ننڊ جو سنتي طريقو ۽ اڄ جي سائنس

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

    [​IMG]


    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ” نڀاڳو ٻار پينگهي ۾ پڌرو، سمهاريس سنئون ته اونڌو ٿي پوندو“
    هن چوڻيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اونڌو سمهڻ نڀاڳ جي نشاني آهي ۽ برائي آهي.

    لطيف سرڪار فرمايو آهي ته؛ ”ستا ئي سونهن ننڊ عبادت جن جي“ مطلب اهو آهي ته مومن ۽ سٺا ماڻهون جڏهن سمهندا آهن ته ان وقت به عبادت ۾ هوندا آهن، سندن سمهڻ جو انداز به صحيح هوندو آهي ۽ خوابن خيالن ۾ به چڱائيءَ جي ميدان ۾ هلندا رهندا آهن ..
    .
    اڄ فيسبڪ تي گهمندي ڦرندي ” ننڊ “ جي موضوع تي هڪ انگريزي مضمون نظر آيو، سوچيم ڇو نه دوستن سان ونڊ ڪجي، ڇاڪاڻ ته منهنجو ايمان آهي ته ؛ ”ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو“، ترجمي جي ڪوتاهي منهنجي مٿي تي آهي.

    سنت رسول صلعم جي موافق سمهڻ جا فائدا، علم طب جي روشنيءَ ۾؛

    هن دور ۾ علم طب اسانکي ننڊ ڪرڻ جا سڀ کان سٺا طريقا ٻڌايا آهن ، علمِ اسانکي سمجهائي ٿو ته ساڄي پاسي تي يا پٺيءَ ڀر سمهڻ سڀ کان ڀلو آهي، جڏهن ته اها ساڳي ڳالهه اسانجي پيغمبر، رسول الله حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن اڄ کان چوڏهن سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي.

    ساڄي پاسي تي سمهڻ ، پيٽ ۽ حاضمي جي نظام واري بار کي دل تي اثر ٿيڻ نٿو ڏئي، انڪري جسم ۾ هلندڙ رت جي دوري ۾ رڪاوٽ نٿي ٿئي. ساڄي پاسي تي سمهڻ سان دل جسم کان مٿي رهي ٿي، انڪري ننڊ معتدل رهي ٿي ۽ ڪنهن به قسم جو غير ضروري مسئلو ماڻهونءَ کي جلد هوشيار ڪري وجهي ٿو. ۽ ان سان صبح سوير اٿڻ واري عادت پئدا ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي ٿي.

    ننڊ مان اٿڻ سان کٽ تي ويهي اکين کي هٿ جي ترين سان ملڻ سبب دل کي نئين ڏينهن جي ماحول سان مطابق ٿئي ٿي ۽ دل تي سٺا اثر ٿين ٿا.

    منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ ڪيلولو ” ٿوري عرصي واري ننڊ“ ڪرڻ سان دل جي شريانين کي آرام ملي ٿو ۽ جديد علم طب ثابت ڪيو آهي ته منهنجند جي مانيءَ کان پوءِ ٿوري عرصي واري ننڊ ڪرڻ سان دل تي سٺا اثرات ٿين ٿا.

    امام شافي رحمت الله عليه جن بيان ڪيو آهي ته ننڊ ڪرڻ جا 4 قسم آهن.
    پٺيءَ ڀر سمهڻ پيغمبري ننڊ آهي،
    سڄي پاسي سمهڻ عبادتي ننڊ آهي،
    کٻي پاسي سمهڻ حڪمراني ننڊ آهي،
    منهن ڀر سمهڻ شيطاني ننڊ آهي.

    صحيح بخار، صحيح مسلم، الترمذي ۽ ابودائود ۾ هڪ حديث بي بي سانئڻ حضرت عائشه کان روايت آهي ته، ” الله جو رسول جنهن بستري تي سمهندو هو اهو سخت ڪپهه ۽ ڌاڳن سان ڀريل هوندو هو“

    نرم بستري کان ڪناره ڪشي ڪرڻ جا فائدا، علم طب جي نظر ۾؛
    پٺيءَ جا اڪثر سور نرم بستري تي سمهڻ سان پئدا ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته پٺا ڍرا ٿيل هوندا آهن. مسلسل نرم بستري تي سمهڻ سان چيلهه جي سور ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. نرن جو سور ۽ سوڄ پڻ ٿي پوندي آهي. سخت هنڌ تي سمهڻ سان پتي جي بيماريءَ کان به بچي سگهجي ٿو. نرم بستري تي سمهڻ سان ريڙهه جي هڏين جا ويڇا گهٽجي سگهن ٿا. انڪري ماهر طبيب نرم بستري جي ممانعت ڪندا آهن. ننڍڙن ٻارن کي انتهائي نرم وڇاڻي تي سمهارڻ سان سندن هڏين جي واڌ گهٽجي وڃي ٿي، جنهن سبب اپاهج پڻو ٿي سگهي ٿو.

    سنت ۾ آهي ته سمهڻ کان پهريان هنڌ کي ڇنڊڪو ڏئي سمهجي.

    (البخاري 6320 ۽ مسلم 2714 ) ابو هريره جن بيان ڪيو آهي ته؛
    الله جي رسول صلي الله وسلم جن فرمايو؛ ” ته جڏهن اوهان مان ڪو هنڌ تي سمهڻ وڃي ته کيس سڀ کان پهريان بستري کي ڪپڙي سان ڇنڊڻ گهرجي، ڇاڪاڻ کيس خبر ناهي ته هنڌ تي سندس پويان ڇا ڪريو يا آيو هجي، ۽ پوِءِ کيس هيءَ دعا پڙهڻ گهرجي ته؛
    ” اي رب تنهنجي نالي سان، آءُ سمهانٿو ۽ تنهنجي نالي سان جاڳندس، جيڪڏهن تون منهنجو روح کڻي وٺين ته ان تي رحم ڪجانءِ، ۽ جي تون مونکي روح موٽائي موڪلين ته پوءِ انجي حفاظت ڪجانءِ، جئين تون پنهنجن خاص ٻانهن جي حفاظت ڪندڙ آهين“

    پيٽ ڀر سمهڻ جي ممانعت ٿيل آهي؛

    ياسيح ابن تحفه الغفاري کان روايت آهي ته سندس پيءَ چيو ، ” مان هڪ دفعي الله جي رسول صلي الله وسلم وٽ وٽ وڃي مهمان ٿيس، انهن ماڻهن سان جن مسڪينن کي الله جي رسول دعوت ڏني هئي گڏ سمهي رهيس، الله جو رسول رات جي ڪنهن پهر ڏسڻ آيو ته سڀ مهمان چڱيءَ ريت ستل آهن ، مونتي نظر پيس ته آءُ اونڌو پيٽ ڀر ليٽيل هيس ته پاڻ لت جي هلڪي جنبش سان لوڏو ڏيندي چيو، ” اهڙي طرح سان نه سمهه، هي انهن ماڻهن جو طريقو آهي، جن کي الله پسند ناهي ڪندو“ هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته، الله جي رسول کيس پير سان لوڏيندي، جاڳايو ۽ چيو، ” ائين نه سمهه، هن طرح سان جهنمي ماڻهون سمهندا آهن“

    الرباني، 14/244-245 / ترمذي 2798/ ابو دائود/ السنن/ ڪتاب الآداب

    سوره الاحزاب؛ آيت نمبر 21
    لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِّمَن كَانَ يَرْجُو اللَّهَ وَالْيَوْمَ الْآخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثِيرًا
    يقينن اوهان لاءِ رسول الله ۾ سهڻو نمونو موجود آهي، هر ان انسان لاءِ جيڪو الله تعالا ۽ قيامت جي ڏينهن جي توقع رکي ٿو ۽ الله تعالا کي ڪثرت سان ياد ڪندو آهي.

    جديد زماني جا علم ٻڌائن ٿا انسان کي سڄي پاسي ياپٺيءَ ڀر سمهڻ گهرجي ۽ کاٻي پاسي يا پيٽ ڀر نه سمهڻ نه گهرجي، الله جي رسول پنهنجي زماني ۾ ان طبي فائدي جي پروڙ ڏئي ڇڏي هئي ۽ بيشڪ الله جي رسول جي پوئواري ڪرڻ اسان لاءِ افضل ۽ فائديمند آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ننڊ جو سنتي طريقو ۽ اڄ جي سائنس

    جزاڪ الله سائين

    الله پاڪ توهان جون مشڪلاتون ۽ مصيبون دور ڪري

    تمام بهترين ونڊ آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: ننڊ جو سنتي طريقو ۽ اڄ جي سائنس

    جزاڪ الله کيرا سائين
    تمام سٺي معلومات ونڊ ڪرائي آهي هن موضوع کي پڙهڻ سان ايمان تازو ٿي ويو آهي ۽ اسان کي خبر پئي ته صحيح طريقو ڇا آهي ننڊ ڪرڻ جو

    الله پاڪ توهان کي خوش رکي ۽ توهان جون نيڪ دلي مرادون پوريون ڪري
    توهان واقعي اسان لائي ڀلو سوچيو ۽ ڪيو آهي ته الله پاڪ توهان کي ان کان وڌيڪ توهان جو ڀلو ڪندو

    اهڙا هيرن سان ڀريل مضمون جاري رکجو
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ننڊ جو سنتي طريقو ۽ اڄ جي سائنس

    سائين نثار مهربانيون

    تمام سٺو ۽ قيمتي ليک آهي۔ ڪوشش ڪبي ته انهن ڳالهين تي عمل ڪيون ۽ سمهڻ جي ترتيب ۽ طريقا سنت رسول مطابق پوريون ڪيون۔ انسان جيڪڏهن صحيح ۽ وقت تي عمل ڪندي رسول صه جي ڏسيل واٽ تي هلي ته جيڪر گهڻيون سولايون ٿي پون۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ننڊ جو سنتي طريقو ۽ اڄ جي سائنس

    سائين تمام بهترين مضمون محبوب جي سنت تي عمل جو ثواب به ملي ته صحت به محبوب جي طريقي ۾ بيشڪ انسان جي لاء ڀلائي آهي ڇو ته محبوبن کي رب ڪريم انسانن جي لاء رحمت بنائي موڪليو آهي ائين به دنيا جو دستور آهي ته ڪا ڪمپني ڪا شيء ايجاد ڪندي آهي ته ان شيء کي استعمال ڪرڻ لاء هڪ بوڪ ليٽ به مهيا ڪندي آهي ته هن بوڪ ليٽ تي ڏسي ان شيء کي استعمال ڪندا ته شيء جي خراب ٿيڻ جا چانس گهٽجي ويندا ۔ ساڳي ريت رب ڪريم انسان جي انمول مشينري کي ايجاد ڪري ان سان گڏ قرآن ۽ سنت جو ذخيرو به عنايت ڪيائين ته جيڪڏهن انساني مشينري کي صحيح رکڻو اٿوَ ته هن تي عمل ڪيو ته توهان جي مشينري بهترين طريقي سان ڪم سر انجام ڏيندي ۽ ان ۾ توهان جو ئي فائدو آهي ان سان گڏ رب ڪريم ۽ ان جو حبيب صلي الله عليه وسلم به راضي ٿيندو۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ننڊ جو سنتي طريقو ۽ اڄ جي سائنس

    [FONT="Al_Mushaf"]لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِّمَن كَانَ يَرْجُو اللَّهَ وَالْيَوْمَ الْآخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثِيرًا[/FONT]

    سبحان الله نبي ڪريم ﷺ جو هر فعل ۽ هر عمل حڪمت سان مالامال آهي رڳو ضرورت عمل ڪرڻ جي آهي ،
    بهترين مضمون ۽ پنهنجي زندگي سنوارڻ وارو سبق ، جزاڪم الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو