جواب: الواداع
ادي سنڌي نور اسلام عليڪم۔ادي توهان پنهنجي پرخلوص ،سٻاجهي ۽ محبت واري انداز سان اسان سڀني جي دل ۾ هڪ تمام وڏي احترام واري جڳھ پيدا ڪئي آهي۔ادي اسان کي اڄ به ياد آهي ته اوهان کي هن فورم کي اوطاق ڪوٺئڻ پسند نه هو ۽ اوهان پنهنجي تعارف واري ڪمينٽس ۾ ان الفاظ تي اعتراض ڪيو هو،ان ڏينهن کان پوء اسان هن اڳڻ کي ڪڏهن اوطاق نه چيو تاڪي اوهان کي ڪا تڪليف نه پهچي۔ادي ماشالله اوهان هڪ حساس دل جون مالڪ آهيو جنهن جو اندازو اوهانجي شاعري مان محسوس ٿيندو آهي،توهان سنڌ سلامت کي استعمال ڪرڻ جي طريقي کان به ڏاڍيون سٺي نموني واقف آهيو مگر الائي ڇو اوهان هنن محبت ڀريل ڪکائون اڳڻ کان منهن موڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ادي ٿي سگهي ٿو ته ڪجه ڪمينٽس محترم ميمبرس جي اوهان کي سٺا نه لڳا هجن پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اوهان انڪري هن محبتي اڳڻ کي ڇڏي ڏيو۔اوهان جي موجودگي هن فورم تي اسان جي ٻين ڀيڻن ۽ نياڻين کي همٿ ڏياريندو آهي ته هو به ميمبر ٿي ڪري پنهنجي خدمتن سان هن فورم کي وڌيڪ سينگارين جيڪو هر سنڌي جي ملڪيت آهي۔اسان جي اوهان کي گذارش هوندي ته پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪيو ۽ هن اڳڻ کي پنهنجي تحريرن ۽ شاعري جي خوشبو سان مهڪائيندا رهو۔الله پاڪ هميشه اوهانجو حامي ۽ ناصر رهي آمين۔