بشير قريشي جي شهادت ۽ ذوالفقار واهوچي جا پڇيل سوال؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ميڊيڪل بورڊ اهو پڌرو ڪيو آهي ته بشير خان کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو آهي۔ ان سلسلي ۾ اڄوڪي جنگ ۾ هي خبر ڇپي آهي۔ هن خبر پڙهڻ کانپوء ڏک ۾ ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي ۽ اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا آهن۔

    [​IMG]


    ڪجهه ڏينهن اڳ فيسبوڪ تي محترم ذوالفقار واهوچي هيٺيان سوال ڪيا هئا؟


    اڄ جو سوال
    اچو ته جسقم چيئرمين بشير خان جي موت جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون

    1: ڇا واقعي بشير خان قريشي کي قتل ڪيو ويو آهي يا پنهنجي فطري طرح فوت ٿيو آهي ؟

    2: ان رات اصل ڇا ٿيو هيو ؟

    3: اهو اڃان تائين راض ۾ ڇو رکيو پيو وڃي ،

    4: ماني سڀن گڏ جي کاڌي ، پاڻي به ساڳيو پيتائون، ان کانسواءِ بشير خان ڪهڙي شيءِ واپرائي جيڪا ٻين نه واپرائي ،

    5: بشير خان جنهن جاءِ تي رهيل هيو اتي هن جو ڀاڻيج زوهيب ۽ ڊارائيور به هيا ، اهي بشير خان سان ساڳئي ڪمري ۾ هيا يا ، انهن جو ڪمرو ٻيو هيو،

    6: بشير خان جڏهن سمهي پيو ته ميزبان گھر هليو ويو هيو يا اڃان اتي اوطاق تي موجود هيو، جي گھر هليو ويو هيو ته ان کي ڪيئن خبر پئي ته بشير خان جي طبيعت خراب ٿي آهي ،

    7: ڇا ان ميزبان کي بشير خان جي ڀاڻيج يا ڊارائيور گھران سڏ ڪري گھرايو ۽ بشير خان جي طبيعت خراب هجڻ بابت آگاھ ڪيو يا ان ميزبان ٻئي ڪمري ۾ ستل بشير خان جي ڊرائيور کي سڏيو ته بشير خان جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي اٿي اچو اوهان کي سڏي پيو ، پوءِ جڏهن اهي سڀڀ ڪمري ۾ پهتا ته بشير خان زندھ هيو يا فوت ٿي چڪو هيو ،

    8: مقامي ڊاڪٽر بشير خان جي فوت ٿيڻ کان اڳ آيو هيو ، يا بعد ۾ گھرايو ويو ،

    9: اسپتال پهچڻ وقت بشير خان زندھ هيو يا فوت ٿيل هيو ،

    10: هن جي طبيعت خراب ٿيڻ کان وٺي اسپتال تائين پهچائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو ،

    11: بشير خان قريشي جو بلڊ پريشير اڳ ۾ ئي گھٽ هيو يا اوچتو گھٽ ٿيو ، يا ڪٿي ائين ته ناهي ته بشير قريشي جو بلڊ پريشير گھٽائڻ واري دوا ته نه کارائي وئي هئي جنهن ان جو بلڊ پريشر گھٽائي ڇڏيو جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو،

    12: ماني کان اڳ ڪٿي بشير خان قريشي کي شراب ته نه پيئاريو ويو هيو ، اهو لوڪل هيو يا ولايتي هيو ،
    13: لاڙڪاڻي کان ايندي ڪٿي بشير خان قريشي کي ڪا شيءِ رستي ۾ کارائي ته نه وئي هئي جو رستي ۾ ان جي طبيعت خراب ٿي ۽ ان معدي جي تڪليف ۽ سيني جي ساڙي جي شڪايت ڪئي ،

    14: جڏهن ان کي اڳ ۾ ئي تيزابيت هئي ته ان کي هوٽل جو کاڌو ڇو کارايو ويو ،

    15: ڇا ڪٿي بشير قريشي کي سمهڻ کان اڳ کير ته نه ڏنو ويو هيو جنهن ۾ ڪجھ مليل هجي ،

    16: ميزبان بشيرخان جي سمهي پوڻ کان پوءِ به اتي ڪهڙي شيءِ جو انتظار ڪري رهيو هو ڇو گھر نه ويو

    17: بشير خان جي مرڻ سان ڪنهن ڪنهن کي فائدو ٿيو آهي پارٽي اندر ۽ ٻاهر ،

    ان سميت ٻيا جيڪي به سوال ٿي سگھن ٿا اهي ڪري سگھجن ٿا ، ۽ انهن جو جائزو وٺي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو،

    اسان جو ڪنهن جي به خلاف ڪوبه ساڙ ۽ حسد ناهي اسان سندس موت جا اصل محرڪ ۽ ڪارڻ ڳولڻ چاهيون ٿا ته ، کيس اهو حادثو ڪيئن پيش آيو ، عوام اڳيان اڃان ڪابه شيءِ واضع نه آئي آهي تنهن ڪري شڪ ۽ شبا موجود آهن ته هن جو اوچتو موت ڪيئن ٿيو ، سمورن دوستن کي گذارش آهي ته اهي شيون غور سان پڙهن ۽ انهن جي حوالي سان راءِ ڏين ته جيئن ان جي روشني ۾ سند س موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگھن ،

    مان ته چوان ٿو ته 23 مارچ واري جلسي کانپوء شهيد بشير قريشي جي سرگرمين کي جاچجي ته هو ڪنهن سان اٿيو ويٺو، ڪٿي ماني کاڌي يا ڪجهه پيتو؟ اڃان به تفصيلي رپورٽ جو انتظار آهي جنهن مان اها خبر پوي ته ان زهر جو اثر ڪيترو پراڻو آهي يا ڪڏهن ڏنو ويو اٿس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هن سڄي صورتحال ۾ ظاهر آهي ته سنڌ دشمن ڌريون ئي ملوث هونديون پر ڏسڻو اهو به پوندو ته ڪٿي ڪي پنهنجا به دشمن جي روپ ۾ هنن سان گڏ نه هيا؟
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بشير قريشي جي شهادت ۽ ذوالفقار واهوچي جا پڇيل سوال؟

    هاڻي ته اسان کي به پنهنجن تي شڪ پيدا ٿي پيو آهي،۔۔ جڏهن ته ميديڪل ٽيم پاران رپورٽ پڌري ٿيڻ کانپو سڀ کان پهرين اتي موجود سڀني کي تفتيش ۾ شامل ڪيو وڃي ڀل اهو بشير خان جو ڀاڻج يا ان جي ميزباني ڪندڙ پراڻا دوست ئي ڇو نه هجن، قاتل ڪير به ٿي سگهي ٿو،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بشير قريشي جي شهادت ۽ ذوالفقار واهوچي جا پڇيل سوال؟

    هن قتل جي سختي سان تفتيش ٿيڻ گهرجي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو