ايڊيٽر جو خط جي متن سان متفق هئڻ ضروري ناهي ترقي يا تنزلي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2012۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ايڊيٽر جو خط جي متن سان متفق هئڻ ضروري ناهي
    ترقي يا تنزلي؟

    ________________________________________
    اسان جو اڄوڪو نسل ڏاڍو سياڻو ٿي ويو آهي. کين پنهنجي وڏڙن پاران مذهبي انداز ۾ زندگي گذارڻ جي پروڙ پئجي وئي آهي. اسان جي پوئين نسل ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اهي سني، شيعا يا وهابي آهن. اهي سڀ ته هڪ مسيت ۾ نماز ادا ڪندا هئا. گڏجي سڏجي عالمن جي واعظن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندا هئا. ننگرنياز کائڻ ۾ ڪنهن کي به ڪو عيب نظر نه ايندو هو. هڪ پيش امام جي ڪڍ ڪي هٿ کولي ته ڪي هٿ ٻڌي نماز ادا ڪندا هئا، پر اڄوڪو، خاص ڪري مردِ مومن مردِ حق ضياءُ الحق کانپوءِ وارو نسل ته مخالف فرقي جي مسجد ۾ وڃڻ شريعت جي عين خلاف آهي، ڇو ته سڀ مسجدون سڀني مسلمانن جون نه پر اهي ڪن مخصوص فرقن وارن جون آهن. مخالف فرقي جي عالم پويان نماز پڙهڻ جائز نه آهي، ان ڪري اسان کي بس پنهنجي فرقي جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي، ان جا گڻ ڳائڻ گھرجن ڇو ته بس اسان جو فرقو ئي جنتي آهي، باقي سڀ ڪافر آهن.
    اڳ ڳوٺ، راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس اهو هوندو هيو، جنهن وٽ عقل، علم، ڏاهپ جا گڻ هوندا هئا، اهي نيڪ ۽ ايماندار هئڻ سان گڏ ذات پات جي فرق کانسواءِ سڀني سان انصاف ڪندڙ هوندا هئا، اهي ڏاڍا بردبار ۽ درگذر ڪندڙ هوندا هئا. اهي شريف ماڻهن جا دوست جڏهن ته لڇ لوفر جا ويري ليکيا ويندا هئا. ڪيڏا نه چريا هئا!!!!؟؟؟ ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ڳوٺ جو چڱو مڙس پئسي وارو، زميندار، سردار يا پير کانسواءِ ڪو ڪمي ڪاسبي ٿئي. اها چوڻي ته سڀني کي ياد هوندي ته اصل سي خطا نهين، ڪم نسل سي وفا نهين، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته غريب ڪڙمي ڪاسبي جو پٽ وري ڳوٺ جو چڱو مڙس ٿئي. اها ڳالهه هاڻوڪي نسل کي اسان جي سردارن، راڄ ڀاڳ جي پڳدارن سٺي نموني سمجهائي ڇڏي آهي. اسان واري ذات يا پاڙو ئي افضل ۽ اتم آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجي اصل نسل برادري، ذات پات تي فخر ڪرڻ گھرجي. اسان جو اڄوڪو نسل ائين ئي ته ڪري پيو. پنهنجي برادريءَ جو لوفر، قاتل يا غنڊو به مخالف برادري جي انتهائي شريف ماڻهوءَ کان سوين دفعا وڌيڪ بهتر آهي، جيئن ته اسان جي لوفر ڇورن مخالف دشمن برادريءَ کي سخت جاني ۽ مالي نقصان پهچايو هوندو، ان ڪري اهي اسان جي ذات پات وارن جا حقيقي هيرا آهن. مخالف برادريءَ جو هر ڏٺل اڻ ڏٺل، واسطيدار يا غير واسطيدار ماڻهو ڀلي اهو نيڪ، غريب، شريف يا انسان دوست ڇو نه هجي، اسان جو دشمن آهي. دشمن پاڙي مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي، جيڪڏهن مخالف برادريءَ اسان جا ٻه بي گناهه ماڻهو ماريا آهن ته اسان کي سندن چار بي گناهه ماڻهو مارڻ گھرجن، تڏهن ئي ته پاڻ راڄ ڀاڳ ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙا ٿينداسين. دين، ايمان، ٻچن جو وارث برادريءَ جو سردار ئي آهي. ڀل ته ڇونه سوين غريب قتل ٿي وڃن پر سردار جي پٽڪي جو ور نه وڃڻ گھرجي. ڀل ته اسان جي گھر ۾ پاءُ اٽي جو به نه هجي پر سردار، وڏيري کي جيترو گھڻو پئسو، مال ملڪيت، عاليشان بنگلا، قيمتي گاڏيون هونديون ته اهو اسان جو شان آهي. غريب غربي لاءِ ڇوڪرن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين کي پڙهائڻ انتهائي غلط آهي. سردار ته مالڪ آهن جيڪڏهن انهن جا ڇوڪرا يا ڇوڪريون ولايت ۾ به پڙهن پيا ته اهو انهن جو شان آهي. ڀلا جي سردارن جا ٻار پڙهيل نه هوندا ته اهي سياستون ڪيئن ڪندا، راڄ ڀاڳ جي سنڀار ڪئين ڪندا. ٻيو ته سياست ڪرڻ جو حق به صرف وڏيرن، سردارن يا پيرن کي ئي آهي. اسان جي عزت ان ۾ آهي ته سردار ، پير يا وڏيرو جنهن به پارٽيءَ ۾ اعلان ڪري اسان به ساڻس گڏ هجون.
    هن دؤر جا اديب به ڏاڍا سياڻا ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ڀلجي ڪري به مخالف گروپ جي اديب جي ڪنهن شاهڪار تخليق جي ساراهه نه ڪندا، پر جيڪڏهن ڪا راءِ به ڏبي ته ڳولهي ڳولهي ان جي اوڻاين کي وائکو ڪندا. ڇو ته عظيم ادب ته اسان جو گروپ ئي تخليق ڪري سگھي ٿو. محض اسان جو گروپ صحيح، اصلي نج ادب تخليق پيو ڪري باقي سڀ ادب جي نالي تي ڪارو داغ آهن. صرف مان ئي عظيم اديب آهيان ۽ منهنجيون لکڻيون ئي ادب جي دنيا ۾ ڌماڪو آهن. مان صرف تقرير ڪرڻ، صدارت ڪرڻ ۽ ٻين تي تنقيد ڪرڻ جو حق رکان ٿو. منهنجي ڳالهه کي سڀ ٻڌن، پر مان پنهنجو وارو وٺي هليو ويندس، مان ٻين اديبن کي ٻڌي ڇا ڪندس. ادبي گڏجاڻين ۾ مان پنهنجي تخليق ڪيئن ٿو تنقيد لاءِ پيش ڪري سگھان جو منهنجي پائي جو ته هڪ به اديب ناهي. اهو منهنجو شان ناهي ان ڪري ٻين کي پنهنجيون لکڻيون پيش ڪرڻ گھرجن مان سندن اصلاح ڪندس.
    سنڌ ۾ ڪيئي قومپرست، ترقي پسند، جمهوريت دوست پارٽيون آهن. انهن مان ڪنهن سان به ڳالهائبو ته جواب ملندو ته بس سندس پارٽي ئي صحيح پارٽي آهي ۽ سندس پارٽيءَ جو اڳواڻ ئي عظيم آهي. منهنجي پارٽي ۽ منهنجي پارٽي جو اڳواڻ ئي قومپرستي، جمهوريت دوستي ۽ ترقي پسندي جو ٺيڪدار آهي. هن دنيا اندر جيڪو ڪجهه وهي واپري ٿو ان جي ڄاڻ به بس منهنجي اڳواڻ کي ئي آهي. اهو ئي صرف سنڌ ۽ سنڌين جو رهبر آهي، قائد آهي، اڳواڻ آهي ۽ هيرو آهي. کيس دنيا جي سمورن علمن جي وسيع ڄاڻ حاصل آهي. سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن نجات حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته کين بنا دير سندن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گھرجي، ڇو ته ان پارٽيءَ کان سواءِ سڀ غدار، ڀليل، سنڌ دشمن، مهاجرن جا ايجنٽ، پنجابين جا پوڄاري يا ايجنسين جا ماڻهون آهن.
    حوالو: ....ڪنهن به ڏينهن جي ڪا به سنڌي اخبار پڙهو
    گل ڪٽوهر


