اسٽيل مل جي خراب صورتحال ۽ 19 هزار ملازمن جو مستقبل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]پاڪستان اسٽيل مل ملڪ جو اهو عظيم قومي ادارو آهي جتي گذريل 38 سالن کان ملڪ جي چئيني صوبن کان علاوه آزاد ڪشمير، گلگلت بلتستان ۽ فاٽا سميت ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل تقريبن 19 هزار ماڻهن کي سڌي ريت عزت ڀريو روزگار فراهم ٿيل آهي جڏهن ته اڻ سڌي ريت هن عظيم قومي اداري سان لکين ماڻهن جو روزگار جڙيل آهي جنهن کي مني پاڪستان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، پاڪستان اسٽيل 1973ع کان پنهنجي پيداوري سرگرمين وسيلي ملڪ کي گهربل اسٽيل جي ضروريات کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي جيڪا هن وقت انتهائي خراب صورتحال سبب ڏينهنون ڏينهن پنهنجي افاديت وڃائي چڪي آهي ، هي روس پاران پاڪستان کي ڏنل تحفو ان وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪامياب خارجه پاليسي جو چٽو ثبوت پيش ڪري ٿو. هي ڪارخانو لڳ ڀڳ 60 ننڍن وڏن يونٽن تي مشتمل آهي جيڪي هڪ ٻئي سان اندروني طور سلهاڙيل آهن جنهن ۾ هر هڪ جو پنهنجو فنڪشن ۽ پيداوري صلاحيت موجود آهي، هيءَ مل اسٽيل جي پيداوار کان علاوه بجلي ۽ گيس جي پيداواري صلاحيتن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ ٻين ڪيترن ئي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي گهربل سامان مهيا ڪندي اربين روپيه ناڻو ڪمائي وٺندي هئي ان ڪري هن مل سان ٻيا کوڙ سارا ادارا به سلهاڙيل هئا جن جو دارومدار اسٽيل مل پيداوار سان جڙيل هو پر بد قسمتي سان هي قومي مل ڪيترن ئي سالن کان بد انتظامي ۽ ڪرپشن سبب آهستي آهستي پنهنجي افاديت وڃائي چڪي آهي ۽ مل جي پيداوار ڏينهون ڏينهن گهٽجندي وڃي ترو ورتو آهي جيڪا پڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، هن وقت مل جا اڪثر پيداوري يونٽ خام مال جي ڪمي سبب بند ٿيندا پيا وڃن ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته هن وقت مل جي ڪل 16 فيصد کان به هيٺين سطح تي پيداواري صلاحيت وڃي بيٺي آهي، هن وقت مل جي هڪ به چمني نه ٻري رهي آهي ۽ سواءِ هڪ ٻن جي باقي مل جون سموريون بٺيون بند ٿي چڪيون آهن جيڪڏهن اڃا به مسلسل اهڙي صورتحال رهي ته هي قومي مل هميشه لاءِ بند ٿي ويندو جنهن جو ايترو ته نقصان ٿيندو جنهن جو پورائو ڪرڻ نا ممڪن هوندو.
    پاڪستان اسٽيل مل جي اها تاريخ رهي آهي ته هن جي پيداواري سرگرمين ۾ وقتن فوقتن لاها چاڙها ايندا رهيا آهن ۽ خاص ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پوءِ هر دور ۾ هن مل کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي جنهن ڪري هتان تمام گهڻا ماڻهو پاڻ ته ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجي ويا پر اسٽيل مل پاڻ ڏينهون ڏينهن پيداواري سرگرمين ۾ ڪمزور ٿيندي وئي ۽ هاڻي جيڪڏهن خدا نه ڪري هي قومي مل مڪمل طور بند ٿي وئي ته هڪ پاسي 19 هزار ملازم سڌي طرح متاثر ٿيندا جڏهن ته باقي ٻيا لکين ماڻهو جن جو اڻ سڌي ريت هن قومي اداري سان روزگار واڳيل رهيو آهي اهي پڻ بيروزگار ٿي ويندا جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جو ملڪ گهربل اسٽيل جي پيداوار کان پڻ مڪمل محروم ٿي ويندو ۽ ملڪ ۾ اسٽيل جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب ملڪ ۾ سريو ۽ گاڊر ٽيئر وڌيڪ مهانگو ٿيندو جنهن جو سڌو سئون اثر عام خريدار تي پوندو. هن وقت اسٽيل مل پيداواري لحاظ کان انتهائي ڪمزور پوزيشن تي بيٺل آهي، پر اهو به وقت هيو جڏهن پاڪستان اسٽيل نفعي بخش ادارو چورائيندو هيو جيڪو هرسال پنهنجي نفعي مان ملازمن کي ٻه کان چار بونس پڻ ادا ڪندو هو جنهن سان اسٽيل مل جا ملازم انتهائي خوشحالي واري زندگي گذاريندا هئا پر اسٽيل مل جي موجوده صورتحال انتهائي خراب هئڻ سبب اسٽيل مل انتظاميان پاران گذريل مارچ مهيني جي پگهار به پنهنجي ملازمن کي نه ڏئي سگهي آهي. هوڏانهن پاڪستان اسٽيل ۾ ٿيل يونين ريفرنڊم کي تقريبن ٻه سال پورا ٿيڻ وارا آهن پر اسٽيل مل جي مالي پوزيشن ڪمزور هئڻ سبب سي بي اي يونين پنهنجي ملازمن کي چارٽر آف ڊيمانڊ به نه ڏياري سگهي آهي جنهن ڪري پيپلز ورڪرز يونين سي بي جي چيئرمين شمشاد قريشي تي ملازمن دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سي بي اي اندر موجود ڪجهه ذميوار عهديدارن پاران انتظاميا ۽ سي بي اي جي چيئرمين خلاف پمفليٽ به جاري ڪيا آهن جن ڪرپشن سميت ٻيا ڪيترائي الزام لڳايا آهن ته اسٽيل مل جي موجوده خراب صورتحال جا ذميوار مل انتظاميا ۽ سي بي اي چيئرمين آهي جيڪي اسٽيل مل جي بد انتظامي ۽ ڪرپشن ۾ برابر جا شريڪ آهن. ان کان علاوه يونين جي ذميوار عهديدارن سميت 14 ڄڻن پاران سي بي اي يونين جي چيئرمين خلاف NIRC اسلام آباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي جن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته ڇو ته پيپلز ورڪرز يونين جو چيئرمين ملازمن ۾ پنهنجي اڪثريت ۽ افاديت وڃائي چڪو آهي ان ڪري عدالت پنهنجو حڪم جاري ڪري ته جيئن اسٽيل مل جا ملازم پنهنجي مرضي سان پنهنجو نئون نمائندو چونڊي سگهن ۽ ان سان گڏ درخواست گذارن جي حق ۾ اسٽي به جاري ڪيو وڃي ته جيئن هي ڪاروائي مڪمل ٿيڻ تائين درخواست گذارن جي خلاف ڪنهن به قسم جي انتقامي ڪاروائي نه ڪئي وڃي.
    انهن 14 ڄڻن جي گروپ تازي جاري ڪيل پنهنجي پمفليٽ ۾ پنهنجا 14 نڪتا پيش ڪندي نڪتي نمبر 2 ۾ اهو به مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيل مل جي مالي طور ڪمزور صورتحال آهي ته سي بي اي يونين جي استعمال هيٺ 200 کان وڌيڪ گاڏين جو استعمال فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ اهي گاڏيون انتظاميا کي واپس ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي مد ۾ ٿينڊڙ تيل ۽ مينٽيننس جا خرچ ماهانه ڪروڙي رپيه بچائي سگهجن. چيو وڃي ٿو ته اسٽيل مل جو روزانو 7 ڪروڙ ۽ ماهانه 2 ارب روپين جو خرچ ٿيندو آهي جڏهن ته 80 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ صرف ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿيندا آهن ۽ هن وقت اسٽيل مل هڪ سئو 20 ارب کان وڌيڪ خساري هيٺ هلي رهي آهي جنهن مان نڪرڻ في الحال مشڪل ٿو لڳي، موجوده جمهوري حڪومت جي نيڪ نيتي اها آهي ته هر حال ۾ هن قومي اداري کي بچائڻ چاهي ٿي جنهن کي سڀ کان وڌيڪ مل جي ملازمن جو مستقبل عزيز آهي، ان ڪري موجوده جمهوري حڪومت اسٽيل مل کي ٽي چار ڀيرا بيل آئوٽ پيڪيج طور ڪروڙين روپين جا فنڊ جاري ڪري چڪي آهي پر پوءِ به الاءِ ڇو اسٽيل مل پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهي آهي. هن وقت به اسٽيل مل جو مسئلو خام مال جي کوٽ ڄاڻايو پيو وڃي، جتي روزانو لکين ٽن ڪوئلو ۽ آئرن اور جي ضرورت پوي ٿي اتي چند ڊمپر اسٽيل مل جو پيٽ نٿا ڀري سگهن ۽ اڪثر ٽيڪنيڪل ملازمن پاران اهي به شڪايتون ڪيون پيون وڃن ته جيڪو مٽيريل مهيا ڪيو ٿو وڃي اهو انتهائي ناقص ۽ غيرمياري آهي جنهن سان اسٽيل مل جي مشينري کي پڻ نقصان پهچي رهيو آهي پر مل جي ڪجهه بٺين کي گرمائڻ لاءِ ضروري آهي ته خام مال ناقص يا غير مياري پر ٿورو گهڻو ان جي پيٽ ۾ وجهڻ لازمي هوندو آهي.
    اسٽيل مل جي مڪمل طور هلڻ سان اتان گيس ۽ بجلي جي پيداوار به ملندي هئي جيڪا اسٽيل مل پنهنجي استعمال هيٺ آڻي ڪروڙين روپين جو ناڻو بچائي وٺندي هئي پر بدقسمتي سان اسٽيل مل جي تمام گهڻن يونٽن جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هاڻي اتي گيس ۽ بجلي جي بحران به اچي ڪر کنيو آهي، اسٽيل مل جي مڪمل هلڻ سان 80 کان 90 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار ملندي هئي پر بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ بند ٿيڻ سبب اسٽيل مل ۾ بجلي جو شديد بحران پيدا ٿي پيو آهي، ڪو وقت هيو جڏهن اسٽيل مل پنهنجي بچت مان ڪي اي ايس سي کي 35 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندي هئي جنهن مان اسٽيل مل ڪروڙين روپين جوناڻو ڪمائي وٺندي هئي پر هن وقت اسٽيل مل جا بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ بند ٿي وڃڻ سبب هاڻي اسٽيل مل ڪي اي ايس سي کان بجلي خريد ڪرڻ تي مجبور آهي۽ گذريل مهيني اسٽيل مل ڪي اي ايس سي جون ادائگيون پوريون نه ڪري سگهي آهي ان ڪري ڪي اي ايس سي اسٽيل مل جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي جنهن ڪري اسٽيل مل سميت اسٽيل مل جي ملازمن جي رهائش گاهه اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد فيس ون ۾ بجلي جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ سبب روزانو جي بنياد تي 8 کان 12 ڪلاڪن تائين جي لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سان علائقي ۾ پيڻ جي پاڻي جي پڻ شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي.
