• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شعر جو سُر ۽ تشريح درڪار آهي!

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو
شاھ سائين جي هن شعر جو سُر ۽ تشريح ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي
تنبي ري تند جي پهرين هئي پچار،
ڪوڙي ڪيرت آيا مانجهي مڻيان دار،
جن گهڻو ٻاهر ڳايو ساري سڀ ڄمار،
آ مٿاهون مگڻا چڙهي در دوار،
التحيات لله والصلوات والطيبات کلي ڪيائين کيڪار،
السلام عليڪ ايها النبي ورحمت الله وبرڪاته ائين پڙورج پچار،
پو سيو سڀ سنسار، ته ملڪ ڏنائين محمد ڪريم کي
 
جواب: شعر جو سُر ۽ تشريح درڪار آهي!

مٺا محب طاهر سنڌي صاحب! اهڙو ڪو بيت نظر مان ناهي گذريو ۽ نه وري ياد آهي، ڇاڪاڻ جڏهن مون لطيف جي ڪلام ۾ قرآني پيغام تي ڪم ٿي ڪيو ته قرآن جي آيتن وارا ڪافي بيت گڏ ڪيا هيم پر ڪنهن به بيت ۾ التحيات ڪونه ملي هئي ،،،،، ممڪن مون وٽ موجود رسالن ۾ اهو بيت نه هجي ۽ ڪجهه ٻيا رسالا به آهن جن ۾ لطيف سان منسوب ڪئي بيت آهن ،،، ٿورو انتظار ڪريو من ڪو دوست اچي نڪري ،،، انتظار رهندو،

جي اوهانکي ڪنهن مستند جڳهه تان هي بيت لطيف سان منسوب ٿيل ملي وڃي ته هت ضرور ونڊ ڪجو

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: شعر جو سُر ۽ تشريح درڪار آهي!

سائين منهنجي به نظر مان اهڙو بيت لطيف سائين جي رسالي ۾ نه گذريو آهي،،باقي ٿي سگهي ٿو سنڌ ڌرتي تي لطيف سرڪار کانپو يا ان کان پهريان ڪيترا ئي صوفي شاعر ٿي گذريا آهن، ممڪن آهي ته اهڙي ڪنهن صوفي جو اهو بيت هجي۔
 
جواب: شعر جو سُر ۽ تشريح درڪار آهي!

سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي واري مرزا قليج بيگ جي ڇاپي ۾ شعر ملي ويو آهي، اصل ۾ مونکان به ڪنهن دوست پڇيو هو، سو اڄ ان ٻڌايو ته کين ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ملي ويو آهي
 
Back
Top