نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ نمستي . اڄ صُبح جو گهر جي دروازي تي ٽنڊو محمد خان جو يگانو ۽ ديوانو شاعر: مورڙو دودو يوسف حُسين خاڪي شاهه زلفي قيس ڪاظمي آيو، نه نه ادا آيا ڪونه آيو هي هيڏو وڏو نالو جنهن ۾ سواءِ هڪ جي نالي جي سمورا سندس تخلص آهن مان ستو پيو هُئس منهنجي گهر جي لوهي
دروازي تي سر جي اڌڙ سان ٺڪ ٺڪ ڪيائين ٺڪ ٺڪ جا آواز ايڏا وڏا هُئا جو سمورو پاڙو جاڳي پيو، مان ڀي يا الا خير چئي اٿي دروازي ڏانهن ڀڳس، دروازو کوليم ته زلفي شاهه هٿ ۾ سر جو اڌڙ کڻيو بيٺو هو پاڙي وارا به منهنجي دروازي تي بيٺا هُئا اڙي زلفي اهو ڇا دروازو سر جي اڌڙ سان ٺڪ ٺڪ ڪري کولائبو آهي ڇا، چوڻ لڳو اڙي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جا سيڪريٽري مان سڀاڻي آچر واري دستوري گڏجاڻي ۾ ڪونه ايندس، سو سوچيم ته جيڪو چار سٽو رات گهڙيو اٿم سو توکي ٻُڌائي اچان،اڙي الله شل تنهنجو ٻيڙو تاري سنگت جا ٻيا به ٻٽيهه ميمبر آهن انهن جي دروازي تي سروٽو کڻي ٺڪ ٺُڪ ڪري انهن جي ننڍ ڦٽائين ها ۽ انهن کي شاعري ٻُڌائين ها مون سميت پاڙي وارن جي ننڍ ڇو ڦٽائي اٿئي، چوڻ لڳو منهنجي شاعريءَ کي رڳو تون سمجهندو آهين جو دستوري گڏجاڻين ۾ منهنجي شاعري ءَ تي واهه واهه ڪري مونکي ڪولڊ ڊرنڪ ، چانهه جي پيالي پياريندو آهين ، اڙي زلفي اڙي چريا اڙي ڀوڪ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري جي حيثيت سان اها منهنجي مٿي جي ڀري آهي جو مونکي سنگت جي آفيس جو ٻوهارو ڏيڻ کان وٺي، پاڻي جو ڪولر ڀرڻ پاڻي جي ڪولر ڀرڻ کان وٺي سڀني اديبن ، شاعرن ڪهاڻيڪارن جي سُٺي توڻي خراب تخليقن تي ڳنڍ بڌي واهه واهه چوڻو آهي چريو زلفي شاهه منهنجي انهي ڳالهه کي سمجهي ڪونه سگهيو، حق الله جو نعرو هڻي چوڻ لڳو ته گهر وارن کي چئو ته منهنجي لاءِ اسپيشل دوده پتي چانهه ٺاهي موڪلين ۽ تون منهنجو نئون چارسٽو سامهون پيل ابڙن جي گهر جي سيڙهين تي ويهي ٻُڌ، ير مري ويس صُبح صُبح چريو شاعر مٿي ۾ لڳي ويو ، ماسات سڳوري اڳ ۾ ئي منهنجي ادبي شاعر دوستن کان بيزار ويٺي آهن چانهيون ڪاڙهي ڪاڙهي مونکي اڳ ۾ ئي وارننگ ڏيئي چُڪي آهي ته تنهنجا اهي مُئا شاعر آيا ته شاعرن سان گڏ توکي به ست سُرين سان گڏ گهر نيڪالي ڏئي ڇڏيندس سو زُلفي شاهه کي چيم ته چانهه پوءِ پيون ٿا تون صرف پنهنجو چار سٽو ٻُڌائي ۽ منهنجي جند ڇڏ، چوڻ لڳو سيڪريٽري ير چانهه کان سواءِ شاعري ڪيئن ٻُڌايان ، مون چيومانس ته ڀوڪ جيڪو چريو شاعر هوندو آهي اهو ته چانهه به پياريندو آهي ۽ پنهنجي شاعري به ٻڌائيندو آهي يار تون ته پنهنجي شاعري به ٻُڌائين پيو ۽ چانهه به مُنهنجي پين ٿو، چوڻ لڳو تون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري آهين وري ووٽ ڪونه وٺڻو اٿئي ڇا؟ سوچيم تي زلفي شاهه جهڙا چريا شاعر به اهو ڄاڻن ٿا ته ووٽ لاءِ هرڪو گڏهه کي به پيءُ بنائي ڇڏيندو آهي ,زلفي زلفي تون پنهنجو چار سٽو منهنجي مٿي ۾ هڻ ته جان ڇُٽي : پاڻ پنهنجي کيسي مان وٽيل سٽيل پنو ڪڍي جيڪو چار سٽو ٻُڌايو ان جي ٻُڌڻ کانپوءِ زلفي شاهه جي شڪل بلڪل هوبهو سندس لکيل چار سٽي جهڙي لڳي رهي هُئي کيس هڪ منٽ چئي گهران پنهنجي سنڌ سلامت جي ڪئميرا کڻي آيس سندس ٻه چار پوز جيڪي هن چارسٽي جي ڊزائن ۾ آهن ڪڍي ورتم فيصلو توهان تي ڇڏيان ٿو ته واقعي زلفي شاهه سندس چار سٽي جهڙو لڳي رهيو آهي يا نه ؛

چارسٽو
شاعر: مورڙو دودو يوسف حسين خاڪي شاهه زلفي قيس ڪاظمي ٽنڊو محمد خان

وقت کان اڳ ۾ ئي پوڙها ٿِي ويا آهيون
جانان تنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿيِ ويا آهيون
ڌندَ ڀڄي پيا اکيون ڪم نٿيون ڪن ،
ڪنن کان وري ٻوڙا ٿِي ويا آهيون۔۔۔۔۔!!
جانان تنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿيِ ويا آهيون
ڌندَ ڀڄي پيا اکيون ڪم نٿيون ڪن ،
ڪنن کان وري ٻوڙا ٿِي ويا آهيون۔۔۔۔۔!!