[JUSTIFY]اَللهُ جئَن نالوءِ ،تئَن مُون وڏَو آسَرو خالق تُنهنجيءَ کانڌَ جو پَرو پاندُ نه ڪوءِ نالو رَبَ سَندوءِ ،رهَيو آهي رُوحَ ۾۔ ____ ____________ مٺو جئَن نالوء ،تئَن مُون وڏو آسَرو صاحبَ تُنهنجيءَ سَگَھ جو پَرو پاندُ نه ڪوء ڪو دَرُ ناه جهِوء ، مُون ٻِئا دَرَ گهَڻو نِهارِئا۔ ____ ________________ جيڏو تُنهنجو نان ،ٻاجَھ پِه اوڏيائِي مَنگان ري ٿَنڀين ري ٿُوڻيين ،تُون ڇَپَرَ تُون ڇان ڪُڄَاڙو ڪهان،تو کي مَعَلُمَ سَڀَڪَا ___ __________ _________ سَتُرُ ڪَر سَتارَ، آءّ اُگهاڙي آهيَان ڍَڪيِن ڍَڪَڻَهارَ،ڏيئِي پاندُ پَناهَ جَو[/JUSTIFY] شاه سائين جي شاعري پنهنجي اندر تمام گهڻي معني ۽ رمز رکي ٿي۔شاه سائين جٿي الله پاڪ جي واحدنيت،رحم،ڪرم،ان جي حڪم کانسواء شفاء نه ملڻ،اميد۔آسري ۽ ٻين صفتن جو ذڪر ڪيو آهي،اتي حضور صلي الله عليه وسلم،جن جي شفاعت،محبت،عزت،احترم ۔انهن جو سهارو گنهگارن لاء جو وردان ڪيو آهي۔نفس جي سرڪشي،شيطان جا دلين ۾ وسوسا پيدا ڪرڻ،ماڻهن جا ڪشالاء،جبل جاڳهڻ ته صحيحي منزل تي پهچي سگهن،ماروڙن جون نه وسارڻ جهڙيون محبتون۔دريائن ۾ پاڻي جون روانيون۔ملاحن جون سلامتيون۔پکي پکڻ سان محبت۔زندگي کي مختلف انداز ۾ گذارڻ،غريبن کي پيش ايندڙ تڪليفون۔هنن کي صحيحي صلاح ڏيڻ،سنڌ ڌرتي سان محبت۔ان کي سرسبز ڏسڻ ۽ ان جي ترقي ۽ ناپاڪ نگاهن کان بچائڻ جون دعائون۔شاه صاحب جي شاعري جو مرڪزي موضوع آهي۔شاه صاحب الله پاڪ کان سڄي عالم جي لاء خير گهريو آهي۔شاه سائين سُر سهڻي جي داستان ٻارهين ۾ پنهنجي بيتن جي باري ۾ فرمايو آهي ته:- جي تو بيتَ ڀانئيا ، سي آيَتُون آهِينِ نِئو مَنُ لائِينِ ، پِريان سندي پارَ ڏي۔ جيئن ته مٿيان بيت شاه سائين جي سُر ڏهر مان چونڍ ڪيا آهن،انڪري اسان سرُ ڏهر جي سولي انداز ۾ تشريح پيش ڪيون ٿا تاڪي محترم ميمبرس ان مان مستفيد ٿي ڪري شاه سائين جي ان سُر جي مرڪزي موضوع ۽ رمز کي سمجهي سگهن۔ [JUSTIFY]سرُ ڏهر[/JUSTIFY] ذات الهي جو ذڪر ۽ ياد الهي ۾ رتل ولين جي ثنا واري موضوع کي،آڳاٽي وقت کان وٺي صوفين درويشن جي سماع وارين محفلن ۾ "سر ڏهر" ۾ الاپيو ويو۔هن سُر جي پهرئين داستان جو موِضوع ئي آهي ساري جهان جي خالق ۽ پالڻهار مولئ مهربان جي صفت ۽ ساراه،۽ سندس ٻاجھ ،مهر ،ڍڪ ۽ پناه لاء دعا۔انهيء لحاظ سان،انهن بيتن کي فقيرن ذڪر طور سُر ڏهر ۾ الاپيو آهي۔ الله جئن نالوءِ ، تئن مون وڏو آسرو۔ ___ ________ __________ مِٺو جئن نالو ،تئن مون وڏو آسرو۔ ___ ________ __________ جيڏو تنهنجو ناءِ ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان۔ ___ ________ __________ ان سان گڏ هن زمين تي انسان جي عارضي زندگي جي حوالي سان کيس ترغيب ته هي حياتي هڪ عارضي منزل يا مانجهاندي جو ماڳ آهي;انهي ڪري ڊگهيون رٿائون رٿڻ ۽ وڏيون اميدون رکڻ بي سود آهن۔ننڊ ۽ غفلت بدران بيداري ۽ سجاڳي واري حالت ۾ هجڻ ضروري آهي۔سجاڳي ۽ بيداري ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ سان حاصل ٿيندي۔ ڊگهي اڏ مَ مَنهين ، پکو اَڏ مَ لانڍ۔ ____ ________ ________ ڪيِن سُمھ ڪِين جاڳ، ننڊر ڪجي ايتري۔ ____ ________ ________ سُتُي نه سَرندياءِ، ڪَرِ پچارَ پرينءَ جي۔ داستان ٻئين ۾ جسوڌڻ آگري جي دور ۾ پٽيهل درياء ۾ پاڻي جي موج سببان ملڪ ۾ آبادي ۽ ماڻهن جي خوشحالي،۽ ان بعد وري پٽيهل ۾ پاڻي جو گهٽجڻ ۽ سڪڻ،ماڻهن جو لڏڻ ۽ ملڪ جو ڦٽڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهي۔ ڪو وقت هو جو جسوڌڻ آگري جهڙي نيڪ حاڪم جو دور دورو هو۔پٽيهل درياء پنهنجي جوبن تي وهندو هو۔ملڪ آباد هو،راڄ سکيا هئا ۽ جتي ڪٿي ماڻهن جا ميڙا هئا۔پر هن عارضي دنيا جي جنسار کي ڪو بقاء ڪونهي،درياء رخ بدليو ۽ پٽيهل ڍوري ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو،ملاح پهنجا ٻيڙا پٽيهل مان ڪڍي ويا،واهڙن ۽ سانگن جا گاه ۽ فصل سُڪي ويا ۽ ڍوري جي ڪنڌين سان اڪ ڦلارجڻ لڳا۔آبادي جي گهٽجڻ ڪري "ماڙُهن ميڙائو،ڪني ڪني ڀيڻيين" جسوڌڻ توڙي ٻيا وڏا وير وزير سڀ وماس ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا ته:- پٽيهل ۾ پُور،اڳيون ناهي آب جو سُڪين ڪهڙي سُور ،پيئه واري وچ ۾ ! داستان ٽيئن ۾ اڳيئن وقت جي وڏي ارڏي سردار لاکي ڦُلاڻي جي ڳُڻن ڳالهين ؤ ڏاڍاين جا اهڃاڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهن۔سندس ڳڻ اهي جو غريب اوڏڻ سان پرڻيو ۽ اوڏن جي لڄ پت رکيائين ۽ کين پاڻ وٽ اجهو ۽ اوٽ ڏنائين۔سندس ڏاڍائي اها جو هر طرف هَلائون ڪري مال ڦري ڪاهي راڄن کي لڏايائين۔ريٻارين ۽ جاڙيجن(ذآتون) جا ته وڳ ڪاهيائين،پر اهي راڄ جيڪي ملڪ جي حاڪم راء کنگهار جي پناه هيٺ هئا تن جون به لوڙيون هنيائين۔ داستان چوٿون،سنگهارن يعني مالدارن جي وڏي چاه سان مال ڌارڻ ۽ چارڻ ،پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ سندس صلح سانت ۽ اطمينان واري سماجي زندگي جو آئينو آهي۔ نئين شوق سان مينهون ڌاريندڙ کي صلاح ته: جي تون چاهين ته تنهنجيون مينهيون وس چرن ته پوء پنهنجيون ڪنڍيون ڪاهي وڃي سنگهارن(مالدارن) وٽ ويھ جتي هڪ ته منڌائتو مينهن وسي ۔ٻيو ته جن وٽ نه ڪا چوري ته نه ڪو ٻيو هاڃو ٿئي۔ داستان پنٍجون ڪونجن جي اعلئ وصفن جا اهڃاڻ،ڪونجن تي ڪهل ڪرڻ ۽ کين نه مارڻ جي ترغيب هن داستان جو مرڪزي خيال آهي۔ڪونجن جي فطري اعلئ وصفون اهي جو ڪونجون قوت ۽ چُوڻي خاطر پرديس ۾ اچن،پر وطن ساري وري پوئتي ورن۔هو ٻاجهاري ٻولي ڪن،وڳر ڪري هلن ۽ هڪ ٻئي کان جدا نه ٿين،۽ جيڪڏهن ڪا منجهائن پوئتي رهجي وڃي ته ان کي سنڀاري ساڻ ڪن۔انهي ڪري کين نه ستائڻ جي ترغيب ۽ سندس واسطي دعا ته:ڌڻي پنهنجي ٻاجھ ڪري کين وري پنهنجي وطن ۾ پنهنجي ٻچن سان ميڙي۔ ڪُونجن کي ڪيم چئو جي ٻاجهارو ٻولن ساريو سانڀيڙن کي رڙيون ڪئو رئن سائين سندا تن، ٻچا ميڙيين ٻاجھ سين۔
جواب: شاه سائين جي رسالي مان سر ڏهر جي تشريح اوهانجي لاء سائين تمام سٺي نموني اوهان لطيف سائين جي سُر ڏهر جي تشريح ڪري اسان جي رهنمائي ڪئي آهي۔ جي تو بيتَ ڀانئيا ، سي آيَتُون آهِينِ نِئو مَنُ لائِينِ ، پِريان سندي پارَ ڏي۔ سائين سهڻي شيئرنگ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون
جواب: شاه سائين جي رسالي مان سر ڏهر جي تشريح اوهانجي لاء سائين محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب! سچ پڇو ته آهستي آهستي اوهانجو تصور هاڻ هڪ سالڪ جي طور تي اڀرڻ شروع ٿيو آهي، جيڪو پنهنجي پارس جهڙي فطرت سان اسانکي سون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي جزاڪ الله، سر ڏهر بيشڪ گهڻ رخن جو هڪ سر آهي جنهن ۾ تمام ڏاهپ ۽ وحدانيت جا نقطا لڪل آهن، اوهانجي تشريح ۽ ان جو مختصر تعرف سر ڏهر جي تعريف ۾ هڪ سهڻو قدم آهي ڪلياڻي صاحب جي تشريح مطابق ڏهر اها زمين جيڪا ٻن وارياسين ڀٽن جي وچ ۾ هجي يا پاڻيءَ جي سڪي وڃڻ سبب پڪي زمين ٿي وڃي، ان مطابق هن سر ۾ هن زماني جو ذڪر ان سڪل زمين جيئان جت اڳ پاڻي هوندو هو، پکي هوندا هيا ۽ هدايت جا چشما وهندا هئا، ات هاڻ سڪ لڳي پئي آهي نه اهو پاڻي نه اهي پکي، الله جي نيڪ ٻانهن جي اڻاٽ ڏانهن اشارا ڪيل آهن تمام پر معنا سر آهي، پر چوندا آهن ته اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي موٽ، تيئن کليل دماغ لاءِ اشارا ئي هدايت ٿي ويندا آهن ۽ بند ذهن لاءِ رڙيون به بي اثرائتيون، پر پوءِ به واڪا ڪرڻ مون وس ،،، اوهانجا ڪيل واڪا ۽ هدايتون اسان لاءِ سون آهن متو آهين مڇ، ٿلهو ٿو ٿونها هڻين، جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهنڙا ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
جواب: شاه سائين جي رسالي مان سر ڏهر جي تشريح اوهانجي لاء ماشاء الله بهترين ونڊ آهي ، سر ڏهر تي پڻ سٺي معلومات ڏني وئي آهي ، جئين ته اسان جو بزرگ شاه ڀٽائي رحمة الله عليه جن پنهنجي شاعري اهڙي پيرائي ۾ ترتيب ڏئي ويا آهن ، جنهن مان قرآن مجيد جي تشريح هجي ، صوفين جي رمز جي ڳالھ هجي يا سائين محترم جناب غلام مصطفى قاسمي رحمة الله عليه جي تصنيف ” شاه جو رسالي “ جنهن ۾ هن جيڪا تشريح ڪئي آهي سا وري هن ۾ ملڪ ۽ انسان جي فلاح ۽ بهبود وارو پهلو کي کنيو آهي سا اهي پهلو برابر شاه جي رسالي جي شعرن سان ٽهڪن ٿا ، بهرحال سائين جي شعرن سان محبت ۽ هن کي سمجهڻ نهايت سٺو عمل آهي ، دوستن کي گهرجي ته شاه جو رسالو جو پڻ مطالعي ۾ رکن جو هن ۾ جيڪو درس ڏنل آهي سو انسان ۽ انسان جي جي تعمير لاءِ وڏو مواد ملي ٿو ، ادا هڪ ڀيرو وري به اوهان جي مهرباني جو اهڙا قيمتي ونڊ اسان سا ونڊ ڪندا رهندا آهيون ، الله اوهان کي خوش رکي ، آمين