سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي 15 اپريل 2012

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڏات ڌڻي جيڪو سوچيندو آهي اهو قومن جو آئندو هوندو آهي، استحصالي قوتن سان شاعر
    سدائين پنهنجي شاعريءَ ذريعي ويڙهاند ڪندو آهي، آفتاب ميمڻ جي نثري نظم تي جاکوڙي اديب مشڪور ڦلڪاري جو اظهار:​


    رپورٽ نثاراحمدناز
    تصويرون : شاهه زيب نثار سمون​


    [JUSTIFY]
    ڪالهه بروز آچر 15 اپريل 2012 تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ڀرپور دستوري گڏجاڻي سنگت جي پنهنجي آفيس سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ ٿي گُذري جنهن جي صدارت سنگت جي جاکوڙي ليکڪ مشڪور ڦلڪاري ڪئي، هن گڏجاڻي ۾ نثاراحمد ناز غزل ، آفتاب ميمڻ نثري نظم ، خاڪي شاهه قيس ڪاظمي، چئو سٽو، محمد رفيق آس لغاري چئو سٽو، تاج ٽکڙائي، نظم، گُل حاجاڻو بيت محمد سومار ملهار غزل، حاجي حسين ڀٽي ڪافي، انعام ٽکڙائي نظم عاشق علي ڳاهو، غزل ساگر سڪندر پسيو غزل اصلاح واسطي سنگت سامهون پيش ڪيا،نثاراحمدناز جي غزل تي ڪافي سارن دوستن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته نثاراحمدناز جي شاعري سدائين پنهنجي فني لوازمات سان توريل تڪيل هوندي آهي ان هوندي به غزل جي هڪڙي بند : بنا مئه ڪشيءَ جي صفا مست ٿي، نشي نينهن جي ۾ خماريل اکيون جو قافيو خماريل غزل جي باقي بندن جي قافيئي سان ميچ ڪونه ٿو ڪري، نثارناز انهي ڳالهه کي جزوي طور مڃيندي چيو ته منهنجي غزل جو اهو بند تسلسل جي لحاظ کان پورو آهي ۽ ڪافيو خماريل ٻين ڪافين سان ملي ٿو ان هوندي به ڪوشش ڪري اڃا ڪو نئون ڪافيو لکي ان غزل ۾ هو ضرور ترميم ڪندو، پنهنجي صدارتي راءِ ڏيندي مشڪور ڦلڪاري چيو ته نثارناز جو غزل فني ۽ فڪري لحاظ کان ڀرپور آهي نثار ناز جي شاعري ۽ سندس انداز بيان دل جا تار ڇيڙي ڇڏيندي آهي۔[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]آفتاب ميمڻ جي نثري نظم تي ڪافي دوستن سارهايو ، ڪجهه دوستن اها راءِ ڏني ته استحصال ، دهشت گردي جي زمري ۾ نٿو اچي ان تي آفتاب ميمڻ پنهنجو جواب ڏيندي چيو ته ڪو ظالم ڪنهن غريب جي وات جو گره ڦري استحصال ڪندو آهي ته هن جي نظر ۾ اها به دهشت گردي آهي، ڪو زميندار هاريءَ کي قيد بند ۾ رکي ان جو استحصال ڪندو آهي اها به هن جي نظر م دهشت گردي آهي، هو استحصال جي هر رنگ کي دهشت گردي سمجهندو آهي آفتاب ميمڻ جي نثري نظم تي پنهنجي صدارتي راءِ ڏيندي مشڪور ڦلڪاري چيو ته شاعر يا ڏات ڌڻي جي سوچ جا ماپا عام ماڻهن کان مختلف هوندا آهن ، هو جڏهن به ڪا شاعري ڪا ڪهاڻي ، ڪو مضمون سرجيندو آهي ته ان جي نظر ۾ قومن جو آئندو هوندو آهي ، پيار جو معراج هوندو آهي ، شاعر جي سوچ سدائين فلسفيانه هوندي آهي شاعري سدائين استحصالي قوتن سان جهيڙيندو نظر ايندو آهي آفتاب ميمڻ جو هي نثراڻو نظم به استحصالي قوتن سان سڌو سنئون جهيڙو آهي، نامور شاعر انعام ٽکڙائي جي نظم جيڪو هُن سنڌ جي ارڏي پُٽ بشير خان قريشي جي مرتئي تي لکيو هو کي مجموعي طورتي گهڻو سارهايو ويو. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نوجوان ميمبر عاشق ڳاهو جي غزل:[/JUSTIFY]

    روز ڪو دوست ٿو دوا آڻي
    سو ملڻ ئي کپي شفا هاڻي

    گُل ته ڏاڍا جهليا هُئا ٻوٽي
    پر سمورا ڇڏيا هوا ڇاڻي


    سرحدن تي وڇوڙيا وينداسين
    پوءِ ملنداسين سو خُدا ڄاڻي

    طلسمي ڪاڪ سارو آ تُنهنجو،
    توکي مومل ڪو ڪيئن ڀلا ماڻي

    زندگي جي ڇڄيل کٽولي کي
    چاهتن سان ڪانه ڪا واڻي

    پاڻ مسڪين ڪٿ سگهون ها وٺي
    جي ملي ها مٺا وفا هاڻي

    رت دانگي مٿان وريو ناهي
    ڀالو بيٺو اٿم ادا تاڻي​


    [JUSTIFY]تي دوستن دل کولي محترم عاشق علي ڳاهي کي داد ڏني، نثاراحمد ناز سندس هن خوبصورت غزل تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته عاشق علي ڳاهو اسان جي سٿ ۾ واحد شاعر آهي جيڪو پنهنجي شاعري ۾ سدائين نوان تجربا ڪندو آهي جيئن عاشق جو هي غزل ٻن قافيه تي مشتمل آهي دوا آڻي ، ان کانپوءِ شفا هاڻي ، هوا ڇاڻي، خُدا ڄاڻي، ڀلا ماڻي، نڪا واڻي، وفا ناڻي، ادا تاڻي سموري جو سمورو غزل ذو قافيه تي مشتمل آهي، ان کان علاوه عاشق پنهنجي هن غزل جي هر بند ۾ تسلسل جي لحاظ کان به نت نوان خيال سرجيا آهن جنهن جي ڪري غزل پنهنجي رواني جي لحاظ سان مهراڻ جي موجين جيان ڇوليون پيو هڻي. عاشق ڳاهو جي هن غزل تي پنهنجي صدارتي راءِ ڏيندي مشڪور ڦلڪاري چيو ته اسان جو سنڌي نوجوان هاڻي وقت جي ڌارا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو هنر سکي ويو آهي ، عاشق ڳاهو کي لک شاباسون ۽ جس هُجي جو پنهنجي خوبصورت شاعري سنڌي ماڻهن لاءِ لکي جيجل سنڌ جي حلالي پُٽ وارو ڪردار ادا ڪري پيو، عاشق ڳاهو هر موضع تي پنهنجي شاعري ذريعي سنگت جي هر گڏجاڻي ۾ نمايان رهيو آهي سدائين پنهنجي خوبصورت شاعري ذريعي مڃتا ماڻي آهي . مٿين شاعرن کان علاوه هن دستوري گڏجاڻي ۾ جن شرڪت ڪئي ان ۾ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، محترما ثمينه خليل خاصخيلي، محترما فرزانه شاهه ، محترما شهنيلا نظاماڻي، پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش حاتم مگسي، حاجي غلام حُسين سمون ، رضا خاصخيلي، محمد جمون سمون ، شاهه زيب نثار سمون ،معظم علي ٽالپر، سومار سنگم، رئيس گل محمد سومرو، پڻ شرڪت ڪري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هن دستوري گڏجاڻي کي چار چنڊ لڳايا جڏهن ته دستوري گڏجاڻي جي ڪاروائي سنڌ سلامت جي جهوني ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز هلائي آخر ۾ شاخ جي سڪريٽري پاران سڀني معزز ميمبرن ۽ شريڪ ٿيندڙ ادب دوستن جي ڪولڊ ڊرنڪ سان خاطر تواضع ڪرائي وئي اهڙي ريت شام جو پنجين وڳي کان شروع ٿيندڙ گڏجاڻي رات جي ساڍي اٺين وڳي اختتام پذير ٿي. [/JUSTIFY]

    پيش آهن هن دستوري گڏجاڻي جو تصويري جهلڪيون

    [​IMG]
    سنڌ جو جاکوڙي اديب مشڪور ڦلڪارو هن گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو آهي جڏهن دستوري گڏجاڻي جي ڪاروائي سنڌ سلامت جو جهونو ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز هلائي رهيو آهي

    [​IMG]
    حاجي غلام حسين سمون ، شاعر آفتاب ميمڻ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو ڪائونسلر پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، ۽ ٽنڊو محمدخان جو درويش ۽ يگانو شاعر خاڪي شاهه قيس ڪاظمي

    [​IMG]
    حاجي غلام حسين سمون ، جهونو شاعر حاجي حسين ڀٽي ۽ رئيس گل محمد سومرو

    [​IMG]
    ٻن خوبصورت شاعري جي ڪتابن ،طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو ۽ زندگي آهي سفر جو تخليق ڪار جهونو شاعر تاج ٽکڙائي ۽ جهونو شاعر محمد سومار ملهار

    [​IMG]
    سنڌ ادبي سنگت جي ميمبر محترما فرزانه شاهه سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر محترما ثمينه خليل خاصخيلي، ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سينئر ميمبر محترما شهنيلا نظاماڻي

    [​IMG]
    ٻه سُٺا شاعر هڪڙو محترم رفيق آس لغاري ۽ ٻيو محترم گل حاجاڻو

    [​IMG]
    ڀلوڙ شاعر عاشق ڳاهو

    [​IMG]
    بهترين نوجوان شاعر محترم ساگر سڪندر پسيو ۽ شاهد احمد پسيو

    [​IMG]
    سنڌ جو ڀلوڙ شاعر انعام ٽکڙائي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ميمبر محترما فرزانه شاهه​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو