جواب: ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ جايون خالي آهن مهرباني ادا آرزو جئين ته اهو سال پي پي پي واري حڪومت جو آخري سال آهي ته نوڪريون به ڌڙاڌڙ پيو اچن ، گهڻو ڪري فائدو پي پي پي ۽ اي اين پي ، ۽ حڪومت جي حمايتن کي ملندو پر ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي ، دوستن کي به گذارش آهي ته ڪوششون ڪن ، اميد نه هارين ، الله بهتر ڪندو
جواب: ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ جايون خالي آهن هائو ادا افتخار يار ڪو دلال واقف هجئي جيڪو پيسا وٺي نوڪري وٺرائي ڏئي ته به ٻڌائجان ابا۔
جواب: ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ جايون خالي آهن هاءُ ادا طاهر هاڻي لڳي ٿو توهان جو ڏسيل واٽ تي هلي ڪو دلال جو پاسو ئي وٺڻو پوندو ، (مزاح ۾) باقي هتي نه ئي ميرٽ ٿي هلي ۽ نه ئي قابليت ، رشوت جو بازار گرم لڳو پيو آهي ، اِس هاٿ دي اُس هاٿ لي واري ڳالھ آهي ، خير پوئي به حوصله پست نه ڪبا ، جستجو هلندي رهندي ، منفي خيالن کان اسين اصل پري ڀڄندا آهيون ، ڀلي ڇو نه ناڪامي مقدر اچي بڻي الله تعالى جي رحمت کان نا اميد نه ٿيا آهيون نه ٿينداسون ، انشاء الله
جواب: ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ جايون خالي آهن مونکي به ننڍي ھوندي کان ماستر ٿيڻ جو تمام گھڻو شوق ھيو ۽ ھاڻي به آھي منھنجي نظر ۾ ٽيچر جي نوڪري تمام سٺي آھي بنسبت ٻين نوڪرين جي۔ تنھن ڪري ٿوري دير لا مون به سوچيو ته ڇو نه ٿرو پراپر چينل آئون به کڻي اپلا ڪيان۔ پر وري اھو سوچي مون پنھنجو ارادو بدلا ڇڏيو ته مون وٽ ته ڪا سفارش به ڪانھي ھرو ڀرو ڦوٽو ڪاپين جو خرچ ڇو ڪيان۔
جواب: ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ جايون خالي آهن مهرباني ادا يونس جيتوڻيڪ اشتهار ۾ لنڪ ڏنل هئو پر ذهن اوڏانهن نه ويو ، اوهان جي ونڊ توجه ڪرائي ڇڏي ، مهرباني ،