جمعو مبارڪ حيات علي شاهه بخاري ________________________________________ فري پيريڊ جو عنوان اڄ جمعي جي سڳوري ڏينهن جي مناسبت سان ڏنو اٿم. ڇاڪاڻ ته سڄي هفتي ۾ جمعو ئي هڪ اهڙو سڳورو ڏينهن آهي، جنهن جو تقدس رکڻ لاءِ مسلمان هر طرح جو اهتمام ڪندا آهن. مون کي به صبح ساڻ جمعو مبارڪ جا دعائن سميت SMS ايندا آهن ۽ جيڪي دوست مون کي دعائن ۾ ياد رکندا آهن، تن جو شڪرگذار آهيان. سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته نينگر ننڍي جمعا گهڻا، ان چوڻيءَ تي مون گهڻئي سوچيو آهي پر سمجهه ۾ نه آئي، ڪنهن دوست کي ان جي پسمنظر بابت خبر هجي ته مون کي آگاهه ڪري. هڪ ٻي چوڻيءَ تي مون کي ڏاڍي کل ايندي آهي، ”جنهن گهر ۾ ٻير هوندي، ان ۾ ڀتر لڳندا آهن“ يعني جنهن گهر ۾ جوان ڌيءَ هوندي آهي، ان لاءِ رشتا ايندا آهن، ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، پر اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جنهن گهر ۾ ڪا جوان ڇوڪري هجي ۽ ان گهر ۾ ٻير نه هجي ته ڀتر (رشتا) ڪونه ايندا. ڳالهه جٺ- هاڻ جنهن گهر ۾ جوان ڇوڪريون هجن، انهن جي ماءُ پيءُ کي کپي ته گهر ۾ ٻير پوکي، ڀلا ڪو فليٽ ۾ رهندو هجي ته اهو ٻير ڪيئن پوکيندو، گهٽ ۾ گهٽ مان ان منطق سان سهمت ناهيان. جڏهن چوندا آهن ته رشتا آسمان تي ٺهندا آهن، ته پوءِ ٻير جو ڪهڙو ڪردار رهيو. اهڙي ٻير کان ”وچ واري“ مائي بهتر آهي، جنهن کي خرچي پاڻي جو آسرو ڏبو ته ڪٿان نه ڪٿان مائٽي ڳولي ايندي. اڄ الائجي ڇو جمعي ڏينهن تي مون کي اهڙيون ڳالهيون دماغ ۾ پيون اچن. قسم کڻي ٿو چوان ته جيڪو اوهان سوچيو پيا، اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. مون کي جيڪا ڌوڙ پائڻي هئي، سا پائي ڇڏيم، جيئن چوندا آهن ته، ”آزمائي کي آزمائڻ ڌوڙ منهن ۾ پائڻ“ آهي، سو مان وري اهڙو ڪو به ”رسڪ“ کڻڻ لاءِ تيار ناهيان، ٻيو ته منهنجي هڪ دوست مون کي صفا ڇرڪائي ڇڏيو آهي، جيڪو اڪثر بجلي جي لوڊشيڊنگ، مڇرن جي آزار ۽ گهرواري جي بي رخيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندو آهي. اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ ڪو به ماڻهو ٻيهر اهڙي غلطي ڪونه ڪندو جو سڄي ڄمار آزار ۾ هجي، ان تي مون کي هڪ لطيفو ياد اچي رهيو آهي، هڪ نوجوان ڪنهن ڇوڪريءَ کي ”آئي لَوِ يو“ چيو، ”ڇوڪريءَ سينڊل لاهي اُن نوجوان کي ڦيهه ڪڍي، چماٽون هنيائينس، لتون هڻي زمين تي ڪيرائي گهٽ وڌ ڳالهايائينس، نوجوان زمين تان اُٿيو ۽ ڪپڙا ڇنڊي چوڻ لڳو ته مان انڪار سمجهان نه“. سو اِن معاملي ۾ ٿورو لکيو گهڻو ڄاڻندا، خط کي تار سمجهندا ۽ ميٽ مٿي ۾ هجي ته هتي اچي ڪڍندا، جيان تڪڙا ڪم نه ڪجئو ۽ خاص طور تي اهڙو ڪم تڪڙ ته ڇا ارادو به نه ڪندا ته سدائين سکيا رهندا، پر وري اهو به خيال اچي ٿو ته، هڪ ڀارتي فلم جو نالو هو ”شادي ڪالڊو“. جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته شاديءَ جو لڏون جيڪو کائي سو به پڇتائي ۽ جيڪو نه کائي سو به پڇتائي. هاڻ جيڪو جيئن پڇتائڻ چاهي ان جو هو پاڻ فيصلو ڪري، هروڀرو منهنجي ڳالهين تي ڪو به نه لڳي، مون سان جيڪا ويڌن هوندي سا شايد ٻين سان نه هجي ۽ ٻين سان جيڪو وهي واپري پيو سو وري مون سان نه هوندو، ان ڪري اهو لڏون کائي ڏسو ۽ پوءِ ٻڌايو ته، ”ڪيا کويا ڪيا پايا“. باقي گهر ۾ ٻير ۽ ڀترن واري ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪنهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هجي ته مون کي ٻڌائي. اڄ جمعو آهي، مون کي اُميد آهي ته هرڪو مسلمان سهي سنبري جمعي نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪندو، اهڙن سمورن ساٿين کي عرض آهي ته پاڻ لاءِ دعا گهرڻ وقت مون کي به دعائن ۾ ياد رکن. آخر ۾ اهو عرض ڪندو هلان ته مان لکڻ وقت ڪنهن خاص موضوع جي چونڊ ناهيان ڪندو، اِن سان ماڻهو محدود ٿي ويندو آهي، کلئي ذهن سان الله جو نالو وٺي لکڻ شروع ڪندو آهيان ۽ رب جا لک شڪرانا جو منهنجا روڙيل رنڍا به اگهامبا آهن، شهيد شاهه عنايت صوفيءَ جو چوڻ آهي ته: چرخو ائين چور، جيئن ڀونءِ ڀڻڪو نه سڻي، آڌيءَ جو عنايت چوي، اُٿي آتڻ اور، تهان پوءِ تور ته سُٽ تنهنجو سون ٿئي. موڪلائڻ کان اڳ دوست اسرار لغاري جو مليل SMS ملاحظه ڪندا: ”هر رشتو هڪ پکيءَ جيان هوندو آهي، جيڪڏهن سختيءَ سان جهليندؤ ته مري ويندو، جيڪڏهن نرميءَ سان جهليندؤ ته اُڏامي ويندو، پر جيڪڏهن محبت سان جهليندؤ ته سڄي حياتي اوهان سان گڏ رهندو.“ کلي موڪل ڏيندا- الله نگهبان. hayatbukhari@facebook.com عبرت اخبار جي آرٽيڪل تان ورتل
جواب: جمعو مبارڪ ! ادا افتخار ونڊڻ لا مهرباني، اوهان ته کائي پڇتايو هوندو، باقي ٻيرن ۽ پٿرن واري سنڌي لوڪ چوڻي آهي جيڪا هر ڪو سمجهي سگهي ٿو، شاھ صاحب شايد فليٽ ۾ رهندا هجن شايد ان ڪري۔۔۔