• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
سائين رشيد سمون اوهان جي نيوز بليٽن / خبرن واري پٽي 5 ڏينهن پراڻيون خبرون پئي ٻڌائي.. آصف زرداري صاحب کي انڊيا مان واپس آئي به ٽي چار ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوء به پٽي تي لکيل اهي ته آصف زرداري انڊيا ويندو...
هميشه پراڻيو خبرو هونديون آهن..
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

ادا سجاد علي اوهان جي شڪايت برابر آهي اصل ۾ سائين رشيد صاحب ۽ ساري انتظاميه ٽيم هن وقت سنڌ سلامت جي سالگره جي موقعي تي سنڌ سلامت کي توهان ۽ اسان لا وڌيڪ آسان ۽ پرڪشش بڻائڻ ۾ رڌل آهي، ٿورو صبر ڪريو، اوهان جي ان شڪايت کان علاوه ٻين ڪافي سارين بهترين پروجيڪٽ ۽ سافٽ ويئر تي عمل جاري آهي، بس ٿورو انتظار ڪريو، ٿورا۔۔۔
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

هائو، اها شڪايت مونکي به آهي بلڪ سڀني کي آهي، پر ڇا ڪجي اسانجا سنڌي ادارا ايترا ته سست آهن جو پنهنجي قائم ڪيل ٽي وي سائيٽ کي تازگي ڏين ئي ڪون ۔۔۔ شايد ڪي ٽي اين يا سنڌ ٽي وي سان ڳنڍيل هن لنڪ تي هميشه پراڻيون خبرون پيون هلنديون آهن ۔۔۔ انڪري پاڻ انهن خبرن کي ڏسون ئي ڪون ۔۔۔ ڇاڪاڻ انهن خبرن تي هلنداسون ته پاڻ ٽي سال جوان ٿي وينداسون ۔۔۔ هههههههههه

خئير ڇا ڪجي ، جيها ڪي تيها مون مارون مڃيا ۔۔۔۔
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

پر مون ڪي ٽي اين جي سائيٽ تي وڃي ڏٺو ته صفا تازيون خبرون پيون هلن جيڪي وزير اعظم صاحب تازو ڪوڙ هنيا آهن اهي سڀ پيا هلن ۔۔۔ پاڻ ڏسو

http://www.ktntv.tv/ktnnews/index.php

انجو مقصد ٿيو ته پاڻ واري ويب سائيٽ تي هلندڙ نيوز بليٽن واري پٽي سنڌ ٽي وي تان ورتل آهي ۔۔۔
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

اوهان جي شڪايت بلڪل درست آهي۔ اها پٽي سنڌ ٽي وي نيوز جي ٿورن سان سندن ويب سائيٽ تان هلندي آهي ، پر ڪجهه ڏينهن کان هنن به اها پٽي اپڊيٽ ناهي ڪئي۔ جيتوڻيڪ مون فون ڪري کين اطلاع پڻ ڏنو آهي۔ جلد ان جو ڪو ٻيو متبادل تلاش ڪري وٺنداسين۔

وڌيڪ اوهان پاڻ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري سنڌ ٽي وي نيوز جي ويبسائيٽ ڏسو
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

سائين پنهنجو فورم آهي۔۔ شڪايت به پنهنجن سان ڪبي۔۔
پر جيڪڏهن، ڪي ٽي اين وارا به سنڌ ٽي وي وارن وانگر نيوز بليٽن جو الڳ سان هڪ پيج ٺاهن جنهن کي هر سنڌي ويب ڊزائنر iframe واري ٽيگ سان پنهنجي ويب سائٽن تي امبيڊ ڪري سگهي ته اها به سنڌي ٻولي جي ّخدمت هوندي۔۔ يا وري سنڌ ٽي وي وارا ٿوري سستي ختم ڪن۔۔۔ پر سائين ڪير انهن کي سمجهائي۔ ٽيڪنيڪلي طور تي۔
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

رات اها ڳالهه ۽ اوهان جي شڪايت سنڌ سلامت جي ننڍڙي گڏجاڻي ۾ سڀني دوستن سان ڪيم ۽ صلاح ڏنم ته اسان کي پاڻ اها پٽي اپڊيٽ ڪري هلائڻ گهرجي ۽ جلد ان تي عمل ڪنداسون۔
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

دوستن جي شڪايت کانپوء رشيد سمون صاحب خبرن واري پٽي تبديل ڪئي آهي۔ هاڻي سنڌ ٽي وي نيوز بجاء عوامي آواز وارن نيوز واري پٽي پئي هلي جيڪا اپڊيٽ آهي۔

مهربانيون ڀاء رشيد
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

سائين اها ٿي نه ڳالهه۔۔۔۔!!!

جيئي سنڌ سلامت ۔۔ جيئي جادوگر رشيد سائين
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

دوستو اصل ۾ هڪ نئين پروجيڪٽ تي مڪمل توجه هجڻ ڪري موجوده سنڌ سلامت جي اسڪرپٽ ڏانهن ڌيان نه رهيو آهي۔۔۔
ڪافي دوستن ته منهنجي اچي به جواب نه ڏيڻ يا وري گذريل هڪ ڏيڍ مهيني کان مون طرفان موضوعن جو نه موڪلڻ جي به شڪايت ذاتي پيغامن ۽ فون ڪالز ذريعي ملي پئي پر نئون پروجيڪٽ ٻئي ڪنهن طرف توجا ڏيڻ ئي نه ٿو ڏئي ۔۔
انشاء الله ان پروجيڪٽ بابت تڪڙو دوستن کي آگاهي ڏبي۔۔۔
والسلام
 
جواب: اُف!!!!!! سنڌ سلامت نيوز بليٽن

سائين هن ملڪ جون به ڪي خبرون آهن جن جي ڪري پرِشان آهيو۔ وري سون سنڌي چينلن جون خبرون جزاڪ الله۔
 
Back
Top