محترم دوست، هن وقت سنڌ جي سياست هڪ چوڏيل جيئان ٿي پئي آهي، جنهن ۾ سازشون ۽ ترڪ تاليون ۽ چالاڪيون ايتريون ته وڌي ويون آهن جو هاڻ ته عام ماڻهونءَ جو مٿو ڦرڻ لڳو آهي ۔۔۔ باقي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ اڪ جا ماکي ناهي ته لاهي وٺجي، اوهان جي ڳالهه جيئان ته سنڌي هڪ مٺ ٿيا ته سڀني جي بولتي بند ٿي ويندي پر افسوس جو ـ
مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾۔۔۔۔ اسانجا ڪجهه نالائق سنڌي ڪن مفادن خاطر پ پ پ ۽ مسلم ليگ جي ڇٽيءَ هيٺ جاون ڪرڻ جي پروگرام ۾ آهن، سياري جي باهه هرڪو پيو پاڻ ڏي سوري ۔۔۔ باقي عام ماڻهون، هاري ناري ۽ مزدور مڙو ته ويچارو پيٽ پالڻ ۾ پورو آهي، جيڏانهن ڌڪيو تيڏانهن پيا هلندو۔
ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾ ۔۔۔ سئو ڏينهن چور جا هڪ ڏينهن ڀاڳئي جو۔۔۔۔
سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي عام ماڻهونءَ جي رهنمائي ڪرڻي آهي ۽ ظالمن جي منهن تي چڙهيل نقاب وائکا ڪري هر قسم جي جدوجهد ۾ اڳتي اچڻو آهي ۔۔۔ ته جيئن مسقتبل ۾ انهن سڀني سازشن جي سوراخن کي بند ڪري سگهجي۔
ڪنهن به ڳالھ يا اشو کي نازڪ نه وٺجي ، برابر اهي سازشون لگن ٿيون پر اسان کي هنن سازشن کان هوشيار ۽ اقدامي لائحه عمل پڻ ڄوڻڻو پوندو ،
توڙي جو مهاجر قوم سنڌين ۽ پٺاڻڻ جي گهيري ۾ آهن پر هن جو مقصد اهو به نه هجڻ گهرجي ته اهي ڪجه به نٿا ڪري سگهن جڏهن ته مد مقابل اسان جا سنڌي اڳواڻ ۽ سياسي رهنما اهڙن سازشن کي روڪڻ ۽ ناڪام بڻايڻ لاءِ ڪو عملي صورت نٿا ڄوڙين ، انديشه پنهنجي جاءِ تي رهندا ، الله تعالى کان دعا آهي ته اهڙن سازشن کان اسان جي سنڌ جي حفاضت فرماءِ ،اسين سنڌين کي پاڻ ۾ متحد ٿيڻ جي توفيق عطا فرماءِ ،
دوستن کي به گذارش آهي ته دعائن جو به اهتمام ڪن ۽ اهڙن سازشن جي سدباب لاءِ پڻ غور فڪر ڪن ، خصوصا اسان جي موجوده حڪمران جيڪي آهن ته سنڌي پر شايد سنڌ سان نسبت هنن کي عزيز ناهي ،
ادا سليمان جي ڳالھ تمام گهڻو وڻي ته مهاجرن جون ته ڪيمپون ٿينديون آهن هي صوبو ڪيئن ٿا گهُرن ٻيو ته 67 سالن کان پو به هي اڃان تائين مهاجر آهن؟ هنن کي سنڌي سڏرائڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟!!
سائين منهنجا اها صرف اسان سنڌين جي لاپرواهي جو نتيجو رهيو آهي جو اهي هن وقت تائين پاڻ کي مهاجر يا اردو ڳالهائيندڙ سمجهن ٿا۔ نه ته ٿيڻ ائين گهربو هيو، 67 سال اڳ جا اسان جا حڪمران ٿورڙي حڪمت عملي جوڙن ها ۽ انهن سڀني کي هڪ مخصوص پلاننگ تحت ۽ هتي آباد ڪن ها ۽ انهن کي ڪجهه شرطون مهيا ڪن ها ته اڄ هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها۔ اهي شرطون نج سنڌ جي مفاد ۾ هجن ها ته اهي مهاجر سڏرائيندڙ سنڌي ٿي وڃن ها جئين سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي ڌاريا اڄ سنڌي قوم طور سڃاتا وڃن ٿا۔۔جڏهن ته اهي ذاتيون سنڌ جون اصلوڪي رهاڪو به نه آهن۔ پر وقت جي بدلجندڙ حالتن انهن کي سنڌي سڏرائڻ تي مجبور ڪري وڌو۔
هڪ مخصوص پلاننگ تحت اردو ٻولي ڳالهائيندڙ طبقي ۾ موجود شر پسند پنهنجو ايجنڊو اڳتي وڌائيندا آيا ۽ هاڻي تائين هر حڪومت جي هنج ۾ رهي انهن ايتري ته طاقت حاصل ڪري ورتي آهي جو ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر توڙي نوابشاهه جهڙي شهرن ۾ سندن اڪثريت سبب انهن کان سواءِ ڪو فيصلو نه ٿو ٿي سگهي، انهن جو اثر رسوخ ايترو ٿي ويو آهي جو جڏهن چاهي سيڪنڊن ۾ ڪاروبار بند ڪرائي سگهن ٿا، گاڏيون ساڙائي سگهن ٿا، ميڊيا تي انهن جو ايترو اثر آهي جو ٻين جي نوڙيءَ کي به نانگ ڪري ڏيکاريندا ۽ سندن طرفان ڇڏيل اجگر نانگ به ميڊيا جي مهربانيءَ سان نوڙي پيا نظر ايندا۔ قانون انهن جي جوتيءَ جي تري جي هيٺان لتاڙجي پيو۔۔ پر ڇا ٿو ڪري سگهجي، اسان جي سنڌي حڪمرانن کي رڳو پئسي، حڪومت جي لوڀ۔۔۔ انهن کي سنڌ امڙ جي سورن سان ڇا؟؟؟؟