تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    صحيح تعليم ڪير حاصل ڪندو ؟؟؟؟ ... تصوير کي غور سان ڏسي ٻڌايو ته اسانجي پوئتي پوڻ جا ڪهڙا سبب آهن ۽ دنيا جي ترقي يافته قومن جي ترقيءَ جا ڪهڙا راز آهن ... سوچيو ۽ غور فڪر ڪريو ۽ پنهنجي معاشري کي تبديل ڪرڻ جا جتن ڪريو .... سچ پڇو ته اوهانجو پوکيل وڻ اوهانجي اولاد کي ڪم ايندو .... پوءِ اهو وڻ ڪنڊن وارو هوندو ته اوهانجي اولاد کي ڪنڊا ملندا ۽ جي ميوي ۽ گلن وارو هوندو ته ميوو ۽ گل ملندا ...

    جهڙو پوکيندا تهڙو لڻندا .....

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    مان ته اوهان جي موڪليل تصوير مان به مطمعن آهيان ته گهٽ ۾ گهٽ ٻار ۽ استاد ته موجود آهن ۽ ڪتاب کولي پڙهن ته پيا۔

    سائين نثار سنڌ جي اسڪجولن جي حالت جو ڃا بيان ڪجي، خوبصورت عمارتون آهن، استادن جو وڏو عملو مقرر آهي پر نه ٻار آهن ۽ نه استاد موجود آهن ۔۔۔۔۔۔ اهڙي حالتن ۾ تعليمي معيار ڇا هوندو۔ ؟؟
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    اسان جي تعليمي ادارن جي جيڪا هن وقت ڀوائتي صورتحال آهي، ان ۾ اسان جي پنهنجن ماڻهن جو وڏو هٿ آهي، ۽ ان ۾ تدريسي عملو پڻ شامل آهي، جتي اسڪول به آهن، ٻار پڙهڻ لا به اچن به ٿا پر اتي جا استاد خبر نه آهي، ڪهڙين ڪمن ڪارن ۾ رڌل هئڻ ڪري اسڪول نٿا اچي سگهن، وري جتي معتبر استاد موجود آهن ته اتي ڪو پڙهڻ لا نٿو اچي، اتي جي علائقن ۾ ساڃاه وندن کي ڪو عملي ڪم ڪرڻو پوندو ته اهي، اتي جي ماڻهن کي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لا اتساهن۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    جهڙا استاد تهڙا شاگرد۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    [video]https://fbcdn-sphotos-a.akamaihd.net/hphotos-ak-ash3/s320x320/564192_201639499954636_100003257611191_314768_826251742_n.jpg[/video]

    ادا سليمان! بيشڪ آءُ اوهانجي ڳالهين سان متفق آهيان ته ڪيترين جاين تي عمارتون به موجود آهن ۽ استاد به ڀرتي ٿيل آهن، پر تعليم جو نالو نشان ناهي ... بلڪ آءُ ته هڪ اهڙو اسڪول به سڃاڻان جنهن ۾ لکن روپين جا ڪمپيوٽر ورتا ويا، انهن کي ڪمري ۾ بند ڪري تالو هڻي چوڪيدار رکيو ويو ... پر انهن ڪمپيوٽرن کي نه ڪڏهن شاگردن هٿ لاتو نه انهن مان ڪڏهن ڪنهن شاگرد ڪا سکيا ورتي ... آخر ۾ خبر پئي ته دٻا ته ڳڻت لاءِ موجود هيا پر انهن جا اندريان سڀ پرزا غائب ٿي ويا. الله الله خئير صلح.

    دوستو! ”نظام“ سڀني قومن وٽ ترقيءَ جو ضامن اتان جو نظام آهي، جيڪو ماڻهن جي سوچ کي بدلائڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿو. سخت ۽ موثر نظام کان سواءِ قومون ائين هونديون آهن، جيئن ڪا گاڏي بغير انجڻ جي.

    اچو ته پنهنجي هن قومي گاڏيءَ ۾ نئين انجڻ وجهاريون ۽ ناڪاره انجڻ ڪڍي ڦٽي ڪريون، ٻي صورت ۾ ڪو فائدو نه ٿيندو ... هر وقت مون جيئان مسترين جي حوالي هونداسون.

    الله ڏاهي مَ ٿيان
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    هي ڏسو ته دنيا جون قومون پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪن ٿيون ۽ تعليم تي ڪيترو خرچ ڪن ٿيون ،،، هن وڊيو سان لاڳاپيل تمام گهڻيون ڊيوز پڻ آهن ،،،

     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    سائين ماشا الله، اصل ۾ هي هڪ اوهان جي اندر جي تڙپ آهي، پنهنجي وطن جي ٻچن جي تعليم لا۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    دوستن جا لک ٿورا ،،،، سنڌ سان ٿيندڙ هڪ ٻيو مثال اوهانجي سامهون ،،،، فيسبڪ جي ٿورن سان


    [​IMG]

    هي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعجاز جکراڻي جي بادشاهي ۾ هلندڙ جيڪب آباب جي ڳوٺ روزي شر جا بدنصيب ٻارڙا آهن جن کي بنا ڇت ء بئنچ جي بنيادي تعليم پرائڻي پوي ٿي...هن ڳوٺ ۾ ٻه سئو ٻارڙا آهن.سنڌ ۾ تعيلم جي سڌاري لاء وڏا منصوبا جڙيا هوندا پر روزي شر جا ٻارڙا پت تي ئي پيل آهن....شاباش پير مظهر شاباش....
     
  9. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: تعليم ڪير حاصل ڪندو؟

    ادا نثار صاحب توهان جي ونڊ تمام سٺي شامل ڪئي آهي پر پنهنجي سنڌ ۾ ڪٿي اهڙا به اسڪول آهن جتي تعليم گهٽ ۽ راند روند وڌيڪ ۽ استادن جي ڪچهري وڌيڪ نظر ايندي آهي ۽ اگر ڪو ٻار اسڪول ۾ نه ٿو وڃي ته ان کي مائٽ چوندا ته پٽ تون اسڪول جلدي ڇو نه ٿو وڃي ته ان ٻار جو اهوئي جواب هوندو آهي ته اڃان اسڪول ۾ پٽيوالو به ڪونه آيو هوندو جو آئون اسڪول وڃي کوليان ڇا انهن اسڪولن جو اهو حال ان ڪري آهي ته استادن کي ڪير چوڻ وارو ڪونهي تڏهن اهي حال آهن اسان جي اسڪولن جا ۽ تعليم پرائڻ جا باقي وڌيڪ توهان وڏا آهيو سڀ ڪجهه سمجهي سگهو ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو