• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عجيب پريشاني

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اڄ 26 اپريل تي شام جو 7 وڳين ڌاري سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ جي بدران آواز۔نيٽ جي ويب سائيٽ اچي رهي هئي ۔ جنهن لاءِ گهڻا ئي حربا هلايا پر ناڪام رهيس ۔ ماٺڙي ڪري مورڳو ڪمپيوٽر ئي بند ڪري ڇڏيم ۔ هينئر 15۔9 تي وري ويب سائيٽ کولي اٿم ته بهترين هلي پئي ۔

ايئن ڇو ٿيو ؟ ڇا اِهو مسئلو سڀني دوستن سان هو يا صرف مون اڪيلي سان هو ؟ جي آئنده ٻيهر ٿئي ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي ؟
 
جواب: عجيب پريشاني

ادا جمالي صاحب واقعي به آ به ان وقت حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي ڪنهن دوست جي نيٽ استعمال ڪري رهيو هوس ته سنڌ سلامت جي بجا اهڙو ئي پيج کلي پيو، مون ادا ابو واصف جن کي به ڏيکاريو، جيڪي ان وقت مون سان گڏ هئا، اسان ٻنهي کي به ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، ان وقت مون به سمجهيو ته هي مسئلو شايد صرف مون سان ئي آيو آهي، پر هاڻي اوهان جي پوسٽ پڙهي پڪ ٿيم ته هي مسئلو صرف مونسان نه هو، وڌيڪ سائين رشيد صاحب ئي ٻڌائي سگهن ٿا جيڪي اڄ ڪلھ سنڌ سلامت نئين سافٽ ويئر تي آڻڻ جا تجربا پڻ ڪري رهيا آهن۔۔۔ شايد اهڙي اپڊيٽ ئي وجه بڻي هجي۔۔۔
 
جواب: عجيب پريشاني

اسڪرپٽ کي فڪس ڪيو ويو آهي۔۔ اميد ته هاڻي مسئلو نه ايندو۔۔
 
جواب: عجيب پريشاني

سائين اسڪرپٽ ته صحيح ٿي وئي آهي پر هاڻي خبرون ڪونه ٿيون اچن
 
Back
Top