رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
آيت الله روح الله خميني جي شعر جو منظوم ترجمو از رضوان علي جمالي
چَپ واري تِر تنهنجي جو گرفتار ٿيس
ڏسي اکڙيون بيمار تنهنجون بيمار ٿيس
بي خوديءَ ۾ هڻي نعارو انالحق جو
مثلِ منصور سوليءَ جو خريدار ٿيس
دُکي دل ۾ غم جانان جي چڻنگ
تڙپڻ جو قصو سرِ بازار ٿيس
درُ ميخاني جو کليل رک مون لئي
مسجد ۽ مدرسي کان بيزار ٿيس
تَن تان لاهي اَلفي زُهد جي
وڃي ونهوارِ دنيا ۾ هوشيار ٿيس
سُڪائي ڇڏيو ناصح جي واعظن
رِند جي آٿت کان خوش يار ٿيس
بُت خاني کي ڪجهه ته ياد ڪرڻ ڏي
اي دوست اُن صنم کي جِتان بيدار ٿيس
چَپ واري تِر تنهنجي جو گرفتار ٿيس
ڏسي اکڙيون بيمار تنهنجون بيمار ٿيس
بي خوديءَ ۾ هڻي نعارو انالحق جو
مثلِ منصور سوليءَ جو خريدار ٿيس
دُکي دل ۾ غم جانان جي چڻنگ
تڙپڻ جو قصو سرِ بازار ٿيس
درُ ميخاني جو کليل رک مون لئي
مسجد ۽ مدرسي کان بيزار ٿيس
تَن تان لاهي اَلفي زُهد جي
وڃي ونهوارِ دنيا ۾ هوشيار ٿيس
سُڪائي ڇڏيو ناصح جي واعظن
رِند جي آٿت کان خوش يار ٿيس
بُت خاني کي ڪجهه ته ياد ڪرڻ ڏي
اي دوست اُن صنم کي جِتان بيدار ٿيس