توهين عدالت

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    توهين عدالت

    [JUSTIFY]محترم ميمبرس جيئن ته پرائيم مينسٽر آف پاڪستان(وزير اعظم) کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ جي عزت ماب فل بينچ توهين عدالت جي ڪيس ۾ عدالت جي جاري رهڻ تائين سزا ڏني آهي،جنهن جو مطلب آهي ته جيستائين ڪورٽ ۾ ان ڏينهن جج صاحب ڪم ڪندا رهندا ،تيستائين ملزم سزا طور ڪورٽ ۾ موجود رهندو ۽ ڪورٽ اسٽاف جي حفاظت ۾ رهندو ۽ جيئن جج صاحب ڪم ختم ڪري ڪورٽ مان چيمبر ۾ ويندا ته سزا جو پيرڊ ختم ٿي ويندو ۽ ملزم کي ڇڏيو ويندو۔پرائيم منسٽر کي سزا ٻڌائڻ کانپوء جج صاحبن 30 سيڪنڊن جي اندر ڪورٽ جي ڪم کي ختم ڪري،چمبر ۾ هليا ويا،ان سان گڏ پرائيم منسٽر جي سزا وارو پيرڊ پورو ٿي ويو۔اميد ته مٿين سمجهاڻي سان ڪورٽ جاري رهڻ جي دوران واري سزا کي اوهان آساني سان سمجهي سگهيا هوندا۔

    هاڻي اسان اوهان کي مختصر انداز ۾ ٻڌائينداسين ته مسٽر پرائيم منسٽر کي اها سزا ڇو ڏني ويئي آهي۔پرويز مسرف جي زماني ۾ نيشنل رئڪينسليشن آرڊينس جنهن کي عام زبان ۾ اين،آر،آو (N R O) چيو ويندو آهي تحت سياسي جماعتن جي ميمبرن تي داخل ڪيس ان وقت جي گورنمنٽ واپس ورتا۔سوئيس ڪورٽ ۾ ڪيس جيڪي محترم آصف زرداري ۽ انهن جي ٻين ساٿين جي خلاف داخل ٿيل هئا۔ملڪ عبدالقيوم جيڪو ان وقت وفاقي لاء سيڪريٽري هو ۔خط لکي انهن ڪيسن جي پرويسيڊنگ کي بند ڪرايو۔عزت مابه سپريم ڪورٽ جڏهن اين آر آو کي آئيني جي خلاف ڊڪليئر ڪيو ۽ گورنمنٽ کي هدايت ڏني ته جيڪي به ڪيس اين آر آو جي تحت ختم ڪيا ويا آهن۔انهن کي ٻيهر کولي،انهن جا فيصلاء ڪورٽن کان قانون جي مطابق ميرٽ تي ورتا وڃن۔پاڪستانن جي مختلف ڪورٽن ۾ اين آر او تحت بند ٿيل ڪيس وري کولي انهن جا فيصلا ميرٽ تي ڪورٽن کان ورتا ويا جنهن ۾ رحمان ملڪ ۽ ٻين سياستدانن جا اڪائونٽبلٽي ڪورٽ مان ميرٽ تي رهائي مثال آهي،پر ڪو به قدم نه کنيو ويو سوئيزرلينڊ جي ڪورٽ ۾ بند پيل ڪيسن کي کولڻ لاء۔سپريم ڪورٽ جي ڪليئر هدايتن جي باوجود پرائيم منسٽر آفيس سوئيزرلينڊ ڪورٽ ۾ بند ٿيل ڪيس کي کولڻ لاء ڪو خط نه لکيو،انهي ڪري عزت مابه سپريم ڪورٽ محترم پرائيم منسٽر کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽس ڏئي،ڪيس هلائي ڪري۔توهين عدالت جو مرتڪب ڄاڻي ڪري سزا بڌائي۔
    مٿين مختصر تفصيل کانپوء اسان اهو ضروري ٿا سمجهون ته [/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]توهين عدالت ڇا آهي [/JUSTIFY][JUSTIFY]تي اسان جو اڳ ۾ لکيل ليک هتي جوڙيون تاڪي محترم ميمبرس ان قانون ۽ محترم وزير اعظم کي ان قانون تحت سزا ڏيڻ کي چڳي طرح سمجهي سگهن۔[/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]مقدمي جي ڪاروائي جي دوران اگر جج صاحب اهو محسوس ڪري ته ڪو فرد واحد يا اداره انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿي رهيو آهي يا منصف جو مذاق آڏيو ويو آهي،يا قابل اعتراض مواد ڪورٽ پروسيڊنگ جي حوالي سان شائع ڪيو ويو آهي،يا ڪورٽ جي فيصلن جي تعميل ڪرڻ جي بجاء انهن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي يا ڄاڻي وڻي ڪورٽن جي قانوني فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ تاخير ڪئي ويئي آهي ته ڪورٽ ان ماڻهو يا اداره جيڪو مٿين ڪوتاهين جو مرتڪب ٿيو هوندو جي خلاف توهين عدالت "Contempt Of Court " جو نوٽيس جاري ڪندي ۽ ان ماڻهون کي قانون جي زبان ۾ ڪنٽيمنر ڇوندا آهن ،کي ڪورٽ ۾ گهرائيندي آهي ته اچي پنهنجي صفائي ۾ ڪجه چوي،جيڪڏهن ڪنٽمينر جا ٻڌايل سببن ۾ ڪو وزن نه هوندو آهي ته ڪورٽ ان تي فرد جرم جنهن کي ڪورٽ جي زبان ۾ چارج چئبو آهي فريم ڪندا آهي ۔ان چارج ۾ ڪٽمينر جي خلاف جيڪي به الزامات هوندا آهن اهئي ان کي جج صاحب پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ پو ڪٽمينر کان پڇندو آهي ته ان کي ڏوه قبول آهي يانه ۔جيڪڏهن ڪٽمينر ڏوه قبول نه ڪندو آهي ته ان جي خلاف اهو مٽريل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندي جنهن جي ڪري هو توهين عدالت جو مرتڪب ٿيو هوندو آهي ۽ پوء هن کي سزا ٻڌائي ويندي آهي۔

