سنڌين جي قومي شعور جي بدنصيبي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌين جي قومي شعور جي بدنصيبي!

    [​IMG]

    جامي چانڊيو

    [JUSTIFY]جيڪي قومون تاريخ جو ڳچ عرصو آزاد حيثيت ۽ قومي خود اختياريءَ کان محروم رهن ٿيون، انهن ۾ جدوجهدن، قربانين، مزاحمتن ۽ بغاوتن جهڙين عظيم روايتن سان گڏوگڏ ڪجهه بنيادي نوعيت جون ڪمزوريون پڻ پيدا ٿين ٿيون، جن ۾ اندروني انتشار، اَسهپ، احساس ڪمتري، گروهه بندي سان گڏوگڏ خود قياصي خاص طور اهم آهي. جيئن ته اسان به گذريل ڏيڍ سئو سالن کان وٺي مسلسل غلاميءَ هيٺ ۽ قومي خود اخيتاريءَ کان محروم رهيا آهيون، ان ڪري لازمي نتيجي طور اسان ۾ به اجتماعي طور اهي نفسياتي رجحان موجود آهن، جن ۾ خود قياصي معنيٰ خود مذمتي يا پنهنجو پاڻ تي رحم کائڻ هڪ ڳڻتيءَ جوڳو رجحان آهي.

    سنڌ ۾ اهو جملو عام طور فيشن ۾ چيو ويندو آهي ته سنڌي مرده پرست يا بي قدري قوم آهي، جڏهن ته منهنجي راءِ ان جي بنهه ابتڙ آهي. سنڌي عوام ۾ يقيني طور اُهي سموريون ڪمزوريون آهن ۽ ٿي سگهن ٿيون، جيڪي ڪرت به پسمانده، ترقي ۽ اختيار جي اڳين ڌارائن کان ڪٽيل سماج ۽ عوام ۾ هونديون آهن، پر ساڳئي وقت مان سمجهان ٿو ته سنڌي عوام جون ڪي خوبيون بنهه نراليون ۽ حيرت انگيز به آهن. انهن مان هڪ آهي، سنڌي ماڻهن جو انفرادي توڙي اجتماعي طور مهل تي ”مڙس ماڻهو“ (واضح رهي ته ان جو لازمي طور مطلب مرد ناهن، مڙس ماڻهو عورتون به ٿي سگهن ٿيون ۽ آهن) هجڻ. جڏي کان جڏو سنڌي ماڻهو به هونئن معمول مطابق ڪيئن به هجي، پر مهل تي مڙس ٿي بيهندو. جي ان کي روايتي سماجي معنيٰ ۾ وٺڻ بجاءِ سياسي ۽ قومي معنيٰ ۾ وٺجي ته شايد ڳالهه اڃا به سولي ٿي پوندي.

    مان شاگرد سياست جي دور کان وٺي ويندي گذريل ويهن سالن جي پيشه ورانه ۽ علمي ادبي زندگيءَ ۾ پاڪستان جي ٻاڙي ٻاڙي انيڪ ڀيرا گهميو آهيان ۽ ملڪ جي هر قوم کي تجرباتي طور ويجهي کان ڏٺو آهي. سندن عوام کان وٺي ويندي اديبن، شاعرن، استادن، وڪيلن، صحافين، سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن توڙي ماهرن سان ويجهڙائيءَ کان ڪم ڪرڻ جو به موقعو مليو اٿم. مان سمجهان ٿو ته سياسي شعور جي پختگيءَ ۾ تحرڪ جي لحاظ کان پاڪستان جي ڪنهن به قوم ۽ ان جي عوام جو سنڌين سان مقابلو ڪرڻ بي انصافي ٿيندي. انگريزن ته ننڍي کنڊ جا ڪيترائي علائقا پنهنجي تحويل ۾ ورتا هئا، پر بمبئي کان آزاديءَ جي جيڪا سگهاري تحريڪ انگريزن جي دور ۾ سنڌ هلائي، ان جو ان دور ۾ ٻيو ڪو به مثال نه ٿو ملي. 1955ع ۾ اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ مڙهيو ويو ته ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار سنڌين جو هو. ان کان اڳ ۽ ان ساڳئي دور ۾ پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ سڃاڻپ جي جدوجهد ۾ سنڌي بنگالين کان جي اڳتي نه هئا ته پٺتي به نه هئا. ان دور ۾ نيلام بند ڪريو، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرايو ۽ اهڙيون ٻيون انيڪ جدوجهدون رڪارڊ تي آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ ۾ نئين پاپولر عوامي سياست جو آغاز ڪيو ته کيس سڀ کان وڌيڪ موٽ سنڌين ڏني (جيڪا هاڻي شايد سندس پارٽيءَ کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي!) ضياءَ آمر جي خلاف جيڪي ٻه وڏيون جدوجهدون ۽ مزاحمتي تحريڪون 1983ع ۽ 1986ع ۾ هليون، انهن جي مهندار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هئا. ايم آر ڊيءَ جي 1983ع جي تحريڪ ۾ سنڌي عوام جي جمهوري جدوجهد ڪنهن طور به هڪ غير معمولي عوامي مزاحمت کان گهٽ نه هئي. هٿين خالي سنڌي عوام آمر ضياءَ کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا. اهو ئي سبب هو جو ضياءُ الحق کي شايد جمهوريت کان به وڌيڪ نفرت سنڌين سان هئي، جنهن جو بدلو هن سنڌ ۾ شهري لساني دهشتگردن، اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر، لکين افغانين جي سنڌ آمد ۽ سنڌي سماج کي سماجي طور نراجيت ڏانهن ڌڪڻ جي حڪمت عملين سان ورتو. اڄ به سنڌ سان ضياءَ جو روح ئي وڙهي رهيو آهي، پوءِ چاهي اهو ڪراچيءَ ۾ لساني فاشزم جي صورت ۾ هجي، اتر سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل شاهيءَ جي روپ ۾ هجي يا سنڌ ۾ وڌندڙ ذاتي پرستين، تعليمي زوال، مذهبي اقليتن خلاف غير محفوظ ماحول توڙي وڌندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ هجي. ضياءَ جي دور کانپوءِ جيڪا محتاج جمهوريت جزوي طور بحال ٿي ته ان ۾ به سنڌين جو وڏو عمل دخل هو. ڇا 1988ع جي چونڊن ۾ سنڌي عوام جي سياسي سوچ جو اظهار ڪنهن خاموش پرامن جمهوري انقلاب کان گهٽ حيثيت رکندڙ هو؟ جنهن ۾ پير صاحب پاڳاري کي پرويز علي شاهه، غلام مصطفيٰ جتوئي کي هيٺين وچئين طبقي جي بهڻ صاحب، نواب سلطان احمد چانڊيي کي وچئين طبقي جي هڪ عورت ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ چونڊن ۾ هارايو. سنڌي عوام تاريخي طور سنڌ جي روايتي وڏيرڪي ۽ ڀوتار طبقي کي شڪست ڏئي وچولي طبقي کي اڳيان آندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ عوام سان وڏي مثالي ويساهه گهاتي ٿي ۽ هن جڳاڙي ۽ ڪرپٽ سياسي سرشتي مان اڀريل مڊل ڪلاس سياستدان عوام کي موٽ ۾ سواءِ دوکي، دولاب ۽ آمرن جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنو، پر عوام پنهنجي شعور جي پختگيءَ جو وڏو مظاهرو ڪيو. هاڻي عوام جو آندل اهو خاموش انقلاب جي ڪرپشن، اقربا پروريءَ، موقعي پرستيءَ، نااهليءَ ۽ ”مفاهمت“ جي وَر چڙهي ويو ته پوءِ ان ۾ عوام جو ته ڪو ڏوهه نه آهي.

    ٻئي طرف جي سنڌي عوام جي سنڌ جي قومي اشوز تي ڏنل موٽ کي ڏسجي ته ان جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي. مان ڪنهن طور به ان ڳالهه سان متفق نه آهيان ته سنڌي عوام سنڌ جي قومي سياست کي موٽ نه ڏني آهي. سائين جي ايم سيد جڏهن پنهنجن ڪتابن ۽ فڪر ذريعي سنڌين ۾ قومي شعور پيدا ڪيو ته سنڌ جي پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس ان کي ڀرپور موٽ ڏني. مان نٿو سمجهان ته سائين محمد ابراهيم جويي جي نسل کان وٺي ويندي اسان جي نسل تائين سنڌ جو ڪو به صحيح معنيٰ ۾ پڙهيو لکيو شخص سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۽ فڪر کان متاثر نه ٿيو هجي. عوام جي ڳالهه هتي ان ڪري نٿي ڪجي جو سائين بنيادي طور ڪو عوامي سياستدان نه هو. هن کانپوءِ سائين رسول بخش پليجي، سائين جي ايم سيد ۽ شهيد ڀُٽي کان ڌار هڪ جدا ترقي پسند سياسي واٽ ڏئي سياست ۽ پنهنجي فڪر کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو ته کيس اها موٽ ملي، جنهن جي شاهدي خاص طور تي گذريل ٽي ڏهاڪا ڏيندا. سنڌ جي سياسي پارٽين جڏهن به وسيع تر اتحاد ٺاهيا ته سنڌي ماڻهن پنهنجي سگهاري ساٿ ۽ روح سان انهيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ”سنڌي عوام جو قومي اتحاد“ ۽ ”سنڌي قومي اتحاد“ رڳو ان جا ٻه وڏا مثال آهن. 1988ع ۾ سنڌي ماڻهن جنهن پارٽيءَ کي اقتدار جي ايوانن ڏانهن اماڻيو هو، جڏهن ان حڪومت بهارين کي گهرائڻ جا اعلان ڪيا ته سڄي سنڌ ٻري اُٿي. لاڙڪاڻي جي پاڪستان چوڪ کان ڪراچيءَ جي اسٽار گيٽ تائين اهي سنڌي ماڻهن جا باغيانه هجوم هئا، جنهن حڪومت کي اهو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو. ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌين جي جدوجهد ته هڪ وڏو مثال آهي. سنڌ جو ڪهڙو ماڻهو هو، جيڪو ان قومي جدوجهد ۾ شامل نه هو؟ پرويز مشرف جي دور ۾ اي آر ڊي فقط هڪ ڏيکاءُ هئي، جنهن مشرف خلاف ڪَکُ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، پر اهو سنڌي عوام هو، جنهن سڀ کان اڳ ملڪي تاريخ جي هن چوٿين آمر کي للڪاريو. مشرف دور ۾ سنڌين جي درياءَ بچائڻ جي جدوجهد جو ڪو مثال ناهي. حالت اها هئي جو پرويز مشرف نه رڳو پنهنجي سموري آمراڻي دٻدٻي ۽ جبر باوجود ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه سگهيو پر هو سنڌ ۾ عملي طور ڪرفيو هڻڻ کانسواءِ هلي به نه سگهندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ضياءَ جيان سنڌي ماڻهو پرويز مشرف جي به چڙ بڻجي ويا هئا. اينٽي ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي جا احتجاج، سنڌ پاڻي ڪميٽيءَ جون پاڻي ڪانفرنسون، عوامي تحريڪ جون لانگ مارچون، جسقم جا ڌرڻا، ترقي پسند پارٽيءَ جا جلسا ۽ احتجاج- ڪير هو جنهن جي سڏ تي سنڌي عوام نه آيو. هن حڪومت جي دور کي ئي ڏسجي، جنهن کي اقتدار جي ايوانن ڏانهن اماڻيو به سنڌي ماڻهن هو، جڏهن حڪومت مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جو بنياد رکيو ته سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جي سڏ تي سنڌ تاريخي هڙتال ڪئي ۽ حڪمرانن کي چتاءُ ڏنو ته جيڪي سنڌي کين ووٽ ذريعي اقتدار جي مسند تي ويهاري سگهن ٿا ته اهي ساڻن ويساهه گهاتين سبب پنهنجون حمايتون واپس به وٺي سگهن ٿا. آدمشماريءَ تي سڄو ملڪ ستو پيو هو، پر سنڌي ماڻهو قومي سڏ ۾ سڏ ڏيو اُٿيو بيٺو هو. جسقم جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي هڪ ارڏي پٽ بشير خان قريشيءَ جي اوچتي پراسرار موت تي سنڌين جي ٻڌي ۽ گڏيل موٽ هڪ ڀيرو وري سندن قومي شعور جي ساک تي مهر ثبت ڪئي آهي.

    هاڻ سوال آهي ته جڏهن سنڌي عوام جو سياسي ۽ قومي شعور ايترو پختو آهي، جو کين رڳو سڏ ڏيڻ جي دير آهي ۽ سڄي قوم متحرڪ ٿيو وڃي، سنڌي عوام ته پنهنجي ميڊيا کي به اهو سمجهي هميشه موٽ ڏني آهي ته اُها سندن آواز بڻجي ٿي. جي اها سندن زخمن تي مرهم نه ٿي رکي سگهي ۽ ڀلا سندن دانهن ته بڻجي ٿي ۽ سندن ڏَڍُ ته ٿئي ٿي. ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏينهن هجي يا درياهه جو، سنڌي ماڻهو لکن ته ڇا، ڪروڙن جي انگ ۾ ٻاهر نڪري آيا. آهي ڪو مثال سڄي ملڪ ۾ اهڙي قومي ٻڌي، تحرڪ ۽ سياسي/قومي شعور جي پختگيءَ جو؟ پر اصل سوال هاڻي غور طلب اهو آهي ته پوءِ آخر سنڌي ماڻهن جي مقدر ۾ رڳو تڏهن به ذلتون، نڌڻڪايون، قومي عدم سلامتي، دانهون، هڙتالون، بک بدحالي، تباهه حال تعليم، برباد ترقياتي سرشتو ۽ اهڙي بي وزن حيثيت ڇو آهي، جو سنڌي سنڌ جا مالڪ ۽ اڪثريتي ڌر هوندي به ٻئي درجي جي حيثيت رکندڙ آهن؟ مان سمجهان ٿو ته قومن جي حيثيت ۽ وزن جو سوال بنيادي طور تي هڪ سياسي سوال آهي. تضادن جي گهيرن ۾ جياپي ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪندڙ قوم جيستائين سياسي طور سگهاري نه هوندي، تيسين اها ڪنهن طور به طاقت جي توازن ۾ بنيادي يا اهم حيثيت حاصل نه ٿي ڪري سگهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اڄ سنڌي عوام ۾ جيڪو پختو سياسي شعور ۽ سياسي ٻڌيءَ جو احساس آهي، اهو ڪو آسمان مان يا پاڻ مرادو پيدا نه ٿيو آهي. اهو گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي لڳاتار سياسي جدوجهدن، فڪر ۽ توهين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو ۽ اسريو آهي. پر اصل سوال اهو آهي ته آخر اهو قومي شعور هڪ ڏاڪو اڳتي وڌي، ٽرانسفارم ٿي، ڪنهن ڀرپور منظم يا تنظيمي شڪل ۾ ڇو نه ٿو اڀري؟ مان سمجهان ٿو ته اڄ جيڪڏهن اسان ۾ ڪا بنيادي قومي کوٽ آهي ته اُها هڪ اهڙي سياسي پارٽيءَ جي آهي، جيڪا صحيح معنيٰ ۾ قومي ۽ عوامي هجي، يعني ان جو رڳو فڪر قومي/عوامي نه هجي، پر ان ۾ قوم ۽ عوام جي وڏي گهڻائي عملي طور شامل به هجي. اڄ سنڌ ۾ فڪر جي ڪا کوٽ ناهي. اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪارڪنن جو انگ تمام گهڻو آهي، عوام وڌيڪ سجاڳ ۽ متحرڪ آهي، سنڌين وٽ سجاڳي ۽ اثرائتي ميڊيا آهي، اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اسريل مڊل ڪلاس آهي، پر جي ناهي ته هڪ اهڙي پارٽي ناهي، جيڪا حقيقي طور قومي ۽ عوامي سڏائڻ جي حقدار هجي. منهنجو اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪو سنڌ ۾ موجود قومي/عوامي سياسي پارٽيون اجايون يا غير اهم آهن. پنهنجن سمورين ڪمزورين سميت اهي سياسي پارٽيون ئي آهن، جيڪي سنڌ جي بچاءَ جو هراول دستو آهن، پر اصل سوال سندن گهربل ڪردار، سگهه، ليڊر شپ جي معيار ۽ عوامي قوت جو آهي. ڀلا پري ڇو وڃجي، عوامي ليگ جو ئي مثال وٺجي، جنهن جو اڳواڻ شيخ مجيب، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ رسول بخش پليجي جيترو پڙهيل ۽ قابل به نه هو، پر جيئن ته وٽن عوامي ليگ جهڙي سگهاري قومي سياسي پارٽي هئي ته هنن لازوال قربانين سان پنهنجي آئيندي کي محفوظ ڪري ڏيکاريو. اسان جو الميو اهو به آهي ته اسان گذريل پنجن ڏهاڪن کان پارٽيون ٺاهڻ بدران رڳو اڳواڻ ٺاهيا ۽ شخصيت پرستيءَ وسيلي سندن امڪاني معروضي ڪردار کي به مسخ ڪري ڇڏيو. ياد رکڻ گهرجي ته پارٽيون فردن يا تاحيات اڳواڻن جي ذاتي ملڪيت هونديون ته اُهي ڪڏهن به عوامي سگهه حاصل نه ڪري سگهنديون.

    سنڌ ۽ سنڌين جي قومي، سياسي ۽ ثقافتي شعور جي بدنصيبي ئي اِها آهي جو اهو تاريخي طور هڪ ڏاڪو اڳتي وڌي ڪنهن وڏي قومي عوامي پارٽي ۾ تبديل نه ٿو ٿئي. اها گڏيل ناڪامي اسان کي مڃڻي پوندي ۽ حقيقت پسنديءَ سان ان جو حل به ڪڍڻو پوندو. مان نه ٿو سمجهان ته سنڌين جو هڪ سيڪڙو به ڪو تنظيمي طور اسان جي سمورين قومي سياسي پارٽين ۾ شامل هوندو. ماڻهو کين اشوز تي موٽ ڏئي ٿو، پر اهو اڄ به تنظيمن اندر موجود ناهي. هڪ سيڪڙو سنڌي ماڻهو به چئن لکن کان مٿي ٿيندا. سنڌ ۾ رڳو چار لک ماڻهو به ڪنهن هڪ يا مختلف سياسي پارٽين ۾ عملي ۽ تنظيمي طور شامل هجن ته هن رياست ۽ سنڌ خلاف سازشون ڪندڙ ڌرين جو هنياءُ ڦاٽي پوندو.

    مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو هي ڏهاڪو تاريخي طور تمام فيصلائتو آهي. هيءُ ڏهاڪو ئي آهي، جنهن ۾ سنڌ پنهنجي قومي ويڙهه حتمي طور کٽندي يا هارائيندي. اها ڳالهه به طئي آهي ته جيتوڻيڪ سماج جا سمورا فرد ۽ شعبا ان ۾ پنهنجو مثبت يا منفي ڪردار ادا ڪندا، پر اصل ۽ فيصلائتو ڪردار سياسي آهي. سنڌ جي سياسي قيادت ۽ سياسي پارٽين کي تاريخ اهو موقعو فراهم ڪيو آهي ته اهو ڪم جيڪو اڳيون نسل نه ڪري سگهيو، اهو اڄ ممڪن آهي، ڇاڪاڻ هن دور ۾ نه رڳو عوام سياسي تحرڪ ۽ پختگيءَ جي مٿانهين ڏاڪي تي آهي، پر هن دور ۾ جدوجهد جا ميدان به وسيع ٿي چڪا آهن. سنڌ جي نجات لاءِ آسمان مان ڪو به نه ايندو ۽ سنڌ جي آئيندي جي واٽ به موجود سماج جي معروضي قوتن مان نڪرڻي يا منظم ٿيڻي آهي. موجود سياسي پارٽين يا نئين اڀرندڙ قوتن مان تاريخ ان جي چونڊ ڪندي، جيڪا معياري ۽ گڏيل اڳواڻي، عالمي، ملڪي ۽ مقامي حالتن جي ادراڪ، شفاف سياسي ڪردار، جمهوري سياسي ڪلچر، عوامي سگهه ۽ جدوجهد جي صحيح واٽ ۽ حڪمت عمليءَ سان اڳتي وڌندي. جي سنڌ جي قومي شعور کي ڪنهن وڏي سگهاري سياسي پارٽيءَ ۾ تبديل نه ڪيو ويو ته مان سمجهان ٿو ته اشوز جي پويان ڊوڙي ڊوڙي، سهڪي، سنڌي عوام وري نراجيت، انارڪيءَ ڏانهن ڌڪجي ويندو. اسان جون جدوجهدون گهڻي ڀاڱي بي نتيجا ان ڪري به آهن، جو اسان وٽ اها گهربل تنظيمي ڍانچو ۽ عوامي سگهه ناهي، جيڪا سچ پچ به عوام لاءِ ڏڍ ۽ دشمن لاءِ خطرو هجي. ڪنهن وڏي سگهاري سياسي پارٽيءَ کان سواءِ ”نه کپي، نه کپي“ ۽ ”هيڏانهن هلو“، ”هوڏانهن هلو!“ جي پويان ماڻهو ڪيترو ڊوڙندا؟ رياست، شهري لساني دهشتگردن ۽ سنڌ جي قوم فروش ڀوتارڪي طبقي کي اسان جون ٺلهيون دانهون نه پر ڪا حقيقي قومي عوامي سياسي پارٽي ئي شڪست ڏئي سگهي ٿي ۽ اهو ئي اسان جو وڏي ۾ وڏو قومي سياسي چئلينج به آهي. سنڌي عوام جي قومي شعور کي هڪ تنظيمي قوت ۾ تبديل ڪيئن ڪجي!؟ مان سمجهان ٿو ته اهو سوال هاڻي اسان جي قومي ايجنڊا تي ترجيحاتي طور هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ان جي حساسيت، اهميت ۽ محرڪن کي سمجهبو، تڏهن ئي ان خواب جي ساڀيان لاءِ ڪو حقيقي اثرائتو قدم کڄي سگهندو
    [/JUSTIFY]
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌين جي قومي شعور جي بدنصيبي!

    سائين مضمون تمام غور سان پڙهيم، مون ان جهڙا ڪيئي ڪالم ۽ مضمون پِڙهي چڪو آهيان، هر هڪ سڄاڻ اهڙين ڳالهين کي وضح ڪري پنهنجي علمي ۽ ادبي فرض پورو ڪندو آهي، پر پو به جس لهڻا اهي دانشور جيڪي قلم ذريعي اسان جي شعور کي بيدار ڪري رهيا آهن،، پر منهنجو هڪ سوال آهي ته انهي سموري دور ۾ جيڪو دور ڪالم نگار بيان ڪيو آهي، اهي ليڊر يا اسان جي تنظيمن جي اڳواڻي ڪندڙ ڇو ڪين هن علمي پرهي مان لاڀ وٺي سگهيا آهن ۽ ڇو ڪين عمل ڪري سگهيا آهن؟ ڪهڙا سبب آهن؟ ڀل ڪهڙا به سبب هجن، پر مان صرف هڪ ئي ڳالهه چوندس ته جيسين تائين اسان قومي مفاد کي ذاتي مفادن تي اهميت نه ڏيندا سين تيسين ڀل ڪيتريون ئي تحريڪون هلن، ڪيترا ئي ماڻهو گڏ ٿي سڏ ۾ سڏ ورنائين، پر جتي ذاتي مفاد اچيو وڃي، اتي قومي مفاد ردي جي ٽوڪري ۾ اڇليو ڇڏين ٿا۔۔۔؟ توهان انهن اڳواڻن کي قرآن پاڪ جهولي ۾ رکي انهن کان قسم کڻايو ته ڳالهه واضح ٿي پوندي ته اهي قومي مفاد کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا؟ اهي صرف مّظلوم طبقي جو استعمال ڪرڻ ڄاڻن ٿا۔ اهي مور نه رهيا آهن جيڪي، قوم خاطر هڪ پل به سک سان نه سمهندا هئا۔۔۔پو ٻڌايو هن اٻوجهه قوم ۾ ڪئين شعور اچي۔۔۔؟ جڏهن انهن جا ويساهه وڪيا ويندا، انهن جون جوانيون رڻ ۾ رلايون وينديون ته ڪئين ڪو سڏ ورنائيندو۔۔؟؟؟
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: سنڌين جي قومي شعور جي بدنصيبي!

