• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آشا چاند : سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان رهندڙ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
az8obk.jpg


آشا چاند : سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان رهندڙ

آشا چاند سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب جوڙي اي . جي . اُتم ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جي لائق نياڻي ، 23 مارچ 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائي . هن بي . اي ايڪانامڪس ۽ ايم . اي ( سنڌي ادب ) ، سان گڏ بزنس مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما ۽ بئنڪنگ جو BIIS جو ڪورس پاس ڪيل اٿس . پنهنجي مڙس چاند پنجابيءَ ( پنجابي سنڌي هندن جي نک آهي ) سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪري رهي آهي . هوءَ هڪ ئي وقت پبلشر ، ميوزڪ پروڊيوسر ، ٽي وي پروڊيوسر ۽ ادبي ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر آهي . هوءَ پنهنجون سموريون صلاحيتون سنڌي ٻوليءَ ، ادب ۽ تهذيب جي واڌاري ۽ مشتهريءَ لاءِ ڪم آڻيندي رهي ٿي . هوءَ ممبئي ۽ دبئيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ سچي سفير آهي . هن نوجوان نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سي ڊيون ( CDs ) تيار ڪيون آهن ، جن ۾ سڀ کان مقبول سي . ڊي ‘ Let ’ s Learn Sindhi ’ ( اچو ته سنڌي سکون ) آهي ، جيڪا سڄيءَ دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4000 سنڌين جي هٿن تائين پهچي چڪي آهي . هن خاص ڪري سنڌي ٻارن لاءِ هڪ نئين سي . ڊي ” پنجتنتر “ نالي جاري ڪئي آهي ، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ ننڍيون ڪهاڻيون ، نرسري گيت ۽ رانديون شامل آهن ان کان سواءِ هن هند ۾ سنڌي ادب جي ٽمورتي- ڪيرت ، اتم ۽ مالهي جي انٽروين تي مشتمل هڪ آڊيو ڪيسٽ به جاري ڪئي آهي ، جيڪا ڏاڍي مقبول وئي هئي.

سنڌي ٻولي هن جي رت ۾ شامل آهن . هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جي سنڌ لاءِ لازوال محبت کان حد کان وڌيڪ متاثر آهي . پنهنجي ماءُ جي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کان تهائين وڌيڪ ،ان ڪري هن سندري اتمچنداڻيءَ جا 1992ع کان ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو ڪيو . پنهنجي ڀيڻ بينا سان گڏجي ” جيئي سنڌي پبليڪيشن “ قائم ڪري سندريءَ جا ٽي ڪتاب ڇپائي چڪي آهي ان کان سواءِ ماءُ جي جنم ڏينهن تي هن سندس نظمن/ نثري نظمن جي آڊيو ڪئسٽ ” هڳاءُ “ جاري ڪري ، کيس سالگرهه جي تحفي طور ڏني ، جيڪا سنڌ ۽ هند ۾ ڏاڍي مقبول ٿي. آشا چاند سنڌي ٻولي ،ادب ۽ ورثي جي سگهه ۽ اهميت محسوس ڪندي 2000ع ۾ دبئيءَ ۾ ” سنڌي سنگت “ نالي آرگنائيزيشن جوڙي

موجوده سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ آڊيو وزيوئل ميڊيا ذريعي دلچسپ ٽيلي فلمن ( Tele films ) ۽ T . V پروگرامن لاءِ سنڌي ميوزڪ وڊيو تيار ڪرڻ تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي . ان ڏس ۾ هن ابتدا پنهنجي ماءُ جي لکيل ” ولايتي گهوٽ جي ڳولا “ عنوان واري مزيدار ٽيلي فلم سان ڪئي . هن اهڙيءَ طرح سنڌي ٽيليويزن پروگرامن لاءِ 16 ٽيلي فلمون تيار ڪيون آهن ، جيڪي ” دوردرشن “انڊيا ۽ دوردرشن گجرات تان ” سنڌي سرهاڻ “ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي چڪيون آهن .ان کان سواءِ هوءَ سنڌي ميوزڪ وڊيوز تي ڪم ڪري رهي آهي ، جيڪي دور درشن تان ٽيليڪاسٽ ٿينديون ۽ پڻ ڊي وي ڊي تي رليز ٿينديون آشا چاند دبئيءَ ۾ نجي ٽي وي چئنلز جي ڪيترن گرانڊ ميوزيڪل پروگرامن ۾ سهڪار ڪري چڪي آهي . سندس نياڻي مومل پڻ بهترين ڪمپيئر ۽ اداڪاره آهي ، جيڪا ماءُ سان سنڌي ٻوليءَ جي مٿين ترقيءَ وارن پروگرامن ۾ ٻانهن ٻيلي هوندي آهي.



معصوم سنڌي جي ٿورن سان، سندس فيسبوڪ البم تان ورتل
 
Back
Top