جواب: منهنجا خواب گُلابن جهڙا : شاعري (ذوالفقار بهڻ)
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ادا سائين محترم ذوالفقار بيهڻ جي شاعري پڙهي اسان کي بي انتها لطف آيو۔بيهڻ صاحب جن هڪ باشعور،نازڪ ۽ حساس دل جا مالڪ آهن۔انهن جي سوچ ۽ ذهن جي وسعت سان گڏ هنن جي مشاهدي واري اک تمام گهڻي گهري آهي،انهڪري هنن جي شاعري ۾ تمام گهڻي گهرائي آهي۔اسان جو هي اڳڻ ڏاڍو خوش قسمت آهي جٿي سٺن ڏاهن سان گڏ بهترين شاعر۔ مثلان بيهڻ صاحب۔ادا نثار ناز صاحب۔ڪنهن حد تائين ادا سليمان وساڻ اوهان،عاشق سولنگي ،ادي سنڌي نور ۽ ڪجه ٻيا محترم جن جا نالا هن مهل اسان کي ياد نه ٿا اچن۔نه رڳو ميمبر آهن پر پنهنجي خوبصورت شاعري سان هن اڳڻ جي زينت ۾ اضعافو ڪندا پيا اچن۔
اسان ايڊمين ۽ ٻين هن فورم جي ميمبرن کي گذارش ڪنداسين ته ڇو نه اسان هڪ شام پنهنجي انهن پيارن سان رهاڻ ۾ گذاريون،انهن جي شاعري سامهون ٻڌي انهي کان لطف انداز ٿئٍجي ورنه شاعري جي باري ۾ رپورٽون پڙهي هاڻي اسان جي ايڏي تسلي نه ٿي ٿئي ۽ دل انهن سڀني محترمن کا سامهون ٻڌڻ لاء ضد ٿي ڪري۔
ڇا خيال آهي محترم ميمبرس ان باري ۾۔تواهان اسان جي مٿين ڳالھ سان متفق آهيو يا نه۔