گوگل ڊرائيو لانچ ٿي وئي ۔۔۔ هاڻي ئي پنهنجي 5 جي بي اسٽوريج اسپيس حاصل ڪري وٺو۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ئي ڏينهن اڳ ته دوستن کي آگاهي ڏني هيم ته گوگل وارا عنقريب گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ وارا آهن۔۔ ۽ اڄ ڪجهه منٽ اڳ ئي گوگل وارن گوگل ڊرائيو لانچ ڪري ورتي۔۔ جنهن جو اعلان انهن پنهنجي آفيشل بلاگ تي بس ٿوري دير اڳ ئي ڪيو آهي۔۔

    هاڻي گوگل جا اهي رڪن جن وٽ اڳ ئي جي ميل کاتو موجود آهي پنهنجي لاءِ 5 جي بي اسپيس ٺاهڻ جي درخواست موڪلي سگهن ٿا۔۔ جتي هو تصويرون، وڊيوز، پنهنجي قيمتي ڊيٽا، گوگل ڊاڪس ۽ پي ڊي ايف فائيلز اپلوڊ ڪري سگهن ٿا۔۔۔ گوگل جي هي سروس به سندن سوشل نيٽ ورڪ گوگل پلس وانگر ڪم ڪندي۔۔
    جن دوستن کي ڊراپ باڪس جي خبر هوندي اهي ته بهتر ڄاڻندا هوندا ساڳي نموني گوگل ڊرائيو به پنهنجي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن ۽ موبائيل يوزرس کي سهولت ڏيندي ته مطلوبا ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو جنهن سان توهان جي ڪمپيوٽر ۾ My Drive جي نالي سان هڪ وڌيڪ ڊرائيو ٺهي ويندي۔۔ جتي بس پنهنجي ڊيٽا کي ڊريگ ڊراپ سان شامل ڪندا وڃو۔۔۔
    جي توهان چاهيو ته پنهنجي ڊيٽا کي شيئر به ڪري سگهو ٿا ۽ توهان جي ڊيٽا کي ٻين جي ڊيٽا سان ملائي رکيو ويندو ۽ جڏهن ان تي ڪو ڪمينٽ ايندو ته توهان کي گوگل پلس نوٽيفڪيشن وانگر اطلاع موڪليو ويندو۔۔۔
    اهڙي طرح گوگل توهان سهولت به ڏئي ٿي ته جيڪڏهن توهان وڌيڪ اسپيس گهرو ته اڍائي ڊالرس في مهينو ۾ 25 جي بي ۽ 5 ڊالر في مهيني ۾ 100 جي بي اسپيس پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔
    في الحال شروعات آهي ان باوجود به گوگل ڊرائيو ۾ شامل ڪيل ڊيٽا کي توهان گوگل پلس يا جي ميل ذريعي ڪنهن طرف ڊائريڪٽلي موڪلي سگهو ٿا۔۔۔ ان کانسواءِ آهسته آهسته ٻيا فيچرس پڻ شامل ڪيا ويندا۔۔۔

    وڌيڪ تفصيل ڏسڻ لاءِ گوگل جي هي آفيشل وڊيو ڏسو۔۔۔


    ته پوءِ دير ڇا جي هاڻي ئي گوگل ڊرائيو ڏانهن قدم وڌايو۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گوگل ڊرائيو لانچ ٿي وئي ۔۔۔ هاڻي ئي پنهنجي 5 جي بي اسٽوريج اسپيس حاصل ڪري وٺو۔۔

    تمام بهترين فيچر آهي گوگل جو۔۔۔ جيستائين مون کي ياد ٿو اچي ته اڳ ۾ گوگل جي ڊرائيو جي نالي سان اهو سسٽم رکيو هيو ۽ مان پاڻ ان کي استعمال به ڪيو هو، پر شايد اهو بيٽا ورجن هو۔۔۔ جنهن ايپليڪيشن جو اوهان ذڪر ڪيو آهي ان ذريعي ئي مان پنهنجي ڪمپيوٽر تي ان کي انسٽال ڪري فائلون ڪلڪ اينڊ ڊراپ جي ذريعي منتقل پڻ ڪيون هيون۔۔۔۔
    اهڙي بهترين اپڊيٽس کي وقت سر اسان تائين پهچائڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔۔۔ ​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل ڊرائيو لانچ ٿي وئي ۔۔۔ هاڻي ئي پنهنجي 5 جي بي اسٽوريج اسپيس حاصل ڪري وٺو۔۔

    واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دير ئي ڪونه ٿا ڪيون ۽ شروع ٿا ڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔

    شاباس هجي گوگل وارن کي۔ ان جو مطلب ته هاڻي اسان سڀ فائلون، ڪتاب ۽ تصويرون پڻ هتي ئي محفوظ ڪيون ۽ سنڌ سلامت تي لنڪ ڏيون۔ ٿورو تفصيلي ۽ تصويرن سان به سمجهائجو۔ اوهان کي خبر آهي ته مان اوهان جي تصيرن سمجهايل طريقي کي ئي سمجهي سگهندو آهيا ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته هڪ وڊيو ٺاهي لنڪ ڏيو۔

    مهرباني تڪڙي اپڊيٽ جي
     
  4. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: گوگل ڊرائيو لانچ ٿي وئي ۔۔۔ هاڻي ئي پنهنجي 5 جي بي اسٽوريج اسپيس حاصل ڪري وٺو۔۔

    تمام بهترين سروس آهي
    اميد آهي اها سروس جلد مشهور ٿي ويندي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل ڊرائيو لانچ ٿي وئي ۔۔۔ هاڻي ئي پنهنجي 5 جي بي اسٽوريج اسپيس حاصل ڪري وٺو۔۔

    سائين تمام سٺو اپڊيٽ آهي، مون ته اپلائي به ڪري ڇڏيو آهي، باقي ادا سليمان کي ڪير سمجهائي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: گوگل ڊرائيو لانچ ٿي وئي ۔۔۔ هاڻي ئي پنهنجي 5 جي بي اسٽوريج اسپيس حاصل ڪري وٺو۔۔

    واه تمام بهترين
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: گوگل ڊرائيو لانچ ٿي وئي ۔۔۔ هاڻي ئي پنهنجي 5 جي بي اسٽوريج اسپيس حاصل ڪري وٺو۔۔

    تمام بهترين فيچر آهي گوگل جو۔
    پر منھنجو ته جي ميل ۾ اڪائونٽ ئي ڪونھي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هڪ ڳالھ هيءَ به آهي ته گوگل ڊرائيو صرف 5 جي بي اسپيس ڏئي ٿو، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ فور شيئرڊ 15 جي بي اسپيس ڏئي ٿو، سا به فريءَ ۾! ظاهري طور تي ته مونکي گوگل ڊرائيو کان وڌيڪ بهتر 4 شيئرڊ جي هيءَ سهولت وڻي ٿي، ڪو فرق هجي ته دوستن کي گذارش آهي ته معلومات ۾ اضافو ڪن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا پهرين ته مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي سو ڪهڙي ڀيٽ ڪجي۔ ڀلو ٿئي سليمان جو جنهن ويهي اڄ مٿو هڻي اهو سڀ سيکاريو۔ ادا طاهر فور شيئرڊ برابر هن کان وڌيڪ اپيس ڏي ٿي۔ پر هن ۾ پرائيويسي وغيره جا آپشن سٺا آهن۔ تنهن کان علاوه اپلوڊنگ تمام سؤلي ۽ تيز آهي۔ رڳو ڪاپي پيسٽ تي ڪم ٿيو وڃي۔
     
  10. شاهد علي راهمون ڪڍڻ

    شاهد علي راهمون ڪڍڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ماستر (اين سي ايڇ ڊي) ۽ مرزا مل ۾ ملازم
    ماڳ:
    شهر ڪڍڻ ضلع و تعلقه بدين سنڌ
    تمام بهتر قدم آهي گوگل جو آهي اجهو ٿا اپلائي ڪريون
     
  11. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا مون گوگل ڊرائيو جي درخواست ڏني جيڪا قبولي ويئي پر گوگل ڊرائيو منهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال نه پيو ٿئي ان جو ڪو حل ٻڌائيندا ته وڏي مهرباني ٿيندي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو