي ويو هو، سنڌ جي برک عالم، اديب ۽ علامه جي ويجھي شاگرد اي.ڪي بروهي علامه جي آخري وقت بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته: ”13 اپريل جي ٽيپهريءَ جو پنهنجي دُنيوي زندگيءَ جو انت آڻڻ لاءِ گھران نڪتو پر مان سمجھان ٿو ته هو انهيءَ ارادي تي عمل ڪرڻ بجاءِ ان کان اڳ جو ڪامياب ٿي، اچانڪ پير کِسڪي وڃڻ سبب ڪري پيو هو جنهنڪري پاڻيءَ ۾ ڪرڻ کان اڳ سندس مٿي ۾ ڌڪ ۽ پاسيري ڀڳي هئي، جيڪا ڳالھ ڊاڪٽري علامتن مان صاف ظاهر آهي.“ انهيءَ حوالي سان اي.ڪي بروهيءَ جو اهو خيال آهي ته علامه خودڪشي نه ڪئي هئي پر اهو حادثاتي موت هو. علامه آءِ آءِ قاضي 13 اپريل 1968ع تي هي جهَان ڇڏيو. رضوان گل جي ڇپيل ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “ تان ورتل
جواب: علامه آءِ آءِ قاضي : ڏاهو فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان علم جو آفتاب هو ، حلم جو ماهتاب هـو، فرد نه پر هو انجمن، باب نه پـر ڪتاب هـو، وڃڻو هو نيٺ ويو ، دلين تي نَقش ويو ڇڏي، ڪيڏي نه حُب ساڻ هو جامعه سنڌ ويو اڏي. سنڌ جو ڏاهو فلسفي، استاد، معلم، علم جو درياه، دنياوي علم هجي يا ديني ۔۔۔۔ انسانيت هجي يا قومپرستي ۔۔۔ هڪ اهڙو انسان جنهنجي هر رخ مان هزارين روشنيون نڪتيون ۽ سنڌ سموري روشن ٿي وئي ۔۔۔ مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايترو وڏو انسان دوست، حب الوطن ۽ علم جو درياهه، درياهه ۾ ڪيئن پاڻ کي اڇلائي ڇڏيو، سنڌ کان هميشه ڏاها انسان کسيا ويا آهن، علامه صاحب کي ڀلي ڀت خبر هئي ته خودڪشي حرام آهي ته پو ايترو پرهيزگار ۽ دنيا کي سبق پڙهائڻ وارو اهو سبق ڪيئن وساري ويٺو ۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟؟ انڪري سندس موت کي حادثو چئجي يا سنڌ دشمنن جي سازش پر خودڪشي هرگز به نه .... الله ڏاهي مَ ٿيان
علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ جو ڏاهو ۽ مفڪر عبدالخالق مغيري سنڌ جي عظيم ڏاهي ۽ فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جي اڄ 47 هين ورسي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ورسي جي مک تقريب سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران ملهائي پئي وڃي علامه آءِ آءِ قاضي 9 اپريل 1886ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ مختياڪار امام علي قاضي جي گهر ۾ اک کولي سندس پيءُ امام علي جون 2 شاديون ٿيل هيون وڏي گهر واري مان صرف 3 نياڻين جي اولاد هئي جڏهن ته ننڍي گهر واري مان 8 ڌيئرون ۽ 2 پٽ هئا ۽ امداد علي قاضي به ننڍي گهر واري مان پيدا ٿيو علامه آءِ آءِ قاضي حيدرآباد جي آخوند عبدالعزيز جي مدرسي ۾ قرآن جي تعليم سان گڏو گڏ سنڌي ۽ فارسي پڙهيو، هن فائنل جي تعليم به اتي مڪمل ڪيائين فارسي لازم ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين 1905ع ۾ 18 سالن جي عمر ۾ بمبئي يونيورسٽي ۾ ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪئين علامه آءِ آءِ قاضي هڪ سال تائين علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ به تعليم حاصل ڪيائين جنهن بعد هو پنهنجي ماسات عبدالقادر قاضي وٽ لنڊن ويو جتي هن هڪ سال تائين ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ بعد ۾ اسڪول آف اڪنامڪس لنڊن ۾ داخلا ورتي، لنڊن ۾ ٽرين جي سفر دوارن هن جي ملاقات جرمني جي ايلسا نالي عورت سان ٿي جتي ٻنهي جي گفتگو دوارن دوستي ٿي ۽ اها دوستي اڳتي هلي شادي ۾ تبديل ٿي وئي علامه آءِ آءِ قاضي لنڊن جي بار ايٽ لا لنڪن اين ۾ لا جي داخلا ورتي ان ساڳئي اداري ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به پڙهيو هو. مصر جي يونيورسٽي الازهر يونيورسٽي جي عالم شيخ گومان کان عربي سکيائين. شيخ گومان کان عربي سکڻ دوران شيخ گومان علامه آءِ آءِ قاضي کي چيو ته عربي ته مون اوهان کي سيکاري آهي پر اصل ۾ اوهان مونکي اسلام سيکاريو آهي، علامه آءِ آءِ قاضي جي چوڻ موجب ته جرمن جي عظيم شاعر گوئٽي جي شاعري جرمن زبان ۾ ھئي ان جي شاعري سمجھڻ توڙي جرمني ٻولي سکڻ لاءِ ھو جرمني ويو جتي ھن جرمني ٻولي جو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ بعد ۾ گوئٽي جي شاعري واري ڪتاب کي پڙھي ڪري چيو ته واقعي گوئٽي جرمن جو ھڪ عظيم شاعر آھي، 1919ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي واپس وطن موٽي آيو ۽ 1920ع ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ مجسٽريٽ مقرر ٿيو، ڪجهه ٽائيم حيدرآباد ۾ سول جج مقرر هيو بعد ۾ 1922ع ۾ خيرپور ضلعي ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. علامه آءِ آءِ قاضي خيرپور ۾ پوئٽري سوسائٽي جو بنياد رکيو ان وقت ۾ برطانيه جي هڪ رسالي the poetry review ۾ مشرقي شاعري جو مضمون لکيو ۽ اهو مضمون اداري کي ايترو ته وڻيو جو هنن علامه آءِ آءِ قاضي کي سوسائٽي جو نائب صدر مقرر ڪيو جتي هو 25 سالن تائين سوسائٽي جو نائب صدر مقرر رهيو ان کان علاوه هو يورپ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ لکندو رهيو ۽ هن جي لکڻي يورپ جي هر اداري کي بيحد پسند اچڻ ڪري اداري پاران علامه آءِ آءِ قاضي کي جوابي خط به موڪليندا هئا علامه آءِ آءِ قاضي کي شعر و شاعري جو به وڏو شوق هو هن دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي به وڏي تحقيق ڪئي ۽ هن پنهنجي تحقيق دوران ثابت ڪيو ته ڀٽائي واقعي دنيا جو عظيم شاعر آهي علامه آءِ آءِ قاضي ڀٽائي جي رسالي کي به ترتيب ڏنو جڏهن ته هن ڀٽائي جي رسالي جي سر ڪيڏارو تي اعتراض واريندي چيو ته سر ڪيڏارو ڀٽائي جو نٿو لڳي ڇاڪاڻ جو ڀٽائي ٻاهرين خطي کي نه ڄاتو. علامه آءِ آءِ قاضي جي بيگم ايلسا واحد عورت ثابت ٿي جنهن ڀٽائي جي رسالي کي سڀ کان پھرين انگريزي ۾ ترجمو ڪيو نالي واري ليکڪ برناڊشا جي هڪ مشهور ڪتاب A black girl in the search of GOD واري ڪتاب بعد هن برناڊشا کي جواب ڏيندي جوابي ڪتاب A brown girl in the search of GOD لکيو . 1951ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ڪراچي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو جتي هن سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان حيدرآباد منتقل ڪيو حيدرآباد جي اولڊ ڪئمپس ۾ 1955ع تائين سنڌ يونيورسٽي کي هلايو ويو جنهن بعد علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد مان ڄامشوري ۾ منتقل ڪيو ويو 4 اپريل 1947ع سنڌ يونيورسٽي جو قيام ٿيو ان وقت سنڌ يونيورسٽي ڪراچي جي اين جي وي اسڪول جي 2 ڪمرن تائين محدود هئي جتي صرف يونيورسٽي شاگردن کان امتحان ورتو ويندو ھو ۽ ان دوران يونيورسٽي ۾ ڪي به ڪلاس نه هلايا ويندا ها، علامه آءِ آءِ قاضي جي مقرر ٿيڻ بعد هن هڪ ئي وقت 24 شعبا قائم ڪيا ۽ سڀ کان پهريان انگلش، فزڪس ۽ ڪيمسٽري جا شعبا قائم ڪيا علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي کي تعليم معيار ۾ ايترو ته اڳتي آندو جو پوري پاڪستان ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ئي نالو هو توڙي جو اڄ سنڌ يونيورسٽي کي 24 مان وڌائي ڪري 58 شعبا قائم ڪيا ويا آهن انهن 58 شعبن مان 50 شعبا اهڙا آهن جو ان شعبن ۾ شاگردن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرايو پيو وڃي سال 2010 کان سال 2014ع تائين ان وقت جي مقرر وي سي نذير مغل سنڌ يونيورسٽي کي وسيع ڪندي سنڌ يونيورسٽي جا ڪئمپس سنڌ جي 8 ضلعن لاڙڪاڻو ڪئمپس، بدين ڪئمپس، ميرپورخاص ڪئمپس، دادو ڪئمپس، نوشوروفيروز ڪئمپس، ٺٽو ڪئمپس، ڀٽ شاهه ڪئمپس ۽ ملير ڪئمپس شامل آهن جڏهن ته سکر ۾ بيگم نصرت ڀٽو وومين ڪئمپس جي نالي سان ڪئمپس جو افتتاح ڪيو ويو پر اڄ ڏينهن تائين ڪئمپس کلي نه سگهيو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سنڌ ۾ 8 ڪئمپسن جي کلڻ باوجود به پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد، لاهور يونيورسٽي، پشاور يونيورسٽي، ڪوئٽا يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڀيٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي معيار هن وقت 8 نمبر تي آهي جڏهن ته ڪنھن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي جي خود ڪئمپس طور شمار ٿيندڙ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي به هڪ قدم اڳتي 7 نمبر آهي پر افسوس جو سنڌ جي حڪومت هن هيڏي وڏي اداري کي علامه آءِ آءِ قاضي بعد هلائڻ ۾ پوري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. علامه آءِ آءِ قاضي جي تيار ڪيل هن يونيورسٽي کي يونيورسٽي جي انتظاميه علامه آءِ آءِ قاضي کي به وساري ڇڏيو آھي علامه آءِ آءِ قاضي پنھنجي گھر واري ايلسا سان بيحد محبت ڪندو ھو ۽ ٻنھين جي ھڪ مثالي جوڙي ثابت ٿي پر سندس زال ايلسا جي 28 مئي 1967ع ۾ وفات ڪرڻ تي علامه جي جوڙي ٽٽي پئي ۽ ھو زندگي ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو پنهنجي بيگم ايلسا جي لاڏاڻي جي ڏک ۾ ديوانو ٿي پيو ۽ ايلسا جي وڃڻ جي هڪ سال بعد 13 اپريل 1968ع ۾ ڄامشوري جي پل وٽان پير ترڪڻ سبب سنڌو درياهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو گھڻن جو چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي زال ايلسا جي لاڏاڻي جي صدمي ۾ هن سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي ته وري ڪن جو چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي جوڙي جي ڇڏجڻ سبب هو اڪيلو ٿيڻ ڪري روزاني شام جي وقت ڄامشوري جي پل تي ايندو هو ۽ پنهنجي بيگم ايلسا سان سنڌو درياهه جي پل تي گهاريل وقت ياد ڪندو رھندو ھو ۽ ان دوران پيرسني سبب پير ترڪڻ ڪري هن جو موت واقع ٿيو علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سندس بيگم ايلسا جي مزار ھن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود آھي جتي اڄ به سندن مزارن تي ماڻهو اچي حاضري ڀريندا آهن علامه آءِ آءِ قاضي فڪري فلسفي تي ٻڌل مضمونن جو ڪتاب صوفي لاءِ ڪوفي لکيو ۽ ھن جي لکيل خطاب کي بيحد موٽ ملي، عظيم فلاسافر جي اڄ جي ڏينھن جي وڇوڙي تي اسان سڀني کي گھرجي ته اڄوڪي ھن ڏينھن تي ھن کي ياد ڪجي ۽ سڄي سنڌ ۾ تقريبون منعقد ڪرايون وڃن ان کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ته جيئن اسين فخر محسوس ڪري سگھون ته اسان سنڌي نوجوانن کي تعليمي مستقبل ڏياريندڙ عظيم انسان اسان مان ئي ھو. عوامي آواز جي ٿورن سان