السلام عليڪم دوستو اميد ته ۡخيريت سان هوندا
دوستو مان جهونو ماڻهوڻ ضرور آهيان پر اڃا نظر ايتري ويل ناهي جو نانگ ۽ نوڙي ۾ فرق نه ڪري سگهان
تمام افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مون 'کي فورم تي ڪجهه ڊپليڪيٽ آئي ڊيون نظر اچي رهيون آهين جيڪي درست نه آهين ۔
ڇو ته فورم ميمبرن جي تعداد سان نه پر انهن جي درميان پيار محبت ۽ ڀائپي سان هلندو آهي ۽ اسان جي ابتدا کان وٺي اها ئي پاليسي رهي آهي ته هي فورم سڀني سنڌي ڀائرن جو آهي ان کي اڳتي وڌائڻ به اسان سڀني جو فرض آهي
ليڪن اڳتي وڌائڻ جو طريقه ڪار اهو نه آهي ته اسان هڪ کان وڌيڪ ايڊريسون ٺاهي ماڻهن کي بي وقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪيون
اسان سنڌي ته ۡخلوص جا قائل آهيون ملاوٽ ۽ دوکي بازي کان نفرت ڪرڻ وارا آهيون پوء۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
ۡخير اميد ته مهنجا اهي دوست جن کي مختلف آئي ڊيون ٺاهي ڪري اچڻ جو شوق آهي ان ڳالهين تي ضرور توجه ڏيندا
ڪنهن به دوست کي مهنجي ڳالهه جو رنج ٿيو هجي يا ڳالهه ڳوري لڳي هجي ته مان معافي جو طلبگار آهيان