محمد مگسي
سينيئر رڪن
دادو (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ جيل دادو ۾ ساهه جي تڪليف سبب قيدي علي ٻٻر جي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ جيل دادو جي قيدين جيل انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي، بيرڪن جي ڇتين تي چڙهي ويا،قيدين ڇتين تي چڙهڻ کان پوءِ جيل اهلڪارن تي پٿراءَ ڪيو ۽ ڏنڊا هٿن ۾ کڻي بيهي
رهيا، جيل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، علي شير کوسو، نياز ڀنڊ، عابد چانڊيو ۽ عنايت کوسو ۽ ٻين قيدين دانهيو آهي ته قيدي علي ٻٻر کي چئن ڏينهن کان ساهه جي تڪليف هئي ۽ اسان جيل سپرنٽينڊنٽ کي بار بار منٿون ڪيون ته کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي، پر جيل انتظاميا کيس اسپتال نيڻ کان پوءِ واپس جيل آندو ته هو فوت ٿي ويو، هنن دانهيو آهي ته جيل اندر صفائي نه هئڻ ۽ کاڌ خوراڪ صحيح نه ملڻ جي ڪري ڪيترائي قيدي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جيل انتظاميا سان ڳالهين بعد قيدين احتجاج ختم ڪري بيرڪن ۾ واپسي ڪئي.