منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن

مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي،
رهي اچجي راتڙي ، تن جُنگن سنديء جاء،
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.
منهنجو رهبر، منهنجو سيد، منهنجي سنڌ جو سائين، منهنجي جند جو سائين، اهو رهبر جنهن اهڙي ڌپاري ماحول کي خوشبو ڏني، جتي وحشت برپا هئي، جتي جا انسان صدين کان غلامي جي پيڙا ۾ پيڙهجي رهيا هيا، جتي جي اٻوجهه قوم کي ڪنڌ کڻي جيئڻ جو گس ڏنو، جنهن رهبر هن سنڌي قوم کي هڪ جديد قومپرستي جي اهڙي نظرئي سان روشناس ڪرايو جنهن صدين جي غلامي جي ڪٽ لڳل زنجيرن کي اسان جي ڳچي مان ٽوڙي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ لا ڪافي آهي،
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
اڄ منهنجي قوم ڏاڍي ڏکي حالت ۾ آهي، ۽ ان جو ڪارڻ اسان جون پنهنجيون ڪوتاهيون به آهن، اڄ اسان ايترا ته ڪمزور بڻجي ويا آهيون جو پنهنجن جوڌن جي شهادتن جو سوڳ به ملهائي نٿا سگهون، منهنجا رهبر اڄ هن سنڌ کي تنهنجي ضرورت آهي، هي ظالم اهي ئي ساڳيا ظالم جن تو سان غير انساني سلوڪ ڪيا هئا، اهي ساڳيا ئي ٻهروپيا تنهنجن ڏنگن ٻارن جو قتلام پيا ٿا ڪن، تنهنجو هٺيلو اڙٻنگ جوشيلو جوڌو اڄ اسان وٽ موجود نه رهيو آهي، جيڪو تو وٽ هر سال هن ڏهاڙي تي تنهنجي سيراندي کان شينهن جيان واڪا ڪندي دشمنن کي للڪيريندو هيو، ۽ اهي دشمن جيڪي تنهنجا، تنهنجي ڌرتي جا دشمن اها رڙ ٻڌي، سندن جا هنيا ڇڄي پوندا هيا، اهي دشمن پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، اڄ تنهنجو بشير قريشي جنهن سان تنهنجو گهڻو پاٻوهه ڀريو پيار هيو، جنهن ۾ تنهنجي عشق جو اولڙو اوتيل هيو، اهو اڄ اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي،
آئُون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَهارَنِ پَچارَ؟
جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُهارَ؛
ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، هِنئڙي مَنجِھ هَزارَ؛
پَکا ۽ پَنوَهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهَن ٿِيا.
منهنجا رهبر اسان جا روحاني رهبر، اسان جي دانهن ڀٽائي گهوٽ وٽ آهي، ضرور تون به ڀٽائي جي در جو سلامي به ٿيو هوندي، تون ڀٽائي گهوٽ کي هن سنڌي قوم جي اپيل پيش ڪر ته هي قوم ڏاڍي سورن ۾ آهي، ڏاڍي ڏکاري آهي، ڏاڍي پٺتي پئجي چڪي آهي، ۽ منهنجو مرشد گهوٽ جڏهن اهو حال ٻڌندو ته ضرور ڌڻي در هي دعا ڪندو ته منهنجي قوم جا ٻيڙا پار ٿي ويندا۔۔
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين