ٽائيٽينڪ جهاز جي حادثي جي سوين ورسي جي موقعي تي هڪ خاص تقريب رٿي وئي آهي. ٽائيٽينڪ جهاز ۾ مارجي ويلن جا ڪجهه مائٽ به جهاز ذريعي ان جڳهه تي ويندا جتي ٽائيٽينڪ جهاز سان حادثو ٿيو هو. ايم ايس بالمورال نالي جهاز ان رستي تي سفر ڪندو جنهن تي ٽائيٽينڪ جهاز سفر ڪيو هو. ايم ايس بالمور ال، ٽائيٽينڪ وانگر هڪ هزار ٽي سئو، نو مسافر وٺي ويندو ۽ حادثي جي مخصوص جڳهه تي هڪ تقريب به ڪئي ويندي. ٽائيٽينڪ جهاز 15 اپريل 1912 تي هڪ برفاني ڇپ سان ٽڪرائيندي ٻڏي ويو هو. ان واقعي جي سوين ورسي تي 20 کان وڌيڪ ملڪن سان واسطو رکندڙ مسافر سوار آهن جن ۾ مري ويلن جا ڪجهه مائٽ، ليکڪ، تاريخدان ۽ ٽائيٽينڪ حادثي جي ڪهاڻي ۾ دلچسپي رکندڙ به شامل آهن. مسافر گُل، خانداني نوادرات ۽ ٻيون شئيون کڻي وڃڻ جو ارادو رکن ٿا. ان سفر دوران ٽائيٽينڪ جي اصل مينيو مان کاڌو کارايو ويندو. مسافرن کي ٽائيٽينڪ جهاز جي حادثي واري ڪهاڻي ٻڌائي ويندي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي ثقافتي شعبي يونيسڪو ٽائيٽينڪ جهاز جي ملبي کي بچائڻ جو اعلان ڪيو هو. يونيسڪو جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 700 کان مٿي غوطا خور ڪينيڊا جي ساحل لڳ سمنڊ ۾ چار هزار ميٽر جي گهرائي ۾ موجود جهاز جي ملبي جو دورو ڪري چڪا آهن ۽ اهي پاڻ سان گڏ ملبي ۾ موجود نوادرات به کڻي ويا آهن. يونيسڪو 2001 کان سمنڊن ۽ درياهن اندر موجود ثقافتي ورثن کي تحفظ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. روزانو عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: ٽائيٽينڪ جهاز جي حادثي جي سوين ورسي جي موقعي ياد رهي ته ٽائيٽنڪ جهاز ۾ عملي سميت 1503 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا۔ ٽائيٽنڪ لاء چون ٿا ته فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ اڄوڪي حساب سان 50 هزار ڊالر جي هئي۔ 300 اهڙن ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا جن کي لائيف جيڪيٽس ته پاتل هيون پر ان رات سمنڊ جو درجه حرارت منفي 31 ڊگري هيو، جيڪو موت جو گهڻو سبب بڻيو هو۔ وڌيڪ تفصيل ڪاوش دنيا جي هن پيج تان پڙهي سگهو ٿا۔
اڄوڪي ڏينهن ”ٽائٽنڪ“ ٻڏو هو حيات علي شاهه بخاري دنيا جو سڀ کان وڏو بحري حادثو ”ٽائٽنڪ“ جي تباهي چيو ويندو آهي. اهو حادثو اڄوڪي ڏينهن يعني اڄوڪي تاريخ 14 اپريل 1912ع تي ٿيو. سائنسدانن چوڻ آهي ته ٽائٽنڪ کي ٻوڙڻ جو ڪارڻ ڪا ٻي شيءِ نه هئي، پر هڪ لک سال پراڻي برف جي ڇپ هئي، اها برف ڏکڻ اولهه گرين لينڊ کان سمنڊ ۾ گڏ ٿي هئي. برطانوي يونيورسٽي شيفيلڊ جي ماهر گرانٽ بگ ان بابت 1912ع کان تجزيو ڪيو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ ٽائٽنڪ، ايٽلانڪ سمنڊ ۾ ٻڏو هو، سائنسدان گرانٽ بگ ان حوالي سان ڪمپيوٽر ماڊل جو استعمال ڪيو، جنهن ۾ برف جي ڇپ بابت ڄاڻ حاصل ڪئي وئي، هن جهاز جي ٻڏڻ جي جاءِ جي به کوج لڳائي ورتي آهي، جنهن جون ميٽرالاجيڪل ريڊنگس به ورتيون آهن، ان مطابق برف جي اِها ڇپ 1912ع ڌاري ان هنڌ موجود هئي. سائنسدانن مطابق 14 اپريل 1912ع ڌاري ٽائٽنڪ ٻڏو هو، جنهن ۾ 1517 ماڻهو سوار هئا، ان جهاز جي ڊيگهه 400 فوٽ ۽ اوچائي 100 فوٽ هئي، ان واقعي کان ڪيترائي مهينا اڳ برف جي ڇپ ڳرڻ شروع ڪيو هو، ان ڇپ جي ڊيگهه 1700 فوٽ ۽ وزن 75 ملين ٽن هو، هِن سائنسدان جو چوڻ آهي ته 1912ع جو سال نهايت نڀاڳو هو، جنهن دوران برف جي ڇپ معمول مطابق سمنڊ جي ڏکڻ طرف وڃڻ شروع ڪيو هو، ان سائنسدان، جنهن ٽائٽنڪ تي هڪ ڪتاب لکيو آهي، ان لکيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ سمنڊ ۾ تمام گهڻي برف موجود هئي. ٽائٽنڪ واري حادثي کي 99 سال ٿي چڪا آهن ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ جي تهه ۾ اٽڪل ٻن ميلن جي گهرائي ۾ پيل جهاز جا ٽڪر خاموش زبان سان ڪيترائي داستان ٻڌائي رهيا آهن، جن ۾ اسان لاءِ ڪيترائي سبق به آهن، ٽائٽنڪ پنهنجي زماني جو سڀ کان وڏو مسافر بردار بحري جهاز هو، جنهن تي 3600 مسافرن جي گنجائش رکيل هئي، جڏهن اهو پنهنجي پهرئين سفر تي روانو ٿيو ته ان تي 2223 مسافر سوار هئا، پر ڪجهه تاريخدانن اهو تعداد 2227 ٻڌايو آهي. ٽائٽنڪ جي تعمير 1907ع ۾ اتر آئسلينڊ جي بحري جهازن جي تعميراتي مرڪز بلفاسٽ ۾ 1907 ۾ شروع ٿي، اهو جهاز وائٽ اسٽار لائن جي ملڪيت هو، جنهن هڪ ئي وقت ٽن وڏن جهازن اولمپڪ، ٽائٽنڪ ۽ گيگانٽڪ ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو هو، بعد ۾ گيگانٽڪ جو نالو بدلائي برٽينڪ رکيو ويو. پهرين مهاڀاري جنگ دوران برٽينڪ بحري اسپتال طور استعمال ٿيو، ٽائٽنڪ جي بدقسمتي ان جو پيڇو ڪري رهي هئي. چون ٿا ته ٽائٽنڪ جي ڪپتان اسمٿ روانگي کان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ”هي معمول جو سفر آهي، هن کي سندس 40 سالن جي پيشواراڻا زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪوبه حادثو پيش نه آيو. ٽائٽنڪ جي شروعاتي ڊزائن ۾ ٽي چمنيون هيون، پر پوءِ خوبصورتيءَ جي ڪري ان ۾ هڪ چمنيءَ جو اضافو ڪري چمنين جو تعداد چار ڪيو ويو. ٽائٽنڪ 10 اپريل 1912ع تي پنهنجي پهرئين ۽ آخري سفر تي برطانيه جي بندرگاهه سائوٿ همشائر تان نيويارڪ لاءِ روانو ٿيو، ان سفر کان اڳ ماهرن ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ ان کي وقت لاءِ سمنڊ ۾ هلائي ڏٺو ۽ فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو. هڪ تاريخدان جونريسي جو چوڻ آهي ته تجرباتي سفر ۾ جهاز تي لڳل دوربينيون هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويون ۽ جڏهن ٽائٽنڪ نيويارڪ لاءِ روانو ٿيو ته ان تي دوربينيون موجود نه هيون. جونريسي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن دوربينيون موجود هجن ها ته آئس برگ جو اڳ ئي پتو پئجي وڃي ها، اهو به چيو وڃي ٿو ته ٽائٽنڪ جي عملي کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪابه تربيت نه ڏني وئي. ٽائٽنڪ جي پهرئين سفر ۾ نيويارڪ لاءِ پهرئين درجي جو ڀاڙو 4500، جڏهن ته ٽئين درجي جو صرف 30 ڊالر هو، پر ان جي ٽئين درجي جا ڪيبن ٻين جهازن جي پهرئين درجي جي ڪمرن کان وڌيڪ آسائش وارا هئا. حادثي ۾ زنده بچي ويندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون هيون، ٻڏندڙ جهاز مان رواني ٿيندڙ آخري ٻيڙيءَ جو سوار چارلس جوگن هو، پر اهو ڪو مسافر ڪونه هو، جهاز جي عملي جو هڪ ميمبر هو. وري جڏهن ٽائٽنڪ جي حادثي تي ”ٽائٽنڪ“ نالي فلم ٺهي ٿي ته ان جو ڊائريڪٽر پروڊيوسر ۽ ليکڪ جيمس ڪيمرون هو، اداڪارن ۾ ليونارڊو ڊي ڪيپري، ڪيٽ ونسليٽ، بلي زينيپ، ڪيٽي بيٽس، فرانسز فشر، وڪٽر گاربر ۽ ٻيا هئا. موسيقي جيمس هارنر تربيت ڏني، ڪئميرامين روسل ڪارپينٽر هو، اها فلم ٽوئنٽيٿ سينچري فاڪس، پيرامائونٽ پڪچرز ۽ لائٽ اسٽارم انٽرٽينمينٽ جي بينر تحت ٺاهي وئي. فلم جو دورانيو 195 منٽ هو، ان فلم تي جيڪا لاڳت لڳي سا 200 ملين ڊالر هئي، فلم جو نفعو 2.187 ملين ڊالر هو، فلم ”ٽائٽنڪ“ يارنهن آسڪر ايوارڊ ماڻيا. عبرت جي ٿورن سان