سڀني دوستن جي خدمت ۾ سلام عرض ٿو ڪجي، اڄ واندڪائي ۾ سوچيم ته فارغ سي ڊيز ڊسٽ بن ۾ اڇلايان، ته ڏٺم ته لهانا ڊڪشنري جي سي ڊي به پئي هئي، سوچيم ته سڀني دوستن سان شيئر ڪجي، ۽ مان پنهنجي بلاگ تي اپلوڊ ڪري ڇڏي آهي۔ وڌيڪ تفصيل لاء هينئر ئي وزٽ ڪريو، ڊائونلوڊ ۽ انسٽليشن تفصيل سان سمجهايل آهي۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪريو
جواب: لهانا ڊڪشنري (سندي ٽو انگلش، انگلش ٽو سندي، انگلش ٽو انگلش)ڊائونلوڊ ڪريو۔ تمام ڀلو ۽ ڪارائتو ونڊ آهي، جيتوڻيڪ اڳ به ڪجهه دوستن اهو ونڊ ڪيو هو پر ڪم جي شئي جيترا ڀيرا به ونڊ ڪجي اوترو ڀلو ۔۔۔ لک ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا۔۔۔مونکي هن ڊڪشنري جي ضرورت آهي۔۔۔ بدقسمتي سانSkip Adکان پوِ لنڪ ڪم نه پيو ڪري۔۔۔ مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا۔۔۔
لنڪ کي تبديل ته ڪيو آهي۔۔۔ ۽ درست لنڪ تان ڊڪشنري ڊائونلوڊ به ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ پر هڪ خدشو موجود آهي ته متان هي ڊڪشنري پروفيشنل هجي ۽ ٺاهيندڙ هن کي پئسن تي وڪڻندو هجي۔۔۔ جي ڪنهن ساٿي کي ان بابت ڄاڻ هجي ته ونڊ ڪري ته جيئن لنڪ کي ريموو ڪري ڇڏجي۔۔۔