• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي شهر کي سهڻي ڀيٽا ...

نثارابڙو

نائب منتظم
ڪراچي


http://imageshack.us

سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي -
هَسُ ڳچيءَ جو،
سينڌ ماٿي جو ٽِڪو
۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻُ -

باک بادامي جڏهن ٿِي تنهنجي رستن تي لهي
صبح تنهنجو سونَ- ورنو ٿو لڳي
۽ جڏهن ٿي شامَ گھونگھٽَ کي کڻي
سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀڃي
رات پنهنجا پاندَ ڦهلائي جڏهن ٿِي تو مٿان،
چنڊُ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان.
تنهنجون رمجھم روشنيون
شاهراهن تي تِکين ڪارن منجھان
جنهن گھڙيءَ برسات وانگر ٿيون ڇڻن

هر عمارت جون دريون آڪاس ڇهندي ٿيون کُلن
دُکَ توڙي سُکَ ۾ ٿا تهنجا رهواسي رهن
تنهنجي ديوارن مٿان هي سرمئي،
رنگَ جا ٿا ڪيترا پاڇا لهن.

تون ڪياماڙيءَ، منهوڙي جي هوا!
تون سراپا شاهَه غازيءَ جي دعا.
يا لڳين ٿِي سِپَ جي موتيءَ جيان،
يا اسان جي ڀاڳَ وانگر،
ڪنهن مقدس ماڳ وانگر
تون سمندر جي رهين ٿِي جاڳَ وانگر!

اي ڪراچي!
تون ته پالڻهارَ وانگر ٿِي لڳين
۽ مِلن جي روز چِمنين کي دکائي
پيٽَ بکيا ٿِي ڀرين
زندگيءَ مصروف تنهنجي ۾ رهيا،
بي انت ڪيئي حادثا
روشنين جا سلسلا.
احمد سولنگي
+++++++++++

http://imageshack.us

ڪراچي شهر کي سهڻي ڀيٽا ...

اميد ڪريون ٿا ته سڀ سنڌي ملي جلي سنڌ جي هن شهر ۾ پنهنجا گهر، ڪاروبار، ۽ قبرون قائم ڪري هن شهر تي پنهنجي مالڪيءَ جا قدم ڄمائيندا ...

هڪ دفعي اسانکي محترم جي ايم سيد حڪم ڪيو هو ته ”سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پنندڙ فقيرن کي ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ وٺي ڏيندا ڪريو ته وڃي ڪراچيءَ ۾ رهي ۽ پني ... اڳتي هلي پاڻ سڌري به ويندو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي به پوندو“ هاڻ سندس ان دوراندييشيءَ جو اندازو ٿئي ٿو ته هو ائين ڇو چوندو هو ...

سنڌين کي گذارش آهي ته ڪراچي شهر ۾ ڪاروبار ڪن، گهر وٺن، نوڪريون ڪن ۽ جيڪي رهن ٿا سي پنهنجا ضروري قانوني ڪاغذ پٽ ٺهرائي رهن، ووٽ ڪراچيءَ ۾ ڏين ۽ ان حد تائين جو مرڻو پرڻو، شادي مرادي به ڪراچيءَ ۾ ڪن ...
 
جواب: ڪراچي شهر کي سهڻي ڀيٽا ...

اهڙي ڪراچي جي ڳولها ۾ آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اڃان ڪونه مليو آهي

هر طرف بارود، جهيڙا، لاش، سڏڪا ۽ خوف ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش ڪو ڪراچي جي امن کي ورائي آڻي هن شهر کي سنواري
 
جواب: ڪراچي شهر کي سهڻي ڀيٽا ...

اهڙي ڪراچي جي ڳولها ۾ آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اڃان ڪونه مليو آهي

هر طرف بارود، جهيڙا، لاش، سڏڪا ۽ خوف ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش ڪو ڪراچي جي امن کي ورائي آڻي هن شهر کي سنواري
 
جواب: ڪراچي شهر کي سهڻي ڀيٽا ...

ها ادا هي شهر پنهنجو صدين کا آهي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي صرف اسان هتي رهڻ جو اونو پيدا ڪيون ۽ دشمن کي يقين ڏياريون ته اسان پنهنجي شهر جا مالڪ آهيون اه سڀ اسان چاهيون ٿا سنڌي هر هڪ هڪ گهر هتي اڏي
 
جواب: ڪراچي شهر کي سهڻي ڀيٽا ...

ادا نثار ابڙو صاحب۔ڪراچي جي باري ۾ احمد سولنگي صاحب جي شاعري ونڍ ڪرڻ تي اوهانجون مهربانيون۔ڪنهن زماني ۾ ڪراچي جو ايم اي جناح روڊ روز شام جو پاڻي سان ڌوتو ويندو هو۔ڪراچي شهر جي صفائي ۽ ٽرام جو ذڪر سڃي پاڪستانن جا زبان تي هوندو هو۔ڪراچي کي روشنين جي شهر طور به سڃاتو ويندو هئو۔ماڻهون پنهنجي فيملي سان دير رات تائين بغير ڪنهن خوف جي گهمندو ورتندو هو ۽ خيريت سان پنهنجي گهر ڏي موٽندو هو پر اڄڪله خوف، قتل ؤ غارات،صفائي جو ناقض انتظام۔بدامني جي راڄ هن ڪراچي جي روح کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي۔هر پارٽي ڪراچي تي قبضي ڪرڻ لاء مخالفن جي لاشن جا انبار وڇائي ڇڏيا آهن۔اڳ ڪراچي ۾ ٻاهريون پيسئن جو سيڙپڪار خوشي خوشي واپار ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ۾ پيسن جي سيڙپ ڪندو هو مگر هاڻي شهر جي امن ؤ امان جي صورت حال ڏسندي پيسئو نه ٿو سيڙائي ۔جنهن سان ڪراچي جي گهڻي ڀاڳي معثيت تباهي ڏي رخ رکيو آهي۔ننڊو وڏو واپاري بهتا خورن جي هٿان تمام گهڻو پريشان آهي۔انساني جان جي ڪا قيمت نه آهي۔هاڻي ته صبح جي ٽائيم تي به گهر کان نڪرڻ کان اڳ ۾ سوچڻو ٿو پوي ته شام جو صحيحي سلامت گهر پهچي به سگهنداسين يا نه۔ڪراچي تي ملڪيت جي دعوي ڪندڙ جيڪڏهن هڪ ٿي ڪري ڪراچي ۾ امن ۽امان جون ڪوششون ڪن ته اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته ڪراچي جون پراڻيون رونقون بحال ٿي وينديون ۽ ٻاهريون سيڙپڪار ّخوشي خوشي پنهنجو پيسئو هن ملڪ ۾ لڳائيندو،جنهن سان ترقي جا رستا به هموار ٿيندا۔الله پاڪ شل ڪرا چي ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ باشندن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي نگهاني آفتن کان بچائي۔
 
Back
Top