سنگت! مون وٽ ايپسن T60 پرنٽر آهي جيڪو تقريبن 4 مهينا اڳ خريد ڪيو هئم، پرنٽر ۾ آئون انڪ جي ڪِٽ استعمال ڪندو آهيان، ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن جو پرنٽر هڪ نه ٻي اڙِي ڇڏي ئي نٿو۔ هر شي ٺيڪ اٿس ڪوبگ اِرر ناهي پرنٽ کڻي به سهي ٿو پر ڇاپي ڪجهه به نٿو۔ بلڪل ڪورو پيج پيو نڪري، مون هيڊ ڪلينگ به ڪري ڏٺي، ينڪ جي لائينن ۾ ڪو ايئر به ناهي، چارجنگ به مڪمل آهي مطلب ته ڪو به اِرر نه پيو ڏيکاري۔ جيڪر ڪنهن دوست کي اهڙي صورتحال کان نمٽڻ جي ڪا ٽل ايندي هجي ته ٻيلي مونکي ٻڌايو ٻي صورت ۾ مستري هروڀرو ٻه چار هزارن جي چٽي وجهندا۔
لڪير ڏيڻ جا ٻه سبب آهن، يا ته اوهان جي هيڊ ۾ مسئلو آهي يا اوهان جي انڪ (مس) صحيح ناهي، مون سان تازو ئي اهڙو مسئلو ٿيو آهي، جيڪر مناسب سمجهو ته مسئلو ٿورو وضاحت سان بيان ڪريو
يار هي موضوع آيل ته گهڻو اڳ جو آهي... پر جيئن ته مسئلو اڄ مون سان به ٿيو ان ڪري سوچيم سنگت کان پڇجي... مون واري ٽي 60 جون اڳيون ٻه بتيون هڪ پيپر ۽ ٻي انڪ واري لڳاتار هڪ ئي وقت ۾ بلنڪنگ ڪري رهيون آهن... ۽ پرنٽ نه پيو نڪري... مسئلي کي وڌيڪ سمجهائڻ لاءِ هڪ وڊيو پڻ لڳائي رهيو آهيان... مون پنهنجي طور هن جي پرنٽر ڪائونٽر ري سيٽ ڪئي آهي پر مسئلو وري به ساڳيو آهي... يونس ملڪاڻي کي ٽيگ ڪجي ٿو...
رشيد صاحب اهو جنرل ايرر آهي، ان جو مطلب ته مٽي يا ڪنهن ٻي رڪاوٽ جي ڪري پرنٽر ها سينسر ڪم نه پيا ڪن، اوهان پرنٽر جو اسٽيٽس ڏسو ته جنرل ايرر آهي يا ڪائونٽر فُل پيو ٻڌائي
نديم سائين ٿورو وضاحت ڪريو ته ڪئين لڪير ٿو ڏي؟؟؟ پرنٽنگ دوران صفحي تي گهڻيون لڪيرون اينديون آهن؟ يا ڪهڙي رنگ ۾ لڪير ايندي آهي؟
ڪائونٽر فل ڪونه پيو ٻڌائي.. پر ان باوجود ان کي ري سيٽ ڪيو اٿم... جڏهن ته ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکندڙ سان ڳالهه ڪرڻ تي ڪو هارڊ ويئر جو مسئلو ٻڌايائين... کيس ڏانهن پرنٽر موڪلي ڏياريم... بل 2000 روپيه وٺڻ جي باوجود مسئلو درست حل ڪري نه سگهيو... هاڻي به ڪنهن ڪنهن مهل جڏهن پرنٽ ڪمانڊ ڏجي ٿي ته ساڳيو مسئلو اچڻ شروع ٿيو وڃي...
ادا رشيد اهو مسئلو سينسر ۾ رڪاوٽ جي ڪري ايندو آهي، ڪائونٽر فل هجي ها ته ريسيٽ ۾ صحيح ٿي وڃي ها، هاڻي يا ته نوان سينسر لڳندا يا ته ائين ئي ڌڪي اسٽارٽ هلندو، ٻه سينسر لڳل هوندا آهن ۽ هڪ سينسر 700کن جو هوندو شايد ادا انور منهنجو نمبر 03002308646 ۽ 03332549510 آهي