    اسٽيل مل جا ملازم پنهنجي ٻچن جو روزگار بچائڻ لاءِ هن وقت بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ان ڪري پهريون ڀيرو سي بي اي يونين جي چيئرمين شمشاد قريشي کي هٽائڻ لاءِ هڪ تگڙو گروپ سامهون اچي ويو آهي، جن ۾ نوان ۽ پراڻا ملازم شامل ٿي ويا آهن. 2008ع جي عام چونڊن کان پوءِ پيپلزپارٽي جي موجوده جمهوري حڪومت جي وزيراعظم اسمبلي فلور جي پهرين تقرير دوران سڀني ادارن اندر ڊيلي ويجز ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان وقت اسٽيل مل اندر ڊيلي ويجز تي تقريبن 4800 ملازم ڪم ڪري رهيا هئا جن کي 20 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو هو انهن کي ريگيولر ته ڪيو ويو پر اڃا تائين انهن جون پگهارون ان ساڳي جاءِ تي بيٺل آهن جنهن ڪري اهي ملازم انتهائي پريشاني جي حالت ۾ آهن، انهن ملازمن جون پگهارون جيئن ڊيلي ويجز دواران 8 يا 9 هزار هيون اهي ساڳيون ئي پگهارون ٿوري اضافي سان 10 کان 13 هزارن تائين ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي هن منهگائي جي طوفان ۾ تمام گهٽ آهن. پر اسٽيل مل جي خراب صورتحال جي پيش نظر اهي ملازم اڃا به پر ازم آهن جيڪي چاهين ٿا ته حڪومت پاڪستان اسٽيل مل کي خام مال مهيا ڪري باقي محنت ڪرڻ اسان ملازمن جو ڪم آهي جيڪي هرحال ۾ اسٽيل مل کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهن ٿا. هن وقت اسٽيل مل جنهن مالي خساري مان گذري رهي آهي جيڪڏهن پ پ کان علاوه ڪا ٻي حڪومت هجي ها ته هن وقت تائين اسٽيل مل جو سودو ٿي چڪو هجي ها، مشرف جي دور ۾ اسٽيل مل جي اهڙي ڪمزور پوزيشن نه هئي جيڪا هن وقت آهي ۽ هر مهيني اسٽيل مل پنهنجو خرچو لاهي ملازمن کي وقت تي پگهارون ادا ڪندي هئي پر ان جي باوجود مشرف مل کي هلائڻ نه پئي چاهيو ۽ 500 ارب جي ملڪيت صرف 21 ارب روپين ۾ سودو ڪري ويهي رهيو پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي مداخلت سبب اهو سودو ختم ٿي ويو، اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران ڏنل تحفو ملڪ جو هي عظيم قومي ادارو هڪ ڀيرو ٻيهر ملازمن جي هٿن ۾ اچي ويو جنهن سان 19 هزار ملازمن جو مستقبل جڙيل آهي. يقينن هي قومي ادارو سڀني جي گڏيل ملڪيت آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ انتظاميا سان گڏ سي بي اي يونين جي به ذميواري ٿئي ٿي جن جي فرض ۾ اهو شامل آهي ته مل کي به بچايو وڃي ته مل ملازمن جي ملازمتن کي به بچايو وڃي جنهن جو واحد حل اسٽيل مل مان مڪمل طور بد انتظامي ۽ ڪرپشن جو خاتمو آهي جڏهن اهي ٻئي شيون ختم ٿي ويون ته يقينن مل پوري طرح هلي پوندي جنهن سان ملازمن جو به ڀلو ٿيندو ته هن ملڪ جو به ڀلو ٿيندو جنهن کي اسٽيل جي گهربل پيداوار جي سخت ضرورت آهي.

    نوٽ: هي ڪالم اڄ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.
    meb_110@yahoo.com
    آ[/JUSTIFY]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اسٽيل مل جي خراب صورتحال ۽ 19 هزار ملازمن جو مستقبل

    مضمون تفصيل سان پڙهڻ جهڙو آهي۔۔۔
    هن مضمون ۾ مل جي ڪمزور حالت جو ذڪر به سٺن ۽ واضح لفظن سان ٿيل آهي پر ملز جي زبون حالت جي مڪمل ذميداري ورڪرز يونين ۽ ڪرپٽ آفيسرن تي هڻي حڪومت پنهنجو پاسو بچائي نه ٿي سگهي۔۔۔
    ياد رهي ته موجوده حڪومت جي اچڻ سان ئي ننڍن ملازمن کان وٺي چئرمين تائين آفيسر حڪومت پنهنجي مرضي سان تبديل ڪيا ۽ مزدور يونين کي بحال ڪري پنهنجي پسند جي يونين کي ڪامياب ڪرايو ويو ۽ اها حڪومت کي گذريل ٻن سالن کان ئي خبر آهي ته هي يونين پنهنجي بي انتها ڪرپشن ۽ ملازمن جي مڪمل مفادن جي خلاف هجڻ ڪري پنهنجو اعتماد ختم ڪري چڪي آهي ان ڪري گذريل ٻن سالن کان اليڪشن نه ڪرائڻ ۾ به حڪومت جا وزير ملوث آهن ته جيئن سندن جي ئي يونين فعال رهي۔۔۔
    افسوس ته انٽرنشپ جي نالي تي پوري سنڌ مان گهرايل ميٽرڪ پاس ڪينڊيڊيٽس ۽ انهن طرفان جمع ڪرايل ڊرافٽ جي صورت ۾ پيسا جيڪي پڻ لکن جي تعداد ۾ آهن يونين ۽ آفيسرن جي ملي ڀڳت جي ور چڙهي ويا۔۔ ملز يونين ملازمن بجاءِ پيپلز پارٽي جي ئي آفيسرن کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي ۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ حڪومت طرفان ڪروڙين روپين جا بيل پيڪيج به هڪ قسم جو پنهنجي يونين ورڪرز ۽ پنهنجي ئي مل انتظاميه کي خوش ڪرڻ جو پيڪيج ثابت ٿيا۔۔۔
    ادا منهنجا جي حقيقت کي وائکو ئي ڪرڻ گهرو ٿا ته ٿورو وچ ٿرو ٿي لکو ۔۔۔ يقينن اهي ڳالهيون هاڻي ڪنهن کان ڳجهيون به نه رهيون آهن۔۔۔
    بحرحال ڪنهن به طرح اسٽيل ملز جي عام ملازمن جي پريشانين کي وائکو ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔
     
  3. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسٽيل مل جي خراب صورتحال ۽ 19 هزار ملازمن جو مستقبل

    محترم سائين رشيد سمو صاحب خوش هجو شال، مان سئو فيصد توهان جي راءِ کان متفق آهيان ته اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي ڄاڻ ۾ آهي ته ادارن اندر ڇا پيو ٿئي، پر اسٽيل مل اندر مڪمل مارشل لا نافظ ٿيل آهي، هڪ اڳواڻ جنهن جو نالو آهي شمشاد قريشي اهو مل جو ملازم ئي ناهي ته ان کي مل يا مل جي ملازمن جي ڪهڙي ڳڻتي، هي شخص صرف پنجاب جي لابي طور ڪيترن ئي سالن کان اسٽيل مل ۽ انهن جي ملازمن مٿان هرو ڀرو مسلط ڪيو ويو آهي هتي هڪڙو به اهڙو ملازم ناهي جيڪو هن کي پسند ڪندو هجي. هن وقت جيڪا مل جي حالت آهي ان جو ذميوار هي به آهي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسٽيل مل جي خراب صورتحال ۽ 19 هزار ملازمن جو مستقبل

    پاڪستان اسٽيل بابت سٺو مضمون، اسان کي گهنين ڳالهين جي خبر به پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه اها آهي جو حڪوم ادارن کي تباهه پئي ڪري، صرف پاڪستان اسٽيل ئي نه پر پي آء اي، ريلوي، واپڊا ۔۔۔۔ڪهڙا نالا ڳڻايون ۔۔۔۔۔۔۔ بس ڪم لٿو پيو آهي۔

    سائين اوهان جو بهترين مضمون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو