هر ڊزائين ڪيل تقريبن ڪنهن نه ڪنهن خوبرو عورت جي گرد الائي ڇو ٿي گهمي جڏهن ته جنهن الفاظ جوڙيا هوندا اهن تن جو منهن مٿو ئي ڪنهن ٻي طرف هوندو آهي ۔ وسلام
جواب: سمجھ ۾ نه ٿو اچي يار ڏاڏل! مونکي به اها ئي شڪايت آهي، پر ڇا ڪجي ملان جي ڊوڙ مسيت تائين، يا وري ٻليءَ جي خواب ۾ ڇڇڙا ۔۔۔ دوستن کي ڪو جملو هٿ اچي ته بس مائيءَ جي تصوير تي هڻي فيسبڪ تي اسانجو مٿو ڦيرائي ڇڏيندا آهن ۔۔۔ ڏاڙهي ڪوڙڻ واري بليڊ ۾ به مائي ضرور شامل ڪندا ۔۔۔ ڪير چوي ۔۔۔ اوهانکي ڀلا ڪا مائي ڀلي نه لڳي ڇا؟ ههههههههه
جواب: سمجھ ۾ نه ٿو اچي مهرباني ڏاڏل سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڳتي خيال رکبو ۔۔۔۔ پر پوء ڪوبه ڪمينٽ ڪونه ڪندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آزمائش شرط آهي۔ عورتن جي تصوير انڪري هوندي آهي جو شاعر جي ان شاعريء جو محور عورت يا محبوب هوندو آهي۔
جواب: سمجھ ۾ نه ٿو اچي ڏاڏل سائين الله سائين مرد لاءِ ساٿي طور عورت خلقي آهي ، توريت جي پهرين سيپاره (پيدائش) جي آيت 21 ۾ درج آهي ته عورت کي مرد جي پاسيرين مان ٺاهيو ويو۔ هاڻ ڪريو فيصلو عورت کي ڪيئن ٿا پري ڪري سگهون ؟
جواب: سمجھ ۾ نه ٿو اچي حضور سائين جن جو فرمان مبارڪ آهي ، جنهن جو مفهون هي آهي ته ( مون کي دنيا ۾ ٽي شيون پسند آيون ۽ اهي هي آهي، نماز خوشبوء، ۽ عورت ) هي اها عورت هئي جنهن کي اسلام هڪ پنهنجي سڃاڻپ ڏني ۽ مان شان ۽ عزت ڏني، عورت جو وجود انسان جي بقاء جي هڪ ڪڙي آهي، ماءُ به اها عورت آهي جنهن جي پيرن جي هيٺان جنت رکي وئي آهي، بس فرق اهيو آهي ته عورت کي چکي نّظر سان ڏٺو وڃي، ادا ڏاڏل ، اهيا به هڪ حقيقت آهي ته انسان هميشه ٻن جدا جنسن ۾ حيثيت رکي ٿو جنهن ۾ مرد ۽ عورت جو روپ شامل آهي، ۽ انسان جي تخليق ۾ عورت جو وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي، ۽ اهو ڪردار آهي ماءُ جو۔۔۔۔۔ ماءُ جي تعريف لاء ته مون وٽ ايترا الفاظ ڪونهن جو بيان ڪريان، مگر ادا ماء جي قربانين ، ممتا، پيار خلوص، ۽ محبت کي دنيا جو ڪو به ٻچو وساري نه ٿو سگهي، وري جڏهن اها عورت ڀيڻ آهي ته ان جو شان به نرالو آهي، ادا ڏاڏل هي رشتو ته قرباني ۽ سڪ جي هڪ سڃاڻپ بڻيل آهي، بيڻون ته اڪثر ڀائرن لاء پنهنجي خواهشن جون قربانيون ڏينديون آهن، ۔۔۔ وري ڏاڏل سائين عورت زال جي روپ ۾ ڏسو ( جنهن جو وڌيڪ توهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا مان ڇا ٻڌايان ڇو جو توهان ئي شادي شده آهيو ۽ مان نه آهيان ) ته هو جيون ساٿياڻي آهي، ڏک سک جو ساٿ آهي، خدمتن جو ڀنڊار آهي، ۔۔۔۔ ۽ وري اها ساڳي عورت جڏهن ڌيءُ جي روپ ۾ سامهون اچي ٿي ته ان جو شان وري پنهنجو آهي، اسان جو مذهب ته ڌيءُ کي رحمت ٿو سڏي، ۽ اسان جو سنڌي معاشرو ته کيس امان ۽ امڙ جي نالي سان ڪوٺيندو آهي، سو ادا ڏاڏل توهان عورت جا ايترا مخالف ڇو آهيو ايتري مخالفت چڱي ڪانهي، ،،، ادا يا ته پوء مان اهيو ٿو سمجهان ته عورت ته توهان کي به پسند آهي پر توهان هرو ڀرو اک جي پڪائي ڪري سوال ڪيو آهي، ادا ڏاڏل سائين جڏهن ته منهنجي مرشد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ته پنهنجي سموري شاعري عورت جي روپ ۾ ئي ڪئي آهي اهو ان لاء ته عورت هر دور ۾ مظلوم رهي آهي ۽ عورت ڪمزور آ، ۽ منهنجو مرشد ته مظلومن جو ۽ ڪمزورن جو ساٿي آهي باقي ادا توهان ڊاڪٽر فهميده حسين جو هي مقالو پڙهي سگهو ٿا، جنهن جي هر ڳالهه سان متفق هجڻ ضروري نه آهي، مگر توهان لاء ۽ سنڌ سلامت جي باقي دوستن لاء هن مقالي جي لنڪ پيش ڪيان ٿو، سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور
جواب: سمجھ ۾ نه ٿو اچي ڪائنات جي خوبصورت ترين تخليق عورت۔۔۔۔زاهده تاج ابڙو۔۔ روزانه عبرت هن دنيا جون سموريون حسناڪيون مرد سان سلهاڙيل آهن۽ دنيا ۾ عورت ۽ مرد ٻه اهڙا محرڪ آهن جن کان سواءِ دنيا جو چرخو هلڻ مشڪل آهي. ٻنهي جي سهڪار سان سماج جو ڪارونهوار هلي ٿو. قدرتي طور تي ٻئي برابر آهن. زندگي جي هر شعبي ۾ عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي رهي آهي پر بدقسمتي سان دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ عورت کي اها مڃتا ڪونه ٿي ملي جنهن جو هوءَ حقدار آهي. اڄ 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي. اهو ڏينهن پهريون ڀيرو 1911ع ۾ عالمي طور تي ملهايو ويو، جنهن جو مقصد عورتن کي سياسي، سماجي، معاشرتي ۽ معاشي طور تي سگهارو ڪرڻ هو. اڄ به ڪجهه ملڪ اهڙا آهن جن ۾ ان بين الاقوامي ڏينهن تي قومي موڪل جو اعلان ٿيندو آهي. انهن ملڪن ۾ بلغاريه، ويٽنام، چائنا ۽ روس شامل آهن. هتي سوال اهو ٿو اٿي ته اهڙا عالمي ڏينهن عورت کي ڪيتري قدر اڳڀرائي ڪري رهيا آهن. اسان جي معاشري جي هڪ روايت رهي آهي ته هميشه ڇوڪرو، ڇوڪري جي نسبت فوقيتن ۾ رهيو آهي. پيدائش کان وٺي ڇوڪري هميشه احساس محرومي جو شڪار رهي آهي. ڇوڪري جي پيدائش تي والدين مٺايون ورهاين ٿا پر اگر جيڪڏهن ڇوڪري پيدا ٿئي ٿي ته والدين نااميد ٿي ناخوش رهن ٿا. ڇوڪري جي پيدائش تي هر طرف کان مبارڪباد جا جملا ڪسيا وڃن ٿا پر ڇوڪري جي پيدائش تي ”رب جي رضا“ چئي قصو ئي ختم ڪيو وڃي ٿو.