• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏهيسر ، سيسر ۽ ڏيڏر

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اڄ سڄو ڏينهن سڄڻن کان موبائيل تي ميسيج ملندا رهيا۔ ته ڪنهن وقت جو سنڌ جو ڏهيسر هو ڪٽر سنڌي هو هِن کي جنهن پارٽي ڏهيسر بڻايو هو ان پارٽي کي ڇڏيندي سيسرن وارو ڪم ڪندي نئون نظريو تيار ڪري سيسر ٿي ويٺو۔ اڄ هن ڏيڏر بڻجي ٻاڦ ٻاڦي آهي ته هو پنهنجي پارٽي نواز شريف جي پارٽي ۾ ڪرسي خاطر ضم ڪرڻ وارو آهي ۔ اُهو نواز شريف جنهن سنڌين جي خلاف جاگ پنجابي جاگ تيري پگ نون لگ گيا داغ جو نعرو ڏنو آهي ۽ ظلم جي انتها ڪرسي جي لالچ ۾ ايتري انڌائپ جو مظاهرو جو شهرِ بشير قريشي رتوديرو ۾ نواز شريف اعلان ڪندو ته نامور سنڌين جو قنڌار مڙس منهنجي پيرن ۾ ڪري پيو آهي۔
رضوان علي جمالي
زوب بلوچستان
 
جواب: ڏهيسر ، سيسر ۽ ڏيڏر

ادا پوء ڇا ڪجي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙن قومپرستن جي پويان لڳجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ويا مور مري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي هاڻ سڀ ڪائيرا بچا آهن
 
جواب: ڏهيسر ، سيسر ۽ ڏيڏر

جيتوڻيڪ اوهانجي عنوان ” ڏهيسر، سيسر ۽ ڏيڏر“ پڙهڻ سان ئي پهريون جيڪو تصور اڀريو اهو هو پ پ پ ۔۔۔۔۔ ڇاڪاڻ هن پارٽيءَ ۾ ڪيترائي وقت جا سيسر، ڏيڏر ۽ منهن تي نقاب پاتل ڏهيسر“ نظر ايندا، تازو مرزا به ته آهي ۔۔۔۔ هڪ ڳالهه سمجهي ڇڏيو ته سنڌ جو وڏيرو، جاگيردار ۽ مذهبي پيشوا هن وقت سنڌ سان غداريءَ وارو ڪردار چاهيندي يا نه چاهيندي، ڄاڻيندي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ به ادا ڪري رهيو آهي ۔۔۔ سنڌين هميشه اهڙن ئي ماڻهن کي ڪرسيءَ تي چاڙهيو آهي جيڪي غداريءَ سميت بي ايمان پڻ هوندا آهن ۔۔۔

ياد ڪريو جيئي سنڌ جو هڪ ڪردار ” گل محمد جکراڻي“ جيڪو ڪنهن وقت ۾ سنڌ جو سورهيه سڏرائيندو هو، اڄ اهو ئي سورهيه جڏهن غدارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيو هلي ته ايم اين اي ۽ گهڻو ڪجهه ٿي ويو آهي۔ اهڙا ڪئي ڪردار آهن جي وقت سان گڏ ڦرندا رهيا آهن ۔۔۔

ڀلا جيڪڏهن قومپرست يا سنڌ جا سڄڻ پ پ پ ۽ مسلم ليگ کان علاوه الڳ الڳ ٿي صرف ۽ صرف سنڌيت جي بنياد تي ڪٺا ٿي اليڪشن وڙهندا رهن ۽ محنت ڪن ته ممڪن سنڌي قوم مٿن ڀروسو ڪري، سنڌيت جي صدقي ۾ کين مان ڏئي وجهي ۔۔۔

ممتاز ڀٽو، ذوالفقار ڀٽي جي قاتلن جي پئداوار سان گڏ ٿيو آهي !!!! ڇا ٿي پيو؟ زرداري ڀٽو، شاهنواز، مرتضيٰ ۽ بينظير جي قاتلن سان گڏ ويٺو آهي !!! ڇا ٿي پيو ؟۔۔۔۔ گرگٽ جيئان رنگ مٽائڻ ڪو پاڪستاني سياست ڪندڙ سياستدانن کان سکي ۔۔۔!!!

ڇا جي ايم سيد سنڌوديش جي ڳالهه مٿي جي سور پوڻ ڪئي هئي، نه نه هن ڏاهي ايماندار انسان پاڪستان جي سياست ۽ انجي پئمانن کي ڏسندي ڪيو هو ۔۔۔ سنڌ کي پاڪستان جي سياست مان ڪڏهن فائدو نه ٿيندو، اها ته پڪي ڳالهه آهي، اسانجي جيتري حياتي آهي ته شرط لڳل هجي ۔۔۔؟؟؟؟

آهي ڪو دوست جيڪو مونسان مٿي ۾ گولي گولي جي شرط رکي ته پاڪستان ۾ ماڻهن سان انصاف ٿيندو ۽ خوشحالي ايندي ۔۔۔؟؟؟ آءُ انڪار ۾ شرط رکانٿو ۔۔۔ گوليءَ جو سزاوار

الله ڏاهي مَ ٿيان
 
Back
Top