بشير خان کي دل جي ڪا به تڪليف نه هئي، پر سڪرنڊ اسپتال جي ڊاڪٽرن، سندس موت جو سبب (Heart attack) ڄاڻايو. اهو ممڪن آهي ته صورتحال ائين ئي هجي ۽ بشير خان جو موت فطري هجي، پر رات جو 3 وڳي ڌاري، جيئن ئي مون کي ڪنهن دوست ننڊ مان اٿاري اها افسوسناڪ خبر ٻڌائي ته منهنجو پهريون ردعمل اهو هو، ”بشير خان جو موت غير فطري آهي، شايد کيس قتل ڪيو ويو هجي.“ دراصل 23 مارچ جي انتهائي پرامن ۽ منظم ريلي ۾ سنڌي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي، پر حيرت انگيز حد تائين حڪومت پاڪستان ان بابت انتهائي حد تائين پراسرار خاموشي اختيار ڪئي هئي. 4 ۽ 5 اپريل تي ڪجهه دوستن سان مون اهو تذڪرو ڪيو هو ته سرڪار جي خاموشي کي هلڪو نه وٺڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته ڪو وڏو حملو ٿئي. اها ته خبر نه هئي ته ڇا ٿيندو؟ پر اهو منهنجو تجزيو هو ته جيڪي ڪجهه ٿيندو، اهو غير معمولي هوندو. ٿورن ڏينهن اندر بشير خان جي موت جي خبر آئي. مون سميت ڪو به ذهن، انهيءَ خبر کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو. سڀني جي ذهنن ۾ شڪ ۽ سوال هئا. هي سٽون لکجڻ تائين پوسٽ مارٽم رپورٽ نه جاري ٿي آهي ۽ ان جي طريقيڪار ۽ شفافيت تي بشير خان جي تنظيمي ساٿين پاران اعتراض اٿاريا ويا آهن. سرڪار کي گهرجي ته بشير خان جي وارثن ۽ سڄي سنڌ جي عوام جي تسلي لاءِ بي ريا جاچ ۽ رپورٽ جاري ڪري. جيڪڏهن بشير خان جو موت محض دل جي دوري پوڻ سبب ٿيو آهي ته وڏي افسوس سان قبول ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو دل جو دورو ڪنهن کي به پئي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن بشير خان جو موت، ڪنهن سازش جو نتيجو آهي، يا ڪنهن زهر وغيره سبب ٿيو آهي ته پوءِ انتهائي تشويشناڪ ڳالهه هوندي. بشير خان جو موت، سنڌ جو هاءِ پروفائيل ڪيس آهي. جيڪڏهن اها سازش آهي، ۽ اها تصديق ٿيڻ بعد، ڇا سندس قاتلن تائين پهچي سگهبو؟ اهو وڏو سوال آهي، ان کان وڌيڪ اهو سنڌ جي قومي تحريڪ تي نفسياتي حملو هوندو، آئنده ڪو به اڳواڻ پاڻ کي هر هنڌ غير محفوظ سمجهندو، دعوتون کائڻ، عام جاين تي کائڻ، پيئڻ وغيره بابت غير يقيني رهندي ۽ خود قومپرست اڳواڻن جي ميزباني ڪندڙ دوست توڙي ڪارڪن به منجهي پوندا ته ڪٿي ڪو مسئلو نه ٿي پوي. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته بشير خان جي موت جي اصل حقيقت پڌري ٿئي، پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته قومي تحريڪ خلاف هلندڙ نفسياتي جنگ ۽ حملي کي سمجهيو وڃي ۽ ان جو حل ڪڍيو وڃي. ٻي ڳالهه ته مون کي هي لفظ چوڻ ۾ ڪو به عار محسوس نٿو ٿئي ته بشير خان، جيئي سنڌ هلچل جي سڀني اڳواڻن ۽ سڀني پارٽين مان وڌيڪ عوامي اثر رکندڙ هو. مون جيتري قدر ڏٺو ۽ 1995ع کان 2000ع تائين، جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ته مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو ته بشير خان باهمت ۽ سخت محنتي هو. اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ عوام سان ڳانڍاپو، سندس شخصيت جا ٻه نمايان پهلو رهيا آهن. مون سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي بشير خان سان اختلاف به هئا، الڳ به ٿياسين، پر جڏهن به ملياسين ته وڇڙيل دوستن وانگر پيار ۽ عزت سان ملياسين. اها حقيقت آهي ته بشير خان سائين جي ايم سيد جي فڪر کي سنڌ جي وسيع علائقي ۾ عوامي سطح تي متعارف ڪيو. جيئي سنڌ هلچل، جيڪا هيٺين وچولي طبقي جي ملازمت يا ڪاروباري ماڻهن، شاعرن، اديبن ۽ دانشورن تائين محدود هئي، ان کي عوامي رنگ ۾ رڱڻ شروع ڪيو، بيروزگار نوجوان، هاري، مزدور، وچولو طبقو، زميندار، غرض ته قومي تحريڪ کي محدود دائري مان ڪڍي وسيع دائري ۾ وٺي اچڻ جو اعزاز ۽ ڪردار بيشڪ بشير خان قريشي جو هو. ٻيو ڪير مڃي يا نه مڃي، آئون بنا هٻڪ جي قبول ڪريان ٿو ته اسان جيڪي پاڻ کي نظرياتي ڪارڪن، سياسي تعليم جا ماهر، دانشور، ليکڪ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا سمجهون ٿا، تن ڪتاب ته گهڻا پڙهيا هوندا، ليڪچر ۽ تقريرون ته شاندار ڪيون هونديون، پر نه رڳو شخصي طور پاڻ، عوامي اڳواڻ ٿي اڀري نه سگهيا آهيون ۽ نه وري پنهنجي جماعتن کي عوامي رنگ بخشي سگهيا آهيون. نظرياتي تعليم ۽ سياسي سنجيدگي جي نعري بازي ۾ جماعتن کي، عوام جي وسيع حلقن ڏانهن وٺي وڃڻ جي بجاءِ، جيئي سنڌ هلچل جا سمورا گروپ پاڻ کي ڪجهه دوستن جي ٽولي تائين محدود رکيو ويٺا آهن. ٻئي طرف بشير خان هو، جنهن کان سڀ الڳ ٿيا، پر پوءِ به هن جي محنت ۽ جدوجهد جو اهو ڪمال هو، جو اسان سڀني کان وڌيڪ ڪارڪنن جو تعداد، عوامي سگهه ۽ حمايت بشير خان کي حاصل هئي. بيشڪ، اسان پنهنجو پنهنجو سچ ٺاهي جدا ٿي ويهي رهياسين، ڌار ڌار سفر جاري ڪيوسين، پنهنجي سچ کي قطعي سچ سمجهيوسين، پر نتيجي جي لحاظ سان قبولڻ گهرجي ته علم ۽ دانشوري هوندي به اسان پنهنجن جماعتن کي عوامي جماعتون نه بنائي سگهياسين. اسان تنقيد پئي ڪئي ته بشير خان قريشي وٽ عوامي هجوم ته آهي، پر عوامي تنظيم ۽ سياسي تعليم ڪونهي. پر ڇا اسان ڪڏهن ان سوال جو جائزو ورتو ته اسان ڪهڙي عوامي تنظيم (ڌار ٿيڻ کانپوءِ) ٺاهي آهي؟ ڪهڙا ادارا جوڙيا آهن؟ بشير خان ته چوندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ هو عوام کي گڏ ڪري سگهي ٿو ۽ اهو صحيح چوندو هو، پر هن کان ڌار ٿيل اسان سمورا گروپ ته اهو به نه ڪري سگهياسين. اهو سمجهندي به انقلاب ۽ تبديلي جو اصل سرچشمو ۽ طاقت عوام آهي، اسان پنهنجي شخصيت کي، پنهنجي جماعتن کي عوام جي دلين ۾ لاهي نه سگهياسين. اها اسان جي تمام وڏي ڪوتاهي ۽ نااهلي هئي ۽ آهي؟ پر اسان صرف بشير خان کان توقع ٿي ڪئي ته جدوجهد به هُو ڪري ۽ ادارا به هُو ٺاهي؟ اسين جيڪي هُن سان گڏ هلڻ لاءِ تيار نه هئاسين، هُن سان گڏ رهي هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار نه هئاسين، اڪيلو ڪري، پنهنجو سچ چئي ۽ ٺاهي ڌار ٿي وياسين ۽ ڌار ٿيڻ کانپوءِ به ڪي خاص نتيجا ڏئي نه سگهياسين!! اسان قومي تحريڪ ۾ بهتري چاهي ٿي، نه ڪي انتشار، پر شايد بهتري جي نعري ۽ نالي ۾ اسان به ڪجهه ساٿين هٿان استعمال ٿياسين، معاملن کي ڇيڙي ته ويٺاسين، پر معاملن کي سنڀالي نه سگهياسين، تنهن ڪري اسان کي ٿڌي دل ۽ دماغ سان ماضي، حال ۽ مستقبل جو جائزو وٺڻ گهرجي. منهنجي مشاهدي موجب سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ بشير خان جو وڇوڙو اهو ٻيو اهم سانحو آهي، جنهن نه رڳو قومي تحريڪ کي، پر سڄي سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. سڀني تنقيدن جي باوجود هيءَ حقيقت آهي ته بشير خان جي وڃڻ سان عوامي جدوجهد جو اهو مورچو عارضي طور خالي ٿي ويو آهي. پارٽيون ته پيون هلنديون، پر اهڙي شخصيت جي اڀرڻ لاءِ وڏي محنت ۽ وڏي وقت جي ضرورت آهي. تنهن ڪري منهنجي سمجهه مطابق اڄ وڇوڙي جي غم کي طاقت ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي. جيئن سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي بعد جسقم کي وجود ۾ آندو ويو. حالانڪه اهو حالتن جي دٻاءُ تحت ٺهيو، ان جي ٺهڻ وقت اختلافي معاملا سلجهائڻ جي بجاءِ دٻايا ويا هئا، نتيجي طور ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهي. ان ڀڃ ڊاهه جا ڪي سبب هوندا، پر وقت ۽ حالتن جي روشني ۾، جدا جدا پارٽيون ٺاهڻ ۽ انهن جا نتيجا ڏسڻ کانپوءِ منهنجي خيال ۾ هاڻي بشير خان جي وڇوڙي سان ٿيل قومي نقصان جو ازالو صرف گڏجڻ جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي. تنهن ڪري نه رڳو سڀني کي ان نقطي تي سوچڻ گهرجي، پر هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ گهرجي. رڪارڊ جي درستگي خاطر بشير خان جي وڇوڙي کان پهرين، سائين جي ايم سيد جي ورسي، گڏيل طور ملهائڻ جي سلسلي ۾ مون جيئي سنڌ هلچل جي مختلف جماعتن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون هيون، ان دوران بشير خان جي وڇوڙي جي دل ڏکوئيندڙ واردات ٿي وئي ته اسان اڳ ۾ ئي اهو چاهيو پئي، پر هاڻي ته حالتن جي تقاضا آهي ته وري سڀ گڏجي هڪ ٿيون. اهو به اهڙي ريت جو اختلافي معاملن کي اڪلائي، ڳالهائي، ائين جو وري ڪا ٽوڙ ڦوڙ نه ٿئي. منهنجي نظر ۾ ڏنل قربانين کي ڀيٽا ڏيڻ جو اهو ئي صحيح ۽ وقتائتو قدم آهي. هميشه دعائن ۾ ياد رکندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت پاران سيد گل محمد شاه راشدي
جواب: قربانين کي ڀيٽا ڪيئن ڏجي؟ منهنجي خيال ۾ هي لفظ جيئي سنڌ جي آصف بالاديءَ جا آهن ۔۔۔ ادي گل محمد راشدي صاحب کي عرض ڪيو هو ته جڏهن ڪو مقالو يا مضمون موڪليو ته لکڻ واري جو ذڪر ضرور ڪندا ڪريو ،،،، اسان قومي سوچ رکندڙ به سندس مٿئين لفظن جي تائيد ڪريون ٿا ته جيستائين ٻڌي ۽ ايڪو قائم نه ٿيندو تيستائين سنڌ جي آزادي ته ڇا سنڌ جو ڪو به مسئلو حل ٿيڻو ناهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: قربانين کي ڀيٽا ڪيئن ڏجي؟ لفظ ڪنهن جا به هجن پر جڏهن اِها انتهائي ڏکائتي خبر جنهن جنهن جي ڪن تي پئي ته اُن دوست کان بي اختيار لفظ نڪتا آهن ته هن جو وڇوڙو غيرفطري آهي ۔ بشير قريشي جو ڪراچي وارو جلسو ڪنهن کي به نه وڻيو هو۔ اُن ۾ پنهنجا پراوا سڀ جو سڀ شامل آهن ۔ ڪو مڃي يا نه مڃي ۔