اڌ تتر اڌ ”خنزير“ !!!!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2012۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اڌ تتر اڌ ”خنزير“ !!!!

    هڪڙي بزرگ جي جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گهران نڪتم ، بزرگ سان منهنجي ڪا ذاتي واقفيت ڪون هئي ، رڳو پنهنجي دوست جي ڏک ۾ شرڪت ڪرڻ جي غرض سان جنازه نماز ۾ شرڪت ويس اهو هن ڪري جو اهو بزرگ منهنجي دوست جو پيءُ هو ، مونکي اها خبر ڪون هئي ته هڪ معاشرتي فريضي انجام ڏيڻ سان ئي منهنجي زندگي جو رخ بدلجي ويندو ، هن ڳالھ جي تفصيل مان بعد ۾ ڪندس هن وقت رڳو هن ڳالھ جي منڍ ٻڌي وٺو . جڏهن مان جنازي نماز جي جاءِ تي پهتس ته بزرگ جي ميت مسجد جي کٺولي تي پئي هئي ۽ ماڻهو صف ٻڌي رهيا هئا ، هڪڙي ڪنڊ مان آواز آيو ته صفون 7 يا وري 9 بڻايو هن کان پوءِ صفن کي 8 مان 9 بڻائڻ لاءِ ماڻهو اگتي پوئتي ٿيڻ لڳا ، پوءِ ٻيهر آواز آيو ته صفن کي سڌو رکيو وڃي ، صفون سڌيون ٿيڻ جي چڪر ۾ اڃان ويتر ٽيڙهيون ٿي ويون . هن کان پوءِ ڪنهن ٻي جاءِ تان آواز آيو ته ڪلهن کي ڪلهن سان ملايو ، وچ ۾ جاءِ خالي نه هجڻ گهرجي ، اهي هدايتون جيڪي هاڻي رسمي ٿي ويون آهن ، اسلام جي هن منشا جي عين مطابق هيون ته امت ۾ هر مشڪل گهڙي ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ٿئي ۽ اُهي قطار ٺاهڻ سکن ۽ مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهن . ماڻهو تيزي سان جنازي ڏانهن اچن پيا ، امام تنهن وقت تقرير ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ، بس هن تقرير ۾ هڪ اهڙي ڳالھ هئي جنهن منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏيو ، هن مولوي چيو جيڪو شخص جنازي نماز ۾ شريڪ ٿئي ٿو هن جا پوئين گناه معاف ٿي ويندا آهن . “ الله اڪبر“ منهنجي ڇاتي خوشي سان ڀرجي وئي منهنجي سيني مان هڪ وڏو بار لهي ويو جنهن جو سبب منهنجي گناهن سان ڀريل زندگي هئي ۽ مان هر وقت هن ڪري بي چين ۽ پريشان رهندو هئس .
    جنازي نماز کان پوءِ مون ائين محسوس ڪيو جڻ ته مان بلڪل هلڪو ٿي ويو آهيان ، ڪجه ڏينهن کان پوءِ مون هڪ بيواه جي پلاٽ تي قبضو ڪري ورتو ، اها مون وٽ روئندي دانهن کڻي آئي ، مونکي الله ۽ رسول جو واسطو وڌائين ۽ هٿ ٻڌي مونکي پلاٽ تان هٿ ڪڻڻ لاءِ چئي رهي هئي ، هن پنهنجي پوتيءَ منهنجي پيرن تي رکي چيو ته منهنجو مرحوم گهروارو پنهنجي رٽائرمنٽ جي پيسن مان اهو پلاٽ ورتو هو جئين هن جي يتيم ٻارن لاءِ ڪو جهڳو ٺهي پوي . ، هن جي روئڻ ۽ ليلائڻ مان مون محسوس ڪيو ته منهنجو دل پيسجي رهيو آهي تنهڪري مون ذري گهٽ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته مان هن بيواه کي پلاٽ موٽائي ڏيان ۽ هن جي بدلي ڪنهن ٻئي پلاٽ تي قبضو ڪريان پر يڪدم هن مولوي جي ڳالھ ياد اچي وئي ته جنازي نماز پڙهڻ کان پوءِ پوئين گناهن جي معافي ملي وڃي ٿي . مان پنهنجي ضمير جي ملامت کان آجو ٿي ويس ۽ هاڻي مونکي هن پلاٽ کي ڇڏڻ جو ڪو ارادو ناهي ! منهنجا پلاٽ قبضي ڪرڻ کان سواءِ ٻيا به ٻه نمبري ڪم هئا ، جنهن ڪري منهنجو ضمير مونکي ملامت ڪندو رهندو هو ، خدا جو شڪر ٿيو جو هاڻي منهنجو ذهن هنن ڳالھين کان آجو ٿي ويو آهي ۽ موني هاڻي ڪنهن به ڳالھ جو پڇتاءُ ڪونهي .
    منهنجو هڪڙو دوست جيڪو مون جهڙو ئي آهي حيرت جوڳي ڳالھ آهي جو پنهنجو ضروري کان به ضروري ڪم ڇڏي جناز نماز ۾ ضرور شرڪت ڪندو آهي بلڪه هن جي ڳولها ۾ رهندو آهي ايساتائين جو اخبارن ۾ به اهو ڏسندو رهندو آهي ته ڪنهن جي جنازه نماز جي خبر آهي ۽ ڪٿي آهي ۽ هو اجنبين جي جنازي ۾ به وڃي شرڪت ڪندو آهي ، جيڪر هن جي پاڙي ۾ ڪو مريض ٿي پوي ته هنن جي مائٽن کان اشارن سان پڇندو وتندو آهي ته اندازي مطابق گهڻي ڏينهن تائين اهو مريض مري ويندو . هن جي هن عادت کي ڏسي مون پڇيو ته ائين ڇو ڪندو آهين. ته هن مونکي ٻڌايو ته “ بس الله تعالى جي رضا خاطر ائين ڪندو آهيان ٻي اهڙي ڳالھ ڪانهي “ پر مونکي پتو پئجي ويو هو ته هن جي رضاءِ الاهي مان ڇا مراد آهي ، آئون هن وٽ ويس ۽ هن کي لعن طعن ڪئي ته بخشش جو اهو طريقو مونکي هن ڇو نه ٻڌايو ، هوءَ بدبخت کلڻ لڳو ، مون ڇيو مانس ته ماضي جي سڀئي گناه ته معاف ٿي ويا پر ايندڙ گناهن کي ڪئين بخشرائيدي ، هن جواب ڏنو “تمام سولو آهي “ مون پڇيو مانس ته ڪئين؟ “ هن چيو ته ”هڪ ٻئي جنازي ۾ شرڪت“ . اهو ٻڌي منهنجي وات مان بي اختيار ” سبحان الله“ نڪتو ۽ مون سوچيو ته ڪير ٿو چوي ته مولوين اسان جي مذهب کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي ، هنن ويچارن ته ايترو ته اساني پيدا ڪري ڇڏي آهي جو نبي ڪريمﷺ جي ڪروڙين امتين جي زندگين کي به اجيرن بڻائي ڇڏيو ، اوهان جي زندگي ۾ هڪڙي نيڪي اوهان جي سڀني گناهن لاءِ معافي لاءِ گهڻي هوندي .
    اهو سڀ ڪجه مان لکي رهيو هئس ته منهنجي پاڙي جو هڪ مولوي مون وٽ آيو ، مونکي اهو مولوي ٺپ نه وڻندو هو ۽ مونکي زهر لڳندو هو ڇو ته اھِو اُهو شخص هو جنهن جون ڳالھيون منهنجي ضمير کي ملامت ڪنديون هيون ، اهو عبادتن سان گڏ معاملن تي به گهڻو زور ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته خدا کان سواءِ ٻانهن جو به حق هوندا آهن جنهن کي پورو ڪرڻو پوندو آهي ،مان هميشه هن سان ملڻ لاءِ ڪيٻائيندو هئس پر اڄ جڏهن هو آيو ته مون سٺي نموني هن سان مليو مانس ، مولوي حيران ٿي ويو ته مون ۾ اها تبديلي ڪئين آئي ، مون هن جي حيرانگي ختم ڪرڻ لاءِ هن کي چيو ته مانوارا تو مونکي گهڻي عرصي کان ذهني بيمار بڻائي ڇڏيو هو آخر مون تنهنجو ڇا بگاڙيو هو ، مولوي حيرت سان مونکي ڏسڻ لڳو ، مون چيو مانس تو مونکي اسلام جو سولي واٽ جو ڏس ڇو نه ڏنو ، اهو ته الله ڀلو ڪري هن مولوي جو هن ٻڌايو ته رڳو جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ سان ئي انسان جا سڀئي گناه معاف ٿي ويندا آهن . مولوي منهنجي ڳالھ ٻڌي کلي ڏنائين ۽ چيائين رڳو جنازي نماز ۾ شرڪت سان گناه معاف نٿا ٿين هن جهڙيون ٻيون به روايتون آهن ته حج ڪرڻ سان به پوئين گناه ائين معاف ٿين ٿا جهڙي نموني ماءُ جي پيٽ مان ٻار معصوم پيدا ٿيندا آهن ، يا اهو ته فلاڻي جاءِ تي ايتريون نمازون پڙهڻ سان سڀ گناه معاف ٿي ويندا آهن ۽ فلاڻي ڪم سان انسان جي سڀئي گناه معاف ٿي ويندا آهن وغيره وغيره ، مون پڇيو مانس ته ڇا اهي سڀ روايتون غلط آهن ؟ هن وڏي ڍٽائي سان چيو ته ” نه“ پر جنهن گناهن جي معافي جو ذڪر آهي سو هن جو تعلق الله تعالى جي عبادتن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ سان آهي . پر جيڪر تو ڪنهن جو حق ماريو ته هن جي معافي نه ٿيندي جيسيتائين تون هن کان نه بخشرائين .
    بس هنن ڳالھين جي ڪري اهو مولوي مونکي زهر لڳندو آهي ، خدا جو شڪر آهي ته اهڙا مولوي اسان وٽ ٿورا آهن ، جيڪر اهي گهڻا هجن ها ته دنيا جو ڪاروبار بند ٿي وڃن ها جنهنجي ڪري بي روزگاري وڌي وڃي ها ، رشوت ختم ٿي وڃي ها ، چوريون بند ٿي وڃن ها اهڙي نموني ڪاروبار کي ڌڪ لڳي وڃي ها ، کائڻ پيئڻ ۽ دواين ۾ ملاوٽ بند ٿي وڃي ها ۽ بازار ۾ اهي شيون مهانگيون ٿي وڃن ها جو ملاوٽ ڪري اهي سستيون ملن ٿيون .
    مون مولوي کي چيو ته “ مولوي صاحب ڇو اسلام دشمني تي لهي آيو آهين ، ڇا توکي نماز سان ڀريل مسجدون نٿيون وڻن ، هر سال لکين ماڻهو حج تي وڃن ٿا ۽ عمرو ادا ڪن ٿا ، اهي سڀ اوهان کي برداشت نٿا ٿين ، رمضان جي مهيني ماڻهن جي خصوصي عبادتن اوهان جي اکين کي کٽڪن ٿيون ، ۽ هن سان گڏ اهي پنهنجي روزي لاءِ جيڪر هت هت پير هڻندا آهن ته هنن جي اسلام ۾ ڪهڙو فرق پوندو ، اهو سڀ ٻڌي مولوي مون ڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ ڇيو ته پيارا اسلام ۾ پورو پورو داخل ٿيڻو پوندو آهي ، اڌ تتر ۽ اڌ خنزير نه هلندو ، جئين ته اڌ تتر اڌ بٽير وارو محاورو منهنجو ٻڌل ته هو پر مولوي ڇو “ بٽير “ جي بدلي خنزير چئي ويو ؟ بس مونکي هڪ ڀيرو وري يقين ٿي ويو ته اهو مولوي ٺيڪ (صحيح) ناهي .


    جنگ اخبار مان کڻي ترجمو ڪيل
    افتخار علي چوهاڻ
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڌ تتر اڌ ”خنزير“ !!!!

    ها ها ها ها ۔۔۔۔ يار افتخار پاڻ کي به اهڙا مولوي اصل نه وڻن ۔۔۔ ها اهڙا مولوي جيڪي سولو ڪم بڌائن، اصل هر پاسي جنت ئي جنت نظر اچي، باقي ڪجهه مولوي هروڀور جهنم جا ڊيڄارا ڏئي ساهه ئي سڪائي وجهندا آهن ۔۔۔

    پرايا مال کائجن، ماڻهن کي بي عزتو ڪجي، پرائين ماين کي گهوري گهوري ڏسجي ۽ وس پڄي ته مائيءَ سان اهڙي ڪجي جو وري گهر کان ٻاهر نه نڪري ۔۔۔ پراوان ٻارن کي کاري خراب ڪجي، نشا پتا پيا هلن ۔۔۔ چوريون چڪاريون واه واه ۔۔۔ بس سڀ گناه هڪ ئي نماز جي مار، نماز پڙه سڀ گناهه معاف ۔۔۔ اهو سولو مذهب واه واه

    بس ڙي سائين چوهاڻ ،،،، زماني جا رنگ ويٺا ڏسو ۔۔۔ انسان ئي انسان جو دشمن، انسان ئي انسان جو دوست، انسان ئي مسيحا ته انسان ئي قاتل ۔۔۔ انسان ئي مددگار ته انسان ئي برباد ڪندڙ ۔۔۔

    ياد ڪريو جڏهن انسان پئدا ڪري الله تعالا ملائڪن کي سجدي جو حڪم ڪيو هو ته سڀني يڪ راءِ ٿي انسان لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا هيا ۔۔۔۔؟؟؟؟

    بس الله تعالا پيو پناه ۾ رکي ۔۔۔ ڪاش اسين پنهنجي نفس سان جهاد ڪري سگهون۔

    لک ٿورا ۔۔۔ نصيحت آموز ليک آهي ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اڌ تتر اڌ ”خنزير“ !!!!

    ادا افتخار چوهاڻ آسلام عليڪم۔ادا سائين اوهان جو ليک انهن سڀني ماڻهن کي آئينو ٿو ڏيکاري جيڪي گناه ۽ ڪڌا ڪرتوت ڪرڻ کان نه ٿا باز اچن ۽ هڪ جنازي جي نماز ۾ شرڪت ڪري ايئن ٿا سمجهن ته هنن جا سڀ گناه معاف ٿي ويا۔سائين منهنجا جنت ايتري آساني سان نه ٿي ملي،ان لاء پنهنجي نفس کي قابو ۾ ڪري پياري نبي سائين ۽ قران پاڪ ۾ ٻڌايل رستن تي هلي ۽ تمام گهڻي جاکوڙ کان پوء ان منزل کي ماڻي سگهبو۔حضرت ابوبڪر صديق رح،حصرت عمر فاروق رح،حصرت عثمان غني رح ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه جن انهن عظيم اصحابن سڳورن مان هئا جن کي پياري نبي سائين زندگي ۾ ئي جنت جي بشارت ڏني هئي،پر جڏهن به هو نماز پڙهندا هئا ته الله سائين جي ڊپ کان زارو قطار روئندا هئا ۽ ڇوندا هئا ته هنن جا نيڪ عمل ٿورا آهن جڏهن ته قبر جو عذاب تمام وڏو آهي۔توهانجو نصحيت وارو ليک پنهنجي اندر ۾ تمام گهڻو پيغام ٿو رکي۔الله سائين شل اسان کي دين جي صحيحي سمجه عطا فرمائي ۽ اسان جي مولوين کي نيڪ هدايت ڏئي ته دين جي باري ۾ صحيحي ۽ سچي معلومات ڏين۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڌ تتر اڌ ”خنزير“ !!!!


    مهرباني محترم سائين نثار ابڙو صاحب ۽ سائين غلام مصطفى صاحب
    دراصل مضمون ٽن ڪردارن تي مشتمل هو ، هڪ نيم مولوي ، ٻيو عام فرد ۽ ٽيون ڏاهي عالم دين
    نيم مولوي دين جي اڌوري تشريح ڪري عام ماڻهو کي پورو علم ڱان محروم ڪري ڇڏيو اهڙن ئي نيم مولوين ڪري عام ماڻهو ڏاهن عالمن کي ٺيڪ”صحيح “ نٿا سمجهن ،
    اصل ڪردار هن مضمون ۾ عام فرد تي گردش ڪري ٿو جيڪو دين کي پنهنجي سوچ مطابق ڌالڻ ۽ پنهنجا اغراض حاصل ڪرڻ لاءِ دين کي پنهنجي اجتهاد ذريعي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ۽ نيم مولوين يا ائين سمجهجي ته روشن خيال مولوين جي ڳالھين کي اهميت هن ڪري ٿا ڏيڻ جو هنن جون ڳالھيون سوليون نظر ٿيون اچن يا وري هنن جون خواهشن کي لغام نٿيون ڏين ، رهي ڳالھ ڏاهن عالمن جي سو اهي سچي دين جي رهمنائي ڪن ٿا ۽ اڄ جي ماحول ۾ اهو ڪم ڪجه ڏکيو ٿو لڳي تنهن ڪري عام ماڻهن جو دنيا جون خواهشن هنن کي قبول ڪرڻ کان روڪن ٿا ، تنهن ڪري اهڙن عالمن مٿان بهتان بازيون ڪري بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن ، بهرحال مجموعي سطح تي مضمون مزاحي انداز سان سبق سان پُر هو تنهن ڪري مضمون سمجهو دوستن کي مزو ڏيندو ۽ پنهنجي ذات جو محاسبو ڪرڻ لاءِ پڻ مضمون ڌاڍو ڪارائتو هو جنهن ڪري مون مضمون ترجمو ڪري هن فورم تي ونڊ ڪيو ، اوهان دوستن جي وڏي مهرباني جو مضمون کي اهميت ڏنو ،
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: اڌ تتر اڌ ”خنزير“ !!!!

    ليک سٺو نه لڳو
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڌ تتر اڌ ”خنزير“ !!!!


    ادا نثار ابڙي ۽ ادا غلام مصطفى ميمڻ جهڙن ڏانهن جو موقف پڙهڻ کان پوءِ به اوهان کي ليک نه وڻيو ، ڳالھ مونکي سمجه ۾ نه آئي ، ادا عبدالواحد جيڪر ليک جو ڪو پهلو يا مڪمل ليک نه وڻيو آهي ته هن جي وضاحت ڪريو ها هوند اسان کي به خبر پئجي وڃي ها ته واقعي اوهان جي ڳالھ ۾ تقويت آهي ، پر سکڻي ” سٺو نه لڳو“ مان ڳالھ اڌوري جي اڌوري ٿي پئي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو