پاڻي پيئڻ جو صحيح وقت ** هڪ گلاس پاڻي صبح اٿڻ سان جسم جي اندروني عضون کي چست رکندو آهي ** هڪ گلاس پاڻي وهنجڻ کانپوءِ فشار الدم (بلڊ پريشر) کي معتدل رکندوآهي ** ٻه گلاس پاڻي کاڌي کائڻ کان 30 منٽ اڳ حاضمو بهتر رکندو آهي ** اڌ گلاس پاڻي سمهڻ کان اڳ دل جي دوري ۽ ذهني جهٽڪن کان بچائي ٿو
جواب: پاڻيءَ سان دوستي بهترين ونڊ، منهنجو تجربو ٿيل آهي، منهنجي روزاني جي معمول ۾ شامل آهي۔۔اميد ته ٻيا به هن نسخي مان فائدو وٺندا۔۔۔
جواب: پاڻيءَ سان دوستي سائين مهرباني اسان وٽ پاڻي پيڻ جو ڪو شيڊيول ناهي۔جڏهن اڃ لڳندي ته پاڻي پيئندا آهيون پر اوهان جي هن شيئرنگ کانپوء ڪوشش ڪبي ته هنن ڳالهين جي پوئواري ڪيون ۽ پاڻي پيئڻ جو ڍنگ سکون۔
جواب: پاڻيءَ سان دوستي مينهن وسي ٿو قطرا قطرا، ڍنڍون ڍورا بخرا بخرا، منڇر کي ٿو ماپين بيٺو، سنڌو، ساگر اڳتي آهي. (استاد بخاري ) ادا ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان اهڙي بهترين معلومات اسان سان ونڊ ڪئي آهي، انسان سڀ برابر آهن. قدرت جون نعمتون سڀني لاءِ آهن مگر هتان جي غلط سسٽم جي ڪري غريب ماڻهون انهن نعمتن کان محروم ئي رهجي ٿو وڃي،. ادا رب پاڪ جون جيتريون به نعمتون آهن انهن سڀني جو ڪو به ملهه ڪونهي، ۽ نه ئي اسان وٽ ڪي اهڙا الفاّظ آهن جنهن سان اسان ربِ ڪائنات جو شڪريو ادا ڪري سگهون ،( اسان ته انهن نعمتن جو شڪريو ڪيئن ادا ڪري سگهنداسين، اسان ۾ اها نعمتن کي سڃاڻڻ لاء شناس ئي ڪانهي،) مگر ادا پاڻي رب جي اها نعمت آهي جنهن جو ٻيو ڪو به بدل ڪونهي، پاڻي انسان جي جياپي جو ڪارڻ آهي، ۽ پاڻي ئي صنعتي ملڪن جي جيئڻ جو ذريعو هوندو آهي. انهن ملڪن جي پاڻي کان سواءِ جيئڻ ۽ ترقي ناممڪن آهي. پاڻي جياپي جي لاءِ تمام ضروري آهي ماڻهن کان وٺي قومن تائين...... تڏهن ئي ته رب پاڪ ڪائنات ۾ پاڻي جو تمام وڏو بندو بست ڪري رکيو آهي، ۽ ڪئنات ۾ اسان جي هن زمين جنهن جي مٿان اسان رهون ٿا، ان زمين جي مٿاڇري جا ٽي حصا پاڻي سان ڍڪيل آهن. اهو پاڻي ندين، ڍنڍن، واهن، دريائن ۽ سمنڊن جي شڪل ۾ زمين جي مٿاڇري تي موجود آهي. ان کانسواءِ پاڻي ٻوٽن ۽ جانورن جي جسم ۾ به موجود هوندو آهي، ادا ابڙا صاحب افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته جتي ٻين ملڪن ۾ استعمال جو پاڻي جيترو صاف ملي ٿو اهو اسان کي پيئڻ لاء به(صاف پاڻي ) ڪو نه ٿو ملي، ڪجهه وقت پهرين ٻئي افسوس جي هي ڳالهه به توهان سان ونڊ ڪندو هلان ته وفاقي حڪومت طرفان چار سال اڳ سنڌ ۾ 5 ارب روپين جي لاڳت سان شروع ڪيل “پيئڻ جو پاڻي