رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
هڪ ڪنواري نوجوان جون ٻه ٽنگون هونديون آهن ، ۽ ٻه ٽنگون هونديون آهن پکي پکڻ کي ، جو مڪمل آزاد هوندو آهي ، هوا ۾ جيڏانهن وڻيس اُڏيو هليو وڃي جنهن وڻ تي ويهي چاهي ڪنهن ندي تلاءَ جي ڪپر تي ۽ ايئن ئي اُن نوجوان جي ڪيفيت هوندي آهي ۔ پر جڏهن هو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃي ٿو ته هن جون چار ٽنگون ٿي وڃن ٿيون ، جي ڪنهن چوپائي مال مثل آهي ، زنجير ڳچي ۾ ۽ ٻيو ڇيڙو ڪلي ۾ پوءِ زنجير جي جيتري ڊيگهه هوندي همراهه جو اوتري آزادي هوندي پيو اُتي ئي ڦرندو۔ سال کن کانپوءِ خيرن سان ميدان تي ٻچڙو به ايندو ته کيس ٿينديون ڇهه ٽنگون ۽ ڇهه ٽنگون هونديون آهن مَکِ کي ۔ مک هميشھه ڪِنَ ڦِٿَ ۽ گند تي ويهندي آهي ، اِها ئي نوجوان جي حالت هوندي آهي پاڻ ويٺو ماني کائيندو ۽ سامهون سندس ٻچڙو ڪموڊ تي ويٺو حاجت روائي ڪندو هوندو۔ ٻن اڍائي سالن کانپوءِ ٻيو ٻچڙو ايندو ته ٽنگون ٿيندو اَٺ ، ۽ اٺ ٽنگون هونديون آهن ڏانور کي ، پوءِ همراهه جيڪو ڪجهه ڪندو آهي ڏانور جيان پنهنجي لاءِ ويندو ڄار اُڻيندو ۽ ڦاسندو۔ وري خيرن سان ميدان تي ٽيون ٻچڙو به پهچندو ۽ ٻن ٽنگن جي اضافي سان ٿينديون ڏهه ڄنگهون ۽ ايتريون ڄنگهون هونديون آهن سئوپيري کي ، جڏهن به سئوپيري نظر ايندي آهي ته اُڻ کي ڪُٽبو آهي پادر سان ، اِنڪري نظر تمام گهٽ ايندي آهي ، ايئن ئي هي همراه به ٻاهر نظر نه ايندو ، سيڌي وارو ، کير وارو ، سبزي وارو ۽ ٻيا اوڌر جا چٺا کنيون اڳ وٺندا هوندا ۔
اِنڪري نماڻو عرض آهي ته شادي نه ڪجو۔ پوءِ ايئن نه چئجو ته توهانکي ڪنهن نه ٻڌايو هو ۔
اِنڪري نماڻو عرض آهي ته شادي نه ڪجو۔ پوءِ ايئن نه چئجو ته توهانکي ڪنهن نه ٻڌايو هو ۔