    روزانو عبرت جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ايڊيٽر جو خط جي متن سان متفق هئڻ ضروري ناهي ترقي يا تنزلي؟

    گل ڪٽوهر صاحب هن معاشري جنهن ۾ اسين رهونٿا انجو ئي باشندو آهي ۽ هڪ سچو انسان ان معاشرو جو آئينو هوندو آهي جنهن ۾ هوبهو عڪس نظر ايندا آهن ۔۔۔ مذهبي، سماجي، سياسي ۽ قومي تنظيمن کي هڪ عام ماڻهونءَ جي اک سان ڏسندي تمام سچو تجزيو ڪيو اٿس ۽ سماج جا عڪس چٽيا اٿس ۔۔۔

    پر ڇا ڪجي جڏهن اهڙي بيماري هجي ته انجو علاج به ته ڪنهن وڏي جراح ڊاڪٽر کان ٿيندو ۔۔۔ يا وري تمام وڏي بيماريءَ لاءَ ڪئي ماهر ڊاڪٽر ويهندا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي پاسي جو پڪو علم رکندا آهن ۽ پوءِ ان مرض جو علاج طع ٿيندو آهي۔ سنڌي معاشري جو علاج به طع ٿيڻ باقي آهي ۔۔۔

    ڏسجي ته ڪڏهن ٿا ماهر جراح ڊاڪٽر ويهن ۽ ڪڏهن ٿو علاج طع ٿئي ۔۔۔ جي جلد نه ٿيو ته مريض جو علاج لاعلاج ٿي ويندو

    لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا، هونءَ ته اهو ليک فيسبڪ تي پڙهي چڪو هيس پر سنڌ سلامت تي وري تفصيل سان پڙهائڻ جا ٿورا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ايڊيٽر جو خط جي متن سان متفق هئڻ ضروري ناهي ترقي يا تنزلي؟

    گل ڪٽوهر بلڪل صحيح عڪاسي ڪئي آهي ۔۔۔

    پوء به مايوسيء بجاء اچو ته ڪجهه چڱن ۽ پنهنجي خيال وارن دوستن سان گڏجي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ انسان ذات جي ڀلائيء لاء ڪجهه ڪيون۔ وقت اڃان به هٿن مان ناهي ويو۔ دوستو اچو ته هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪا نئين شروعات ڪيون۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ايڊيٽر جو خط جي متن سان متفق هئڻ ضروري ناهي ترقي يا تنزلي؟

    حقيقت بيان ڪيل آهي، ادا افتخار مهرباني۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو