اسلام عليڪم،
دوستن کي ياد هوندو ته فورم جي ٽين سالگره تي پنهنجي خصوصي تحرير ۾ عرض ڪيو هو ته اسان جستجو ۾ آهيون سنڌ سلامت لاءِ هڪ الڳ ۽ بهتر سافٽويئر استعمال ڪريون۔۔۔ ڇو ته وي بليٽن 4 تي منتقلي سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه بهتر ثابت نه ٿي۔۔۔ ۽ وي بليٽن جي ڊيولپمينٽ جي رفتار به ڪجهه حوصلي واري نه آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اسان فورم کي وڌيڪ ڪنهن اپگريڊ تي اپڊيٽ نه ڪيو ۔۔۔
دراصل سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ڪافي وقت اڳ ئي ڪري ڇڏيو جڏهن هي سافٽويئر لانچ ٿيو هو۔۔ پر هن سافٽويئر جي ابتدائي ورجن ۾ سنڌي جي ساڄي کان کاٻي طرف سپورٽ نه هئڻ ڪري ۽ سنڌ سلامت جي موجوده ڊيٽا کي نئين سافٽويئر ۾ منتقل ڪرڻ جي سپورٽ نه هئڻ ڪري ان منصوبي تي اڳتي وڌي نه سگهياسين۔۔۔ پر ان سافٽويئر ۾ تيزي سان تبديليون ۽ اپڊيٽ ورجن اچڻ ۽ مسلسل بهتري سان ڪافي مسئلا سلجهندا ويا جنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ان سافٽويئر جو لائيسنس خريد ڪري ان تي سنڌ سلامت کي منتقل ڪرڻ جي آزمائش ڪري ڏسجي۔۔۔
هي آهي زين فورو جيڪو دراصل وي بليٽن جي ئي پراڻن ڊيولپرس جو تيار ڪيل آهي۔۔۔ هن جو يوزر انٽرفيس بهترين آهي۔۔ ۽ فيچرس نيئن ويب اسٽينڊرڊ مطابق آهن۔۔۔
ان سلسلي ۾ هن سافٽويئر کي خريد ڪرڻ باوجود جو ڪافي وقت گذري ويو آهي مسلسل تجربي هيٺ رکيو ويو آهي۔۔۔ ۽ سامهون ايندڙن مسئلن کي سلجهايو پيو وڃي۔۔۔ هڪ اهم مسئلو جيڪو موجود آهي سو آهي وي بليٽن 4 کان زين فورو ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ آفيشل امپورٽر جو نه هجڻ۔۔۔ پر ان سان پنهنجا حوصلا پوئتي نه هٽيا آهن۔۔۔ زين فورو جي پراڻي ورجن لاءِ هڪ ٿرڊ پارٽي امپورٽي موجود آهي جنهن ۾ ضروري تبديليون ڪري ڊيٽا امپورٽ ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ پر ان سان سنڌ سلامت رڪن ۽ انهن جون تحريرون ئي منتقل ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔ موجوده سنڌ سلامت تي آندل ڪافي ساريون موڊيفڪيشنس ساڳي حالت ۾ منتقل ڪرڻ ڪافي مشڪل آهن۔۔
جيتوڻيڪ ادا عامر ضياء چارڻ ۽ مان نئين سافٽويئر تي مستقل تجربا جاري رکيو پيا اچون پر ان باوجود تڪڙو منتقل ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿو توهان کي سنڌ سلامت جا ڪافي سارا فيچرس نئين سافٽويئر تي ڳوليا نه ملن۔۔۔ ان ڪري هي ڪم ڪافي صبر آزما ثابت ٿي رهيو آهي۔۔۔ يقينن سنڌ سلامت فورم جي نئين سافٽويئر تي هجرت هڪ يادگار تجربو رهندي۔۔ جنهنجو حال ٻئي موضوع ۾ ڪبو۔۔ پر ان تجربي سان ان ڳالهه جي پڪ ٿي چڪي آهي ته سنڌ سلامت جي موجوده ڊيٽا کي ڪنهن نقصان پهچائڻ کان سواءِ ئي نئين سافٽويئر تي منتقل ٿي سگهجي ٿو۔۔۔ پر ان باوجود اڃان ڪافي سارا سوال جواب طلب آهن۔۔ جن جي اسان ڳولا ۾ آهيون۔۔ جنهن کان پوءِ اسان اميد ڪري سگهون ٿا ته سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو آغاز ڪري سگهبو۔۔۔
في الحال زين فورو جي سنڌي ترجمي ۽ ان تي سنڌي پيڊ لڳائڻ جو ڪم جاري آهي۔۔ انشاء الله جلد ئي سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو۔۔ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪي ويچار يا سوال آهن ته اهي توهان پڇي سگهو ٿا۔۔۔
والسلام