• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

ستارن کان اڳيان دنيائون ٻيون به آهن،
پري کان پري مسافتون اڃان ٻيون به آهن.

قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،
شريعت ۾ ٻه زالون ٻيون به آهن.

اڃان ته توکي هڪ ئي ڌڪ لڳو آهي،
تنهنجي لئه اڳتي آزمائشون ٻيون به آهن.

اها هڪ باهه ئي ته تو لڳائي آهي.
پاڙي ۾ اڃان چڻنگون ٻيون به آهن.

هوءَ دري نه ٿي کولي ته ڀل نه کولي،
منهنجي نظر ۾ دريون ٻيون به آهن.

هت صرف ٿاڻا ئي ناهن وڪامندا،
ڪئي اهڙيون جڳهون ٻيون به آهن.

اسمگلنگ جي کنڊ، گودامي ڪيئنسر،
وڏيرن جون ڏنل بيماريون ٻيون به آهن.

هو چوي ٿو ملندو هاڻ انصاف سستو،
ثابت ٿيو ته حاضريون ڪي ٻيون به آهن.

ٿيو تيل جو ئي ناهي دام ٻيڻو،
شيون ڪئي اڻلڀ ٻيون به آهن.

اي انسان! توکي اهو به سهڻو پوندو،
مقدر ۾ اڃان سختيون ٻيون به آهن.

اردو شاعري؛ عبير ابو زري
سنڌي ؛ نثارابڙو
 
جواب: قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،

واهه واهه ۔۔۔۔۔۔ پر ڳالهه ٻن زالن وارن جي ٿي ، هڪ وارن لاء هي ليک ناهي۔

پر سائين شريعت تي عمل پيرا ٿيڻ لاء پيا سوچيون ۔۔۔۔
 
جواب: قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،

يار سليمان شريعت ته تڏهن پوري ٿيندي جڏهن ٽي شاديون ڪري چوٿينءَ لاءِ سوچبو ۔۔۔ في الحال ٽي ته ڪريون، هڪ ۾ ئي وٺجي ويا آهيون،

مونکي به رات بابا سائين خواب ۾ آيو هيو، چيائين ٿي ته ابن ڏاڏن ته شريعتون پوريون ڪيون، تون ڪنهن تي ويو آهين ۔۔۔ ڪاوڙجي ويو آهي ۔۔۔ خئير هاڻ ته اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ ۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟

بس دعا ڪريو ۔۔۔ ٿڌا ساه ويٺا ڀريون
 
جواب: قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،

قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،
شريعت ۾ ٻه زالون ٻيون به آهن.


اها هڪ باهه ئي ته تو لڳائي آهي.
پاڙي ۾ اڃان چڻنگون ٻيون به آهن.

ها ها ها ها

سائين اصل ڏاڍو لطف اندوز ٿيس مٿيون لائينون پڙهي ڪري

سدائين گڏ
 
جواب: قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،

قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،
شريعت ۾ ٻه زالون ٻيون به آهن.


ادا نثار ابڙو صاحب ٻيلي ڏاها ٿيو ڇو پيا همراهن کي هڪ کان وڌيڪ شادين جا چسڪا لڳايو،هن نفسانفسي جي دور ۾ هڪ زال جا ناز نخرا کڻڻ مشڪل ٿي پيا آهن،هل منهنجا سائين توهان ته مرڳو ڃار شادين لاء پيا همٿايو۔سائين پوء ته همراهن جا ڇا حال ٿيندا،ان جو اندازو توهان بهتر لڳائي ٿا سگهو۔(مذاق پيا ڪيون) اردو جي مزاحيه شاعري سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري اسان کي ان مان لطف انداز ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ تي اوهان جون مهربانيون۔
 
جواب: قناعت نه ڪر صرف ٻن زالن تي،

تمام بھترين

لڳي ٿو ادا نثار اوھان جي چوڻ تي لڳي جيڪا رھي کھي گھر ۾ عزت آھي اھا به ختم ٿي ويندي۔ ڏاھا ٿو ٻيلي ڇو ٿا پيري ۾ اھڙيون ياد گيريون ڏياريو
 
Back
Top