بشير خان جو موت واقع زهر ڏيڻ سان ٿيو آهي۔

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ جي سچي سپوت ۽ ارڏي پٽ بشير خان قريشي کي واقع زهر ڏئي ماريو ويو آهي، جنهن جي تصديق ميڊيڪل بورڊ جي 15 رڪني ڪميٽي ڪري ڇڏي آهي ۽ اها رپورٽ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته جنهن وقت اها تصديق ٿي چڪي ته بشير خان قريشي جو زهر ڏيڻ سان موت ٿيو آهي ته اتي موجود ڊاڪٽرن جي ٽيم ان پڌرائي کي لئي مٽي ڪرائڻ لاءِ سڀني ڊاڪٽرن تي دٻاءُ وڌو پر انهن سڀني ڊاڪٽرن مان هڪ ڊاڪٽر پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ته اها ناانصافي ٿيندي جيڪڏهن ان رپورٽ کي دٻايو ويو. ان ڏس ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته ان ڊاڪٽر کي سيڪريٽري صحت پاران موت جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون پر ڊاڪٽر پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ۽ بشير خان قريشي کي زهر ڏئي مارڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ياد رهي ته صحت جو سيڪريٽري ڪجهه ڏينهن کان پرڏيهه ويل آهي. سمورا سنڌ واسي جنهن جو ڪهڙي به پارٽي تنظيم يا مذهبي جماعت سان تعلق آهي بشير خان قريشي جي اهڙي موت تي خاموش نه ويهن ان لاءِ جدوجهد جاري رکي وڃي ته جيئن ان جي قاتلن تائين پهچي سگهجي. ​
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بشير خان جو موت واقع زهر ڏيڻ سان ٿيو آهي۔

    جي سائين ڀٽو صاحب، هي ڏک واري خبر پڙهي سون، زخم وري تازه ٿي ويا شال مار پوي ظالمن کي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو