گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هوئن ته اڳ به ڪئي دفعا گوگل جي فائيل اسٽوريج سروس جون افواهون هليون آهن پر تازو ڪمپني جي اطلاعن موجب مٿئن هفتي باقائده هن سروس جو آغاز ڪيو ويندو۔۔۔

    [​IMG]

    هن سروس تحت گوگل پنهنجي ڪسٽمرز کي 5 گيگابائيٽ تائين ڊيٽا اسٽور ڪرڻ جي سهولت ڏيندي۔۔ ۽ جي توهان کي وڌيڪ جڳهه کپي ته سستي قيمت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    جيڪڏهن گوگل جي هن سروس جو مقابلو اڳ ئي موجود ڊراپ باڪس سان ڪجي ته گوگل هر لحاظ کان بهتر لڳندي۔۔ ڇو ته گوگل کان اڳ ايمازون، ايپل ۽ مائڪرو سافٽ به آن لائين سٽوريج مهيا ڪري رهيا آهن ان ڪري گوگل کي پنهنجي سروسز کي پائدار بڻائي مارڪيٽ ۾ جڳهه ٺاهڻي پوندي۔۔۔

    ٻڌو ته اهو به آهي سخت مقابلي جي ڪري گوگل هن سروس لاءِ ونڊوز سان گڏو گڏ موبائيل آپريٽنگ سسٽم جهڙوڪ اينڊروائيڊ ۽ آئي او ايس جي لاءِ به ايپليڪيشنس ٺاهيندي۔۔۔

    گوگل جي هي نئين سروس يقينن جي ميل ۽ گوگل جي ٻين سروسز استعمال ڪندڙن لاءِ وڌيڪ لاڀائتي جتي هو پنهنجي سموري معلومات ۽ فائيلز جو بيڪ اپ رکي سگهندا۔۔۔

     
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔

    سائين ٻي ڳالهه ته گوگل ڊرائيو 5 گيگا بائيٽ اسپيس فراهم ڪندي۔۔ واه واه ٿي ويندي سائين۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔

    سر اوهان اينڊروائيڊ جي باري ۾ ڪجھ وڌيڪ تفصيل سان ٻڌايو ته اينڊروائيڊ ٽيڪنالاجي ڇا آهي؟ ۽ ڪهڙين موبائلن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي؟
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔

    سائين مهرباني جو اوهان ايڊوانس ۾ اهڙي ڄاڻ ڏني۔۔۔

    خوشي ٿي کو ته اسان مفت خور گوگل جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي مفت ۾ گهڻو ڪجهه مهيا ڪيو آهي۔


    اينڊروائيڊ اصل ۾ سمارٽ فونز ۽ ٽيبليٽ پي سي لاء لينڪس بيسڊ آپريٽنگ سسٽم آهي۔ اينڊروائيڊ سيٽ گهڻو مقبوليت ماڻي رهيا آهن ۽ هڪ سروي موجب سمارٽ فون مارڪيٽ ۾ 33 فيصد اينڊروائيڊ جو حصو آهي۔ اينڊروائيڊ اوپن هينڊ سيٽ الائنس پاران هلايو پيو وڃي جيڪاگوگل جو حصو آهي۔

    هن وقت ايڇ ٽي سي، سوني ايرڪسن، هائر، موٽرولا، سامسنگ ۽ ٻيا ڪيترائي سمارٽ فون اينڊروائيڊ ٽيڪنالاجي بيسڊ آهن۔
     
  5. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔

    ادا رشيد ۽ ادا سليمان تمام بهترين معلومات ونڊ ڪرائي آهي
    گوگل جي اهڙي سروس کان پوئي واقعي ۾ اسان لائي وڌيڪ سهولت ٿي ويندي
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔

    سائين سليمان صاحب مهرباني۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو