دل جي هڪ تارَ ڇڄي پوندي، مڃان ٿو سائين! ڌَڙڪندي پيئي مگر پوءِ به اُبتي سـُـبتي، منهنجي دل ناهـِـه ڪا مومل، جو رُٺل راڻي لئه- هجر جي ڏاگهه ۾ بـُـل ڏيئي سـَـڙِي ٿيندي ستي! آثم ناٿن شاه
جواب: دل جي هڪ تارَ ڇڄي پوندي، مڃان ٿو سائين! صفا ڪا مون جهڙي حالت اٿس، دل ڌڙڪي ٿي پر ابتي سبتي، ڪڏهن تڪڙي ڪڏهن هلڪي ۔۔۔ ڇا ڪجي عرس پريو اهڙيون عمارتون ٿو ڏيکاري جو پنهنجا جهوپا ياد اچي ٿا وڃن ۔۔۔۔ اي دوست! هي ونڊ، دل تي ڄڻ ڪريو بم آ، ستي ٿيڻ سولو، وڇوڙي جو غم سهڻ ڏکيو آ۔
جواب: دل جي هڪ تارَ ڇڄي پوندي، مڃان ٿو سائين! اها شاباس اٿس جو دل ڌڙڪي رهي آهي ۔۔۔۔۔ جي نه ڌڙڪي ته جيڪر ڪم لهي وڃن۔ خوبصورت چترڪاري ۽ تمام سهڻي چونڊ ۔۔۔ اوهان جي ڊزائن به لاجواب ٿيندي پئي رهي۔ پر ابا ڏاڏل جو موضوع به ضرور پڙهجو۔
جواب: دل جي هڪ تارَ ڇڄي پوندي، مڃان ٿو سائين! خير آ سائين بچي ته ويو نه ڏاڏل کي جيڪو توهان جواب ڏنو آهي منهنجو به اهو ئي جواب آهي
جواب: دل جي هڪ تارَ ڇڄي پوندي، مڃان ٿو سائين! آثم ناٿن شاهي ۽ چاچو عبدالڪريم گدائي اِهي اُهي سنڌ ڌرتي جا ٻچڙا آهن جن پنهنجي مادري ٻولي اردو ۽ پنجابي وساري سنڌ ڌرتي جي سينڌ چمي پنهنجي سنڌي هُئڻ جو پڪو ثبوت ڏنو آهي الله سائين ٻنهي کي جنت الفردوس ۾ ڪشادي جڳهه عطا ڪري آمين ثم آمين