ڇوڪري کي پرايو ڌن سمجهيو وڃي ٿو. ”نياڻيون مهمان ٿينديون آهن“ ان قسم سان جملا ڇوڪري کي ننڍپڻ کان ئي ٻڌڻا پون ٿا.هڪ گهر ۾ ڀيڻ ڀاءُ گڏ رهندي به مساوي سلوڪ جا حقدار نٿا ٿي سگهن.پابنديون، شڪ نگراني اهي سڀ اهڙا رويا آهن جيڪي ڇوڪري گهر ۾ محسوس ڪري ٿي. ان قسم جي ماحول ڇوڪري جي پرورش ٿئي ٿي ۽ جڏهن سندس شادي ٿئي ٿي ته ڇوڪري پهريائين احساس ڪمتري جو شڪار ٿيل آهي ته پوءِ مٿان وري مڙس جو تشدد کيس وڌيڪ وائڙو ڪري ڇڏي ٿو. تشدد ذهني هجي يا جسماني عورت تي منفي اثر وجهي ٿو.عورت پنهنجي خوداعتمادي بحال رڪي نه ٿي سگهي. انهن سماج جا مرد رڳو ماني نه ملڻ ۽ ٻوڙ ۾ لوڻ مرچ جي گهٽ وڌائي تي زالن کي قتل ڪري ڇڏين تنهن معاشري جي ترقي جا ڪيترائي امڪان مثبت نظر اچي سگهن ٿا.مرد هميشه عورت کي هڪ ناڪارا ۽ حقير ئي سمجهي ٿو، عورت جي بي حرمتي کيس بي حرمتي نظر نه ٿي اچي، عورت تي ٿيل ظلم ظلم ناهي، عورت تي ٿيل تشدد تشدد ناهي، ان سڄي ڪارروائي ۾ ڪجهه ڪوتاهي عورت جي به آهي. کيس پاڻ تي ٿيل ظلم، تشدد، بيعزتي محسوس ٿئي ٿي نه ئي کيس اهو احساس ئي ناهي ته مرد ساڻس ڪيتريون زيادتيون ڪري رهيو آهي.عجيب صورتحال اها آهي ته تقريبن دنيا جي سڀني مذهبن خصوصن اسلام عورت جي ڀرپور سرپرستي ڪئي آهي. عورت ڪڏهن به پنهنجي صلاحيتن کي سمجهي نه سگهي آهي. عورت انفرادي طور تي هر اهو ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪو مرد ڪري رهيو آهي. هوءَ ملازمت، زارعت، ڪاروبار، تبليغ، طب، فوج ۽ ان کان علاوه زندگي جي هر شعبي ۾ هر ڪم آزادنه طور تي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. پوءِ اخر هو ايترو ڇو ڀوڳي رهي آهي. کيس غلامن جيان زندگي بسر ڪرڻي پوي ٿي. خسيس ڳالهه تي قتل ٿئي ٿي. اهو صرف ۽ صرف خود اعتمادي جي ڪمي جو نتيجو آهي. نفسيات جي ماهرن جو خيال آهي ته عورتون دٻاءُ واري زندگي گذارين ٿيون ۽ محنت مشقت به مرد کان ٻيڻي ڪن ٿيون کيس کاڌو به مرد کان مقابلي ۾ گهٽ ملي ٿو. عدم تحفظ جو احساس، گهر جو گهٽيل ماحول، هڪ ٽوڪ، طعنه، تنڪا، ازدواجي زندگي جون محروميون، عورتون کي ڊپريشن جو شڪار بڻائڻ ٿيون. عورت آخر مرد تي انحصار ڇو ڪري ٿي؟اهو درست آهي ته عورت مرد جو سٺي ماحول ۾ گڏ رهڻ خوشگوار زندگي جي علامت آهي. پر ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي معاشري ۾ عورت کي اهو ذهن نشين ڪرايو ٿو وڃي ته هو مرد کان سواءِ اڌوري، اڻپوري آهي ۽ دنيا جا ڪم ڪار ڪرڻ عورت جي وس جي ڳالهه نه آهي.