    سائين عباسي صاحب ، مختلف سنڌي ويب سائيٽ اچڻ ۽ اُن جي استعمال ڪرڻ سان مان اِهو سمجهڻ شروع ڪيو هو ته اسان سنڌين ۾ ڪجهه نه ڪجهه سمجهه اچڻ شروع ٿي هوندي ۔ پر اوهانجو جواب پڙهي مونکي پنهنجي اٻوجهائپ چِٽي نموني نظر آئي ۔ قرآن پاڪ جهولي ۾ ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آ ؟ جِن پنهنجو پاڻ قرآن پاڪ کڻي پريس ڪانفرنسون پئي ڪيون ڪِٿي آهن اُهي ؟؟؟ سنڌ جي گهوٽ ڀِٽ ڌڻي جي روضي تي ٻانگون ڏيڻ وارا ڪٿي آهن ؟؟ جي ڪٿي به اوهانکي ڪامريڊ عزيز ڀنگوار جو ڪتاب " مان ڏوهي آهيان " ملي وڃي ته ضرور پڙهجو ۔ اِهو ڪتاب جڏهن به ڇپجندو آهي ته اِن ڪتاب جي هِڪ ڪاپي به بازار ۾ نه ملندي آهي سڀ جا سڀ سياستدان اديب دانشور ڪَٺي ٿي ڪري ڪتاب جون ڪاپيون بازار مان کَڻائي گُم ڪرائي ڇڏيندا آهن ۔ ڇو ته انهن جا ڪارنامه ثبوتن سان گڏ ڪتاب ۾ موجود آهن ۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌين جي قومي شعور جي بدنصيبي!

    اهم ڳالهين ڏانهن اشارو آهي۔ اسان به ساڳيو راڳ آلاپيندا رهيا آهيون پر سنڌي قوم جو چڙوڄڙ هجڻ ۽ واٽون ويهه ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي۔ تنهنڪري ڪاميابي ڏکي ملندي۔ پوء به مايوس ناهيون اڃاب رُڃ مان رر اچي ٿي اچي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين جيڪڏهن ان ڪتاب جي ڪاپي يا ڦوٽو ڪاپي ئي ملي وڃي ته ان ڪتاب کي سنڌ سلامت ۽ نيٽ تي اپلوڊ ڪنداسين۔ پوء ڏسون ته ڪير ٿو هن ڪتاب کي چرائي يا گم ڪرائي ۔۔۔۔۔ صرف هڪ ڪاپي مونکي ڪٿان هٿ ڪري ڏيو۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌين جي قومي شعور جي بدنصيبي!

    ادا هن ڪتاب جي ڪاپي گهرجي ٿي، ڪو ڏس پتو؟
     
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: سنڌين جي قومي شعور جي بدنصيبي!

    سائين جيڪڏهن ان ڪتاب جي ڪاپي يا ڦوٽو ڪاپي ئي ملي وڃي ته ان ڪتاب کي سنڌ سلامت ۽ نيٽ تي اپلوڊ ڪنداسين۔ پوء ڏسون ته ڪير ٿو هن ڪتاب کي چرائي يا گم ڪرائي ۔۔۔۔۔ صرف هڪ ڪاپي مونکي ڪٿان هٿ ڪري ڏيو۔[/QUOTE]

    سائين انشاالله آءُ توهانکي ڪاپي هٿ ڪري ڏيندس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو