سنڌ سلامت جا سدا بهار ساٿيو!
اسلام عليڪم .
دل گهريا دوستو علم سان چاهه ۽ قلم سان قرب گذريل ويهن سالن کان نس نس ۾ سمائجي چڪو آهي. پهرين مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪچا ڦڪا خيال اوريندو رهيس، وقت جي وير شاعري جو به چٽڪو چکايو، سڄاڻ ، سلجهيل ۽ ساڃهه وند علم دوستن سان صحبت تحقيق جستجو ۽ جاکوڙ جي دنيا ۾ آڻي ڇڏيو.
مذهب سان محبت سڀني قرقن وٽ ڦيرايو، تقابل اديان سان مذاهب عالم بابت مثبت پروڙ پئي، ٽوڙڻ بجاءِ جوڙڻ ، نفرت بجاءِ محبت، تفرقي بجاءِ اتحاد، قلم کڻڻ تي همٿايو، نيٺ ” وحدت امت “ جي ڀلاري موضوع تي قرآن ڪريم جون آيتون، مٺي مرسل صه جا ٻول، اصحابن جا قول، امامن، محدثن ، فقيهن، عالمن، مفسرن، مجتهدن، بزرگن، صالحن، درويشن، دانشورن، ، اديبن ، سياستدانن، جي زبان توڻي قلم مان نڪتل گلابن جهڙا هيرا موتي چونڊي، سهيڙي ، سموهي، سينگاري، سلوڻي سنڌي ۾ ڀاڪر ۾ ڀيڙا ڪيم ، ڪمپيوٽر ۾ ڪمپوز ڪيم، جن جو تعداد هن وقت 1600 کان وڌيڪ آهي.
هن وقت ڪائنات جي عالمگير نظام حيات، انساني زندگي جي انمول رهبر، مٺي مالڪ جو دائمي پيغام، دنيا جو سڀ کان وڌيڪ محترم، معتبر، مقدس، ۽ انتهائي عقيدت ۽ محبت سان سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ دنيا جو عظيم ڪتاب ” قرآن ڪريم“ بابت جامع ۽ تفصيلي معلومات سهيڙي رهيو آهيان. جنهن کي سنڌي ۾قرآن پاڪ جو انسائيڪلوپيڊيا چئجي ته به شايد وڌاءُ نه ٿيندو.
قرآن پاڪ جي هن رٿيل ڪم ۾سورتن ، سيپارن، انگن، اکرن ، لفظن، اعرابن، نشانين ۽ بابت چارت جي صورت ۾ معلومات ڏنل آهي.قرآن ۾ بيان ٿيل سهڻي سردار جا نالا، ٻين نبين سڳورن جا نالا، انهن جي نالن سان آيل سورتون، عام نالا قصا، مثال، قسم، جانور، پکي، جيت، ڌاتو، اصحاب، فرشتا، جنگيون،حلال، حرام، ڇڱا ڪم ، برا ڪم، اسلامي حڪم، سماجي ادب، قانون، معيشت، سائنس، ثقافت، جنت جون نعمتون ، جهنم جو عذاب، قيامت، آخرت، مطلب ته قرآن ۾ بيان ٿيل هر هڪ موضوع کي سهيڙي رهيو آهيان . هن وقت 200 کان وڌيڪ موضوع چونڊيا اٿم وڌيڪ ڪاوش جاري آهي.
هن سلسلي ۾ انٽرنيٽ تي موجود اردو، انگريزي ۽ عربي ڪتابن کي ڊائون لوڊ ڪري انهن مان فائدو وٺي رهيو آهيان ، پرنٽ ٿيل ڪتابن مان ڪجهه خريد ڪيا اٿم ڪجهه مختلف دوستن کان عارضي طور ورتم، ڪجهه ميرپورخاص ۾ موجود لائبريرين مان حاصل ڪيم اهڙي طرح هي سلسلو جاري آهي .
اوهان ڀائرن کي به عرض آهي ته هن ڏِس ۾ اوهان وٽ ڪابه معلومات هجي ته هيٺ ڄاڻايل ڏَس تي ميل يا پوسٽ ڪندا .
ساٿ سلامت.
نجم الدين ڪنڀر
پوسٽ باڪس نمبر 67 ميرپورخاص 69000.
سنڌ ، پاڪستان.
موبائل نمبر ؛ 03013282565
Email: najmudin_mps@yahoo.com