سنگت کي سلام اڄ نيٽ گردي ڪندي هڪ عجيب تصوير ۽ اصلي همراه سامهون آيو۔۔۔ چاچو ماريو۔۔۔ جنهن جي گرل فرينڊ جي ڪري اسان پنهنجون جون جولا جون موڪلون خراب ڪيوسين۔۔۔ الائي گهڻا سيۡڪڙو ته بجلي جو بل وڌايوسي۔۔۔ وڊيو گيم ۾ هڻي الائي ڇا ڇا نه لڳايوسي۔۔ وڃين مشڪل سان ان جي گرل فرينڊ هٿ لڳي هئي۔۔۔ اڄ ان گرل فرينڊ جو هڪ عجيب فوٽوُ اڳيان آيو۔۔ وڌيڪ توهان پاڻ ڏسي وٺو
جواب: ويچارو چاچو ماريو۔۔۔ هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔ پپو يار ڪهڙي چڪرن ۾ پيو آهين ۔ ابا پنهنجون موڪلون سجايون ڪر ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ويچارو چاچو ماريو۔۔۔ ادا عباسي لڳي ٿو ته موريو راند نه کيڏي اٿوَ ، اها انٽرنيٽ جي شروعات يا ڪمپيوٽر جي اچڻ کانپوءِ ٻارن جي پسنديده راند هوندي هئي جنهن ۾ موريو وڏي مشڪلاتن مان پار پوي وڃي پنهنجي محبوبه هٿ ڪندو هو ، ظاهر آهي اها راند کيڏڻ وارو موريي سان گڏ محنت ڪندو هو ، هاڻ جڏهن اسانجي رام رکيي ايترا سال محنت ڪري موريي کي محبوبه سان ملايو هجي ۽ محبوبه وري روز ڀڄي وڃي ٻيا يار ڳولهيندي هجي ته رام رکيي کي ڪاوڙ نه ايندي ته ٻيو ڇا ٿيندو، بس ڙي ادا رام رکيا اسانکي توسان ۽ تنهنجي چاچي موريي سان همدردي آهي
جواب: ويچارو چاچو ماريو۔۔۔ رنجيت صاحب گهڻي وقت کانپوء اوهان جو ليک پڙهڻ لاء مليو آهي۔مسٽر ماريو ڪمپيوٽر گيم جو ڪردار پنهنجي عادت کان مجبور پنهنجي گرل فرينڊ کي ڳوليندي پيو وتي۔جڏهن ته محترما فائدو وٺي دوستيون پئي وڌائيندي وتي۔شل مسٽر ماريو جهڙو سادو ۽ اڻڄاڻ ڪير نه ٿئي ورنه رن به ويڃائيندو ۽ رلي به (ههههه هههههههههههه ههههههههه)
جواب: ويچارو چاچو ماريو۔۔۔ اڙي مولائي فقير۔۔۔ سڌري وڃ ڪهڙي چڪرن ۾ لڳو آهين۔۔۔ ماريو ته سدائين گرل فرينڊ بچائڻ جي سوچيندو۔۔ ان کي ڪهڙي خبر ته پسِ پرده۔۔۔۔