دوستو تازو سنڌ سلامت جي هڪ موضوع تي شاه سائين جي انگريزي ۾ رسالو PDF ۾ رکيل ڏٺم.. مسئلو اهو هيو جو اهو فائل جيئن ته scribd.com تي اپلوڊ ٿيل هيو ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاء پيسا گهربل هئا ويبسائيٽ تي. نيٺ هڪ طريقو اهڙو مليو جنهن ذريعي scribd.com تان هر قسم جو ڪتاب مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو.. اوهان دوستن سان ونڊ ڪريان ٿو...
scribd.com تي وڃو... ۽ ڪتاب ڳوليو... پسند جي ڪتاب جا ٽائٽل وارا لفظ ڪاپي ڪريو
هاڻي ويب برائوزر ۾ scribd.com/mobile ٽائيپ ڪريو..
۽ انهي ۾ ڪاپي ٿيل لفظ پيسٽ ڪريو.. (ڪاپي پيسٽ ته ايندي هوندي اوهان کي لولز)
هاڻي اوهان جي سامهون ڪتابن جي لسٽ آهي. انهن ڪتابن مان گهربل ڪتاب تي ڪلڪ ڪريو ته اوهان جي سامهون نئون صفحو کلندو جتي ڪتاب جي تصوير ۽ ڊائونلوڊ بٽڻ نظر ايندو...
توهان جو ڪم ٿي ويندو...
مونکي تمام بهترين سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪرڻ لاء مليا...