مٿان اهي سڀ تصور ۽ روايتون غلط آهن. عورت کي جسماني، نفسياتي ۽ ذهني طور تي ڪمزور ڪرڻ ۾ اسان جو معاشرو وڏو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.ننڍپڻ ۾ ڇوڪرين کي اهو ذهن نشين ڪرايو ٿو وڃي ته هوءَ ڪمزور آهي. کيس خودمختياري مضبوط ۽ مشڪلاتن تي تربيت ڪانه ٿي ڏني وڃي کيس اڪيلي ٻاهرن نڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو.مزي جي ڳالهه اها آهي ته وڏي ڀيڻ کي ڪاليج يا ٻئي ڪنهن جڳهه تي ڇڏڻ لاءِ رستي تي محافظ طور ننڍي ڀاءُ کي ساڻ ڪيو وڃي ٿو. والدين ننڍپڻ ۾ ئي هيسائي کيس ڇڏين ٿا.گهر جي معاملن ۾ صرف مردن کان صلاح مشورو ورتو ويندو آهي. عورت کان راءِ وٺڻ ضروري نه سمجهيو ويندو آهي. جڏهن سماج ۾ عورت کي برابري جي بنياد تي حق نه ملي کيس ننڍين ننڍين ڳالهين تي هراسان ڪيو وڃي تنهن معاشري جو نسل ذهني طور تي مفلوج ٿي ويندو آهي.8 مارچ جهڙا ڏينهن عورتن جا مسئلا حل ته نه ٿا ڪري سگهن پر عورتن ۾ جاڳرتا ۽ شعور ضرور پيدا ڪري رهيا آهن جن بعد عورتن کي احساس ٿئي ٿو ته هنن جي ڪا هن دنيا ۽ معاشري ۾ ڪا حيثيت آهي.ڪائنات جي خوبصورت ترين تخليق عورت کي اهو احساس ئي ڪونهي ته هن دنيا جي خوبصورتي صرف ۽ صرف سندس بدولت آهي. هوءَ هن ڪائنات جو ڪيترو نه سگهارو ۽ اهم محرڪ آهي. ان ڳالهه ڳالهه جي کيس خبر ڏيڻ ضروري آهي. جيڪا هن کي خبر ئي ناهي. 8 مارچ جهڙا عالمي ڏينهن عورت جي خوداعتمادي ۽ طاقت وڌائڻ ۾ ڪائنات ثابت ٿين ٿا. هر وقت جي ڳوڙهن ڳاڙڻ واري عادت کيس بدلائڻي آهي. متوازن ۽ مهذب معاشري جي نشاني خوشحال گهراڻو آهي ۽ ان گهر جي پيڙهه ۽ رونق عورت آهي. سماج ۽ گهر ۾ راحت ۽ سڪون مهيا ڪرڻ ۽ عورت جو وڏو ڪردار آهي. ان کان علاوه گهر کان ٻاهر نڪري به ڪيترائي ڪم عورت تمام بهترين نموني سرانجام ڏئي رهي آهي.پر سڀ تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن عورت کي سماج ۽ گهر ۾ باعزت مقام ملي ، جنهن جو هوءَ مستحق آهي.پنهنجي نااميدي ۽ حسرتن کي نظرانداز ڪري عورت کي پنهنجو پاڻ ۾ پختگي آڻي، سڀني سماجي احساسن روين، فڪرن،تصورن کي بدلائڻو پوندو.عورت کي پاڻ مٿان کنيل هر هٿ ۽ نظر پاڻ روڪڻو آهي. ڪا آسماني مخلوق سندس مدد لاءِ ڪونه ايندي. جيسين هوءَ پنهنجي مدد پاڻ ڪونه ڪندي. ڪير ٻيو اڳيان ڪونه ايندو.زندگي جا بنيادي حق، تعليم، صحت، پرسڪون ماحول، باوقار زندگي، حاصل ڪرڻ لاءِ کيس هڪ مسلسل جنگ وڙهڻي آهي.مرضي مطابق زندگي جو حق، خود ڪفيل ٿيڻ جو حق، آزادي جو حق، شادي جو حق، اهي سڀ حق عورت پنهنجي شعورجي طاقت سان حاصل ڪري دنيا ۾ هڪ بهترين مقام ماڻي پاڻ کي سگهارو بڻائي سگهي ٿي.