    پاڪستان قانون جي مطابق توهين عدالت ڪرڻ واري کي ڇھ مهينا قيد،هڪ لک تائين جرمانو يا ٻنهي سزائن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي۔

    توهين عدالت ڪرڻ وارو ماڻهو يا اداره ڪنهن به مرحلي تي ڪورٽ ۾ معافي نامو ڏئي سگهي ٿو۔جيڪڏهن عدالت اهو سمجهي ٿي ته معافي نامو صدق دل سان پيش ڪيو ويو آهي،ته هو مقدمو خارج ڪري ڇڏيندي آهي۔

    سڄي دنيا ۾ عدالتون توهين عدالت جي سلسلي ۾ اصول ۽ ضابطا ٺاهيا آهن۔مثلان ڀارت ۾ آئين جي آرٽيڪل 129 ۽ 142 جي تحت سپريم ڪورٽ صدر کان وٺي عام ماڻهو کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيڻ جي طاقت رکي ٿي۔ ان جرم جي سزا زياده کان زياده ڇھ مهينا قيد،ٻه هزار رپيا جرمانه يا ٻئي آهي۔۔
    12 مئي 2006 تي ڀارتي سپريم ڪورٽ پنهنجي ان اختيار کي استعمال ڪندي [JUSTIFY]مهاراشٽر جي وزير سروپ سنگھ[/JUSTIFY] کي توهين عدالت ڪرڻ تي [JUSTIFY]هڪ مهينو قيد جي سزا [/JUSTIFY]ٻڌائي هئي۔اهو پهريون موقعو هو جو ڪنهن حاضر وزير کي جيل جي هوا کائڻي پئي۔
    حاتاڪئي[JUSTIFY] آمريڪي صدر[/JUSTIFY] به توهين عدالت جي سزا کان بچي نه سگهيو۔ان مان عدالت عاليه جي قوت جو اندازو ٿيندو آهي۔ٿيو ايئن ته [JUSTIFY]مونيڪا ليونسڪي [/JUSTIFY]مقدمي جي دوران صدر بل ڪلنٽين سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته هو مونيڪا نالي ڇوڪري کي نه ٿو سڃاڻي۔پر بعد ۾ اها ڳاله ثابت ٿئي ويئي ته صدر بل ڪلنٽين ۽ مونيڪا جي وچم تعلقات هئا۔ان انڪشاف تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس سوزين رائٽ۔ڪوڙ ڳالهائڻ۔انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿيڻ ۽ عدالت کي ڌوکو ڏيڻ جي الزامات ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽِن کي مجرم قرار ڏيندي 1999 ۾ صدر بل ڪلنٽين تي [JUSTIFY]نوي هزار ڇھ سو ڇهاسي ڊالر جرمانو لڳايو[/JUSTIFY]۔،هي پهريون موقعو هو جو ڪو حاضر آمريڪي صدر توهين عدالت جو مرتڪب ٿيو۔

    پاڪستان ۾ جرنيلن،وزير ،وزير اعظم کان وٺي سرڪاري آفيسر توهين عدالت ڪري چڪا آهن۔4 فيبروري 1993 تي[JUSTIFY] سابق چيف آرمي اسٽاف جنرل اسلم بيگ [/JUSTIFY]هڪ اخباري انٽرويو جي دوران انڪشاف ڪيو ته 1988 ۾ هن چيف جسٽس محمد افضل ظله کي پيغام موڪليو هو ته هو [JUSTIFY]جوڻيجو حڪومت کي بحال نه ڪري[/JUSTIFY] ۽ ايئين ئي ٿيو۔ان تي ان وقت جو چيف جسٽس نسيم حسين شاه،جنرل (ر) اسلم بيگ کي توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو۔بعد ۾ جنرل (ر) اسلم بيگ توهين عدالت جو مرتڪب به قرار ڏنو ويو پر ان کي ڪا سزا نه ڏني ويئي۔1994 ۾ اهو ڪيس خارج ڪيو ويو۔

    اميد ته اوهان هن ليک مان توهين عدالت ۽ ان جي سزا کي چڳي طرح سمجهي سگهندا۔
    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: توهين عدالت

    بهترين ۽ تفصيل سان پر مضمون جنهن ۾ قانون جي بالادستي ۽ احترام لاءِ جيڪي قوانين ڄوڙيا ويا آهن تنهن تي روشني پئي ،
    هن سان گڏ اها به خبر پئي ته ٻاهرين ملڪن ۾ به اهڙا واقعا رونما ٿيا آهن ، جنهن تي قانون ۽ انصاف واري عدليه پڪڙ ڪئي ،
    جيتوڻيڪه قانون ۾جيڪي سزائون رکيل آهن تنهن تي ٿوري روشني وجهجي ها ته آيا اهي تعزيري سزائون آهن ۽ هن ۾ رد وبدل ممڪن آهي يا نه چو ته جيڪي سزا موجوده وزيراعظم کي ٻڌائي وئي آهي سا اها هن قسم جي سزا جي زمري ۾ نٿي اچي ،
    بهرحال مجموي لحاظ کان نهايت مفصل ۽ پيرائتي ونڊ لاءِ اسين محترم سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن جا ٿورائيتا آهيون جو سائين جن وقت ڪڍي اسان لاءِ اهڙا مفيد ۽ ڄاڻ وارا مضمون ونڊ ڪندا رهندا آهن جنهن مان اسان کي گهڻو فائدو ملي ٿو ،

    دوست شايد هن مضمون ۾ حصو هن وٺڻ کان هن ڪري شايد ڪيٻائي رهيا آهن جو مبادا اهي به ڪٿي توهين عدالت جا مرتڪب نه ٿي وڃن ، پر دوستن کي عرض آهي ته اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي سڀ دوست هن مضمون ۾ ضرور پنهنجا رايا ڏيڻ ” مزاح ۾ “
    ادا سليمان کي ته ضرور پنهنجا رايا ڏيڻ گهرجن
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: توهين عدالت

    سائين بلڪل اوهان جون ڳالهيون درست آهن۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: توهين عدالت

    سائين مهرباني اوهان ڄاڻ ڏني

    ڪجهه سوال منهنجي ذهن ۾ اڀري رهيا آهن۔ هڪ اهو ته جيڪڏهن سوموٽو تحت سزا ڏني ٿي وڃي ته ڇا اها زيادتي ناهي؟ ڇو ته سزا جو ڪم سيشن ڪورٽ ۽ هاء ڪورٽ جو هوندو آهي ۽ پوء ملزم کي اهو موقعو ملندو آهي ته هو هاء ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داّخل ڪري ؟ هتي ته ڪم ئي الٽو ٿي ويو جو سزا به سپريم ڪورٽ ڏئي ۽ اپيل به اها ٻڌي؟

    ٻيو اهو ته وزيراعظم کي جنهن ٻئي گناهه جي سزا ڏني وئي، ان جو ٽرائل ۾ ڪڏهن به ذڪر ناهي ٿيو

    بئريسٽر اعتزاز احسن کليل لفظن ۾ چيو آهي ته، سول توهين عدالت واري فرد جرم ۾ آرٽيڪل 63 (G) لاڳو نه ٿو ٿئي، ڇو ته 63 (G) هيٺ ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ يا Scandalize ڪرڻ، جيڪو عمل Judicial Contempt ۾ اچي ٿو، واري چارج هئڻ لازمي آهي، جڏهن ته ڪورٽ وٽ سول Contempt واري چارج هئي ۽ ڪورٽ پنهنجي مختصر فيصلي ۾ هڪ بجاءِ ٻن چارجز تي فيصلو ٻڌايو آهي، جيڪو آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي۔

    وہ بات سارے فسانے میں جس کا ذکر نہ تھا
    وہ بات ان کو بہت ناگوار گزری ہے

    هن موقعي تي عدالت کي مختصر فيصلي بجاء مڪمل فيصلو ڏيڻو هو پر مختصر فيصلو جيڪو مبهم آهي ڏئي ميڊيا تي وڌيڪ قياس آرائين جو موقعو ڏنو ويو آهي۔

    خير هيء 30 سيڪنڊن جي سزا به وڻي جيڪا گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ جو حصو بڻجي وئي ۔۔۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: توهين عدالت

    واقعي دوست

    خير هيء 30 سيڪنڊن جي سزا به وڻي جيڪا گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ جو حصو بڻجي وئي ۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: توهين عدالت

    تمام سهڻي ۽ پيرائتي انداز سان سمجهايو ويو آهي ، هن مضمون کي سنڌ سلامت تي رڪارڊ طور سنڀالي رکيو وڃي ته بهتر ٿيندو ۔
    توهين عدالت ۾ هڪ واقعو وَرجائيندو هلان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زماني ۾ هندو پئنچايت ۾ ڪنهن مسئلي سبب اڻبڻت ٿي پئي هئي ، چون ٿا ته مسئلي تمام گهڻي ڊيگهه ڪئي تانجو ڀٽو صاحب کي مداخلت ڪرڻي پئجي وئي ۔ ان وقت جي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ (مختيارڪار) کي ڀٽو صاحب حل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو۔ مختيارڪار صاحب ٻنهي ڌرين کي آچر واري (موڪل) ڏينهن تي پنهنجي بنگلي تي گهرايو ڳالهيون ٻُڌي فيصلو صادر ڪيو۔ اُن فيصلي مان هڪ ڌُر راضي نه هئي ۔ انهن وقت وٺڻ جي ڪوشش ڪندي مختيارڪار صاحب کي چيائون ته اوهانجو فيصلو اکين تي ، سڀاڻي دفتر کلندو اوهان اُن تي صحيح ٺپا هڻندا ته اسان به صحيحون ڪنداسين ۔ مختيارڪار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۔ سو ٿاڻي تي فون ڪري پوليس گهرائي ۽ پاڻ ٽوائلٽ روم ۾ وڃي ويٺو اُتان ويهي ڪري حُڪم نامون جاري ڪيو ته مئجسٽريٽ جتي به هجي اُها انجي آفس ۽ڪورٽ هوندي آهي اُن ڌُر جي چڱي مڙس کي ڪنٽيمپٽ آف ڪورٽ جي ڪري ڇهه مهينا سزا ڏئي ڇڏي ۔
     
  7. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: توهين عدالت

    محترم ميمڻ صاحب۔ڇاڪاڻ ته اسان جو واسطو به لاء جي فليڊ سان آهي انهيڪري اوهان جي هن ليک مان اسان توهين عدالت ۽ مختلف ملڪن جي وزيرن ۽ صدر کي ان قانون جي تحت آيل سزا جي باري ۾ پڙهي گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي۔توهانجي مهرباني۔
     
  8. غلام مرتضى ميمڻ

    غلام مرتضى ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 جون 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سائين توهانجي ليک مان اسان کي سٺي معلومات ملي آهي۔توهانجون مهربانيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو