21 اپريل نئين سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ، سنڌين جي لاءِ پاڻ قربان ڪندڙ سنڌ جي شهيد سپاهين کي سرخ سلام ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي اعلان هزارين مان نه رڳو ... اي سنڌ! توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن ماڪ ڦڙا، ڪنهن لڙڪ ڦڙا، جــن توکي پنهنجو رت ڏنــو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويــا. قوم ۽ ديس لاءِ شهيد ٿيڻ هڪ اهڙو اعزاز آهي جنهنجي قيمت آسمان ۾ اڀرندڙ، سجن، چنڊن ۽ تارن کان به گهڻي آهي، ڪاش اسان سڀني سنڌين جي دلين ۾ وطن لاءِ شهيد ٿيڻ جي خواهش پئدا ٿي پوي .... ياد رکو! جيڪي سپاهي شهيد ٿيڻ لاءِ وڙهندا، اهي ئي فتح حاصل ڪندا آهن. اي ڪائنات جا خالق! اسان سنڌين جي دلين ۾ وطن لاءِ شهيد ٿيڻ جهڙو عشق پئدا ڪر جيئن پتنگن کي شمع تان نثار ٿيڻ جو جذبو هوندو آهي. آمين حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو
جواب: سنڌ جي شهيدن جو مهينو بس سائين ! ظلمن جي داستان ڊگهي آهي پر نيٺ ته اونداهي ختم ٿيندي، اسان جي دوستن کي سجاڳي ڪرڻي پوندي نه ته واقعي اهو محاورو اسان کي ڦيرائڻو پوندو ته ”اڃان سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي“ پر ”سنڌ گدڙن جي حوالي ٿي وئي آهي ۽ اهي هاڻي سنڌ کي مزي سان کائي رهيا آهن۔۔۔“
جواب: سنڌ جي شهيدن جو مهينو او ادا او ڀائو او مٺڙا ڀُليل آهيو ته سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي گدڙَ کائين پيا ، اسان سُتل آهيون ۔ نيٺ ته اونداهي ختم ٿيندي ۔ ڪير ڪندو ختم ؟ جڏهن ڌرتي ڌڻي جاڳندا تڏهن نه ؟ يا ايئن پنهنجو پاڻ ختم ٿيندي ؟ مان اڄ به پنهنجن لفظن تي قائم آهيان " اسان سنڌي ايڏا بهادر ، دلير ڪونه هئاسين جيڏو سنڌي اديبن اسان کي پَڏايو آ ، ۽ نه وري تاريخ ۾ ايڏا بزدل ۽ ڀاڙِ جا ترا هئاسين جيڏا هاڻ ٿي پيا آهيون " جاڳڻو پوندو هرهڪ کي حصو پَتي ڏيڻو پوندو هرهڪ کي ۽ نڪرڻو پوندو غيبي امداد جي آسري کان۔
جواب: سنڌ جي شهيدن جو مهينو اسين اولاد سنڌڙي جو سدائين سر بُلند آهيون سُپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون ڪيو سر ساهه جن صدقي امڙ جيجل مٺي سنڌ تان دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون (نثارناز) سنڌ جي شهيدن کي سرخ سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اپريل واقعي سنڌ لاء جان ڏيندڙن جو مهينو آهي ۔۔۔۔
جواب: سنڌ جي شهيدن جو مهينو اي قوم ٻڌايا ٿي قصا ڪلهه توکي مون تقديرن جا اڄ باغي باغي جي سر تي ٿو تاج ڏسان تحزيرن جا ڪو ڪئين نه موٽي مقتل ڏي آ رت ۾ خوشبو ميندي جي ڪو ڪئين نه موٽي زندا ڏي ٿا زلف شڪن زنجيرن جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ائين سمجهين مئا مور سارا۔ منهنجا دوستو، منهنجي ڌرتي جا هي جوڌا جن ساهه ڏئي پنهنجو ويساهه ڏنو ته من منهنجي قوم جا اڀاڳي ننڊ ستل آهي اهي جاڳي پون ۽ پنهنجي هن ڀلاري ڀون جو ڪو ڀرجهلو ٿي پون، پر خبر ناهه منهنجي قوم کي ڪهڙي ننڊ آهي جو اڃا نه جاڳي آهي۔۔۔؟؟؟