ڪيترائي سنڌي دوست، سنڌ سلامت جا مانوارا ميمبر ۽ ويب سائيٽن جا مالڪ مختلف وقتن تي وي بليٽن جي سنڌي ترجمي جي گهُر ڪندا رهيا آهن۔ سنڌ سلامت جو سٿ ان لاء مسلسل ڪم ڪري رهيو هيو ۽ سافٽويئر جي ڪجهه پروفيشنل مجبورين سبب دير ٿي۔ ان باوجود به سنڌ سلامت جي ٽين سالگره جي موقعي تي ادا رشيد سمون پنهنجي خصوصي ليک ۾ سنڌ سلامت جي انهن رڪنن ۽ سنڌي دوستن جي اسرار کي نظر ۾ رکندي وي بليٽن جو مفت سنڌي ترجمو رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔
جيئن ته وي بليٽن تي سڀ کان پهريون فورم سنڌ سلامت اچڻ جي ڪامياب تجربي کان پوءِ اهو نوٽ ڪيو ويو ته ڪجهه ٻيا سنڌي دوست به پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌي کي نيٽ تي متعارف ڪرائڻ لاءِ پنهنجي طور تي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔۔۔ انهن مان ڪجهه دوستن ته پنهنجي طور وي بليٽن جو تجربو به ڪري ورتو آهي۔۔ اهڙا تجربا پنهنجي جاءِ تي ڀلا پر جيڪڏهن هر ڪو پنهنجي طور وي بليٽن جو ترجمو ڪندو ته وي بليٽن جي ترجمي ۾ سنڌي ٻولي جو ساڳيو معيار برقرار رهي نه سگهندو۔۔ ڇو ته هر ڪو انگريزي جي مختلف جملن کي پنهنجي طور ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو نتيجي طور انٽرنيٽ تي جيڪي ٿورا گهڻا سنڌي موجود آهن۔۔۔ اهي هن رنگا رنگي ترجمي کي ڏسي ڪنفيوز ٿي ويندا۔۔۔ جنهنجو لازمي نتيجو سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ جي پکيڙ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندو۔۔۔
جيئن ته سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ وي بليٽن فورم سنڌ سلامت ئي آهي ان ڪري مختلف دوستن جي مشورن کي نظر ۾ رکي انگريزي لفظن جو سڌو سئون مطلب ڪرڻ بجاءِ اهي لفظ رکيا ويا آهن جيڪي انٽرنيٽ تي ايندڙ سنڌين کي سولائي سان سمجهه ۾ به اچي سگهن ۽ انهن کي ياد رکڻ به سولو ٿئي ان ڪري اڪثر انٽرنيٽ تي ايندڙ سنڌي هن ترجمي جا عادي ٿي چڪا آهن۔۔۔ ان جي لاءِ بهتر رهندو ته نت نوان تجربا ڪرڻ بجاءِ اڳ ئي بهتر انداز سان سلهاڙيل وي بليٽن ترجمي کي پنهنجي فورم تي لڳائجي۔۔۔
ان سلسلي ۾ هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به اسڪرپٽ جو ترجمو قانونن ۽ اخلاقن ان سافٽويئر جي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي ۔۔۔ ان ڪري وي بليٽن جو سنڌي ترجمو صرف وي بليٽن لائسينس رکندڙ رڪن کي ڏنو ويندو۔۔۔
دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته سنڌي وي بليٽن ترجمي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي درخواست هيٺين شرطن تحت موڪلي سگهن ٿا۔۔۔
جن دوستن کي وي بليٽن جي سنڌي ترجمي جي ضرورت آهي ۽ اهي مٿيان سڀ شرط قبول ڪن ٿا ته اهي مون سميت انتظاميه جي ڪنهن به رڪن کي ذاتي پيغام ڪري پنهنجا تفصيل موڪلن جنهن کان پوءِ کين سنڌ سلامت جو ترجمي جو لنڪ موڪليو ويندو۔۔۔
اميد ته سنڌي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ تي ترقي لاء سنڌ سلامت فورم جي هن ننڍڙي ڪاوش کي ڀرپور موٽ ملندي ۽ سنڌي ٻولي جديد دور جي تقاضائن کي پورو ڪندي ترقيء جون منزلون طعي ڪندي رهندي۔

- ترجمو صرف وي بليٽن جي لائسنس رکندڙن کي ئي ڏنو ويندو۔۔
- ترجمو وٺندڙ دوست پنهنجو پورونالو ايڊريس بشمول موبائيل نمبر ۽ اي ميل ايڊرس درخواست ۾ شامل ڪن۔۔
- جنهن وي بليٽن فورم تي سنڌ ترجمو لڳائڻ چاهين ٿا ان جو نالو ۽ لنڪ لکي موڪليندا۔۔
- ترجمو استعمال ڪندڙن تي لازمي هوندو ته ترجمو ڪندڙ : جو نالو ختم نه ڪندا۔۔
- ترجمو استعمال ڪندڙن تي اهو به لازمي هوندو ته اهي ترجمي ۾ موجود لفظ ”سنڌ سلامت“ يا ان جي لنڪ کي ختم نه ڪندا۔۔۔
- ترجمو استعمال ڪندڙن تي لازمي هوندو ته اهي ترجمو صرف پاڻ تائين محدود ڪندا ۽ جيڪڏهن هنن کان ڪو ترجمو گهرڻ جي درخواست ڪري ته کين سنڌ سلامت ڏانهن رجوع ڪرڻ جو چوندا۔۔