سنڌ سلامت جي رنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر حاضر آهيون ۔۔۔!!!

عرفان ديشي

سينيئر رڪن
دوستو/ساٿيو/ڀائرو/ڀينرو:
السلام عليڪم
يا علي مدد
جيئي سنڌوديش

دوستو ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ اندر هڪ اهڙو حادثو پيش آيو جنهن کان اوهان سڀ دوست واقف هوندا، ۽ يقينن اهڙو افسوسناڪ واقعو ٻُڌي اوهان پنهنجي اکين مان لڙڪ ضرور لاڙيا هوندا،
اهو واقعو آھي سنڌ امڙ جي سچي سپُوت ڌرتي جي ڏهيسر ۽ سنڌي قوم جي ابو جهاد شهيد سنڌ بشير خان قريشي جو وڇوڙو۔
انڪري ذاتي مصروفياتن، ۽ دوستن سان گڏ پارٽي سرگرمين جي ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ تان غير حاضر رهيم، اميد آھي ته اوهان سڀ دوست، ٺيڪ ٺاڪ ۽ خوش باش هوندا، آ به ٺيڪ آھيان، مهرباني "
 
جواب: سنڌ سلامت جي رنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر حاضر آهيون ۔۔۔!!!

سائين سڀ سڪتي ۾ آهيون اسان۔۔۔
ويلڪم بيڪ!!
 
جواب: سنڌ سلامت جي رنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر حاضر آهيون ۔۔۔!!!

سائين دل کي يقين نه ٿو اچي ته بشير خان اسان ۾ ناهي ۔ هو بيشڪ اسان ۾ ناهي پر هو اسان کان جُدا به ناهي ۔
وسلام
 
جواب: سنڌ سلامت جي رنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر حاضر آهيون ۔۔۔!!!

پيارا عرفان سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيئي سنڌ

سچ ته اها خبر سنڌي ماڻهن مٿان ڪنهن وِڄ جيان ڪڙڪي آهي ۽ اڃان تائين ڪيترائي سنڌي ماڻهو ان ڏک ۽ صدمي مان ٻاهر ناهن نڪتا۔ اميد ته اسان جا نوجوان ۽ سڀ سنڌي ان ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪندي هڪ نئين سنڌ جي شروعات ڪندا۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: سنڌ سلامت جي رنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر حاضر آهيون ۔۔۔!!!

عرفان ديشي


ويلڪم بيڪ ادا

باقي مرحوم بشير ۡخان قريشي جو صدمو ته وسرڻو ئي نه آهي ادا

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي رنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر حاضر آهيون ۔۔۔!!!

بلڪل بشير خان سنڌ جو سچو پُٽ ھيو ان جو وڇوڙو اسان جي ڪنهن ًگهر جي ڀاتي وڇڙڻ کان گهٽ ناهي ۔ بس وقت ۽ حالاتن کي ڏسي يقين ته نٿو اچي ته هو اسان کان وڇڙي ويو آھي هر دل ڏُک سان چوُر آھي۔۔۔ پر ان ڏُک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻو پوندو تڏهن ئي سيد ۽ بشير خان جي مشن کي اڳتي کڻي هلي سگهون ٿا۔
اوهان دوستن جون مهربانيون
 
Back
Top