سڀني لاءِ” وارو منصوبو عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ کانسواءِ حڪومت ۽ واسطيدار کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي بند ٿي ويو ۽ اسان جي ماروئڙن کي اهيا به صحولت نه ملي سگهي، ادا انهن حڪمرانن کان هت نه صحيح پر اڳتي ته ضرور حساب ڏيڻو آهي، رب جي پڪڙ تمام سخت آهي، پاڻي جي نعمتن ۾ اسان مسلمانن لاء هڪ اهو پاڻي به آهي جنهن جي پيئڻ کي اسان سعادت سمجهندا آهيون ۽ دل جي خلوص ۽ محبت مان ان پاڻي کي پيئڻ پسند ڪندا آهيون، ۔۔۔ خاص ڪري اسان جي سنڌ مان جڏهن اسان جا ماڻهون عمرو يا حج ڪري موٽندا آهن ته انهن خوش نصيبن کان ان پاڻي جي ملڻ جي اميد رکي ويندي آهي، جنهن پاڻي کي اسان آبِ زمزم چوندا آهيو، ۔۔۔ آبِ زمزم: ڪعبة -الله- شريف جي قديم چشمي جو اھو مٺو پاڻي آهي ، جيڪو حاجي سڳورا حج دوران پيئڻ ۾ ڪم آڻيندا آھن . آب زم زم جو کوھ چار گز ويڪرو ۽ 9 گز اونھون آھي . هن کي ” چاهه زم زم “ به چوندا آهن . زم زم کوهه واري عمارت 1960ع ڌاري ٺهي تيار ٿي . هن کوهه جو -انجيل- ۽ توريت ۾ به ذڪر آهي . -ان- کوهه جو پاڻي ڪيترين صدين تائين جاري رهيو ، ليڪن بعد ۾ اهو -بند- ٿي ويو ، حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم جي ڏاڏي عبدالمطلب لاءِ چون ٿا ته کيس خواب ۾ اشارو ملڻ بعد هن پنهنجي پٽ حارث جي مدد سان تحقيق ڪري وڏن ڪشالن سان -ان- کوهه جو صحيح هنڌ معلوم ڪري ، نئين سر کوٽائي ، وري آب زم زم جاري ڪيو . ھيءُ چشمو -ان- وقت جو يادگار آھي ، جڏھن حضرت ابراھيم عليه السلام ، پنھنجي گھرواريءَ بيبي ھاجره ۽ پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي کارڪن جي ھڪ ٿيلھي ۽ پاڻيءَ جي سانداري ڏئي ، کين خدا تعاليٰ جي حڪم تي ڇڏي واپس ھليو ويو . جڏھن پاڻي ختم ٿيو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام اڃ کان لڇڻ لڳو ، تڏھن بيبي ھاجره پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڊوڙڻ لڳي ، ۽ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڊوڙون پاتائين . حضرت اسماعيل عليه السلام سخت اڃ جي حالت ۾ کرڙيون ھڻڻ لڳو . خدا جي قدرت سان -ان- ھنڌان پاڻيءَ جو چشمو ظاھر ٿي پيو . بيبي صاحبه سانداريءَ ۾ پاڻي ڀري ، حضرت اسماعيل کي پياريو ۽ پاڻ به پيتائين . چشمي جو پاڻي وھڻ لڳو ته بيبي صاحبه پاڻيءَ کي حڪم ڪيو ته ” زم زم “ يعني ” بيهه ، بيهه “ ؛ پوءِ -ان- چشمي تي نالو ئي پئجي ويو ” زم زم “ . هيءُ لفظ -بابلي- ٻوليءَ جو آهي . مددي حواله ۔۔۔۔ سنڌي انسائيڪلوپيڊيا،