اخلاق انصاري : ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سٿ پاران ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار محترم اخلاق انصاري کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪري ٿو۔

    اخلاق احمد انصاري 24 اپرل 1957 ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ اديب انيس انصاري جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي نالو اخلاق انصاري اٿس ۽ کيس ادبي ورثو سندس والد مرحوم انيس انصاريءَ کان مليو . اخلاق انصاري ننڍي هوندي کان ئي مختلف علمي ادبي تنظيمن ” گلن جهڙا ٻارڙا “ ، سنڌي ادبي سنگت، انڊس لٽرري فورم ، انيس انصاري اڪيڊمي ، ايڪسپلورر ۽ شاهه لطيف اسڪائوٽس جهڙي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو آهي.

    اخلاق انصاري اسانجي دور جو تمام سٺو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ڪهاڻيون گهڻو شوق سان پڙهيون وڃن ٿيون۔ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن :


    1۔ رڃ ۾ رابيل : ڪهاڻيون
    2۔ مان ڪائنات آهيان : ڪهاڻيون
    3۔ اڏوهي : ناول
    4۔ زندگي ڪجهه به نه !
    5۔ چهرا چهرا چنڊ : خاڪا
    6۔ رت جگي مين ديکها هوا سپنا : اردو ڪهاڻين جو مجموعو


    اخلاق انصاري هن وقت گورنمينٽ ڪاليج نئين ديري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. دعا آهي ته نئون سال سندن زندگيء ۾ نئين بهار جيان کوڙ ساريون خوشيون کڻي اچي۔[/JUSTIFY]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: اخلاق انصاري : ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    محترم اخلاق